مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف جي شروعاتي مرحلي ۾ گهر ڀاتين کي طلب نه ڪرڻ جي درخواست

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف مني لانڊرنگ ريفرنس جي شروعاتي مرحلي ۾ گهر ڀاتين کي طلب نه ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ مسلم ليگ ن جو صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته حمزه شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي ان ڪري کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. شهباز شريف پنهنجي وڪيل امجد پرويز جي ذريعي عدالت کي درخواست ڪئي ته گهر ڀاتين کي شروعاتي مرحلي ۾ طلب نه ڪيو وڃي، ان تي فاضل جج چيو ته قانون مطابق شريڪ ملزمن کي پيش ٿيڻو آهي، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو