مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، چوويهه ڪلاڪن دوران چوڏهن مريض حياتيون وڃائي ويٺا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ وڌي 11 هزار 627 ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض ڪورونا وگهي حياتيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تارن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 825 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 30 هزار 200 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 11 هزار 627 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 11 هزار 814 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 14 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کانپوءِ گڏيل فوتين جو انگ 6 هزار 759 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ هڪ لک 44 هزار 449، پنجاب ۾ هڪ لک 3 هزار 314، خيبر پختونخواهه ۾ 39 هزار 189، اسلام آباد ۾ 19 هزار 300، بلوچستان ۾ 15 هزار 859، آزاد ڪشمير 3 هزار 889 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 2 سئو انگ ٿي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو