مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مسلم ليگ ن جو صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قائد حزب اختلاف شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب به گڏ هئا. ڪراچي پهچڻ تي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ايئر پورٽ لاؤنج تي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب شهباز شريف ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو، گڏيل پليٽ فارم تان اپوزيشن جي عملي جدوجهد بابت خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ ٻيهر شموليت بابت فيصلو ٿيندو، جڏهن ته اجلاس ۾ اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ تي پڻ بحث ٿيندو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو