مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مراد علي شاهه جو دٻاءُ هو ته مزار تي نعريبازي ڪندڙن کي ڪجهه نه ڪيو وڃي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سيد مراد علي شاهه جي دٻاءُ باوجود پوليس قائداعظم جي مزار تي نعريبازي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي. انصاف هائوس ۾ خرم شير زمان ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته گذريل ڏينهن قائداعظم جي مزار جو تقدس پامال ڪيو ويو، سنڌ پوليس حڪومت جي ماتحت آهي. هن چيو ته وڏي وزير جو ڀرپور دٻاءُ هو ته قائداعظم جي مزار تي نعريبازي ڪندڙن کي ڪجهه نه ڪيو وڃي، پر پوءِ به پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن تي ان کي خراج پيش ڪيون ٿا. ان موقعي تي خرم شير زمان چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 10 ڪلاڪ پوليس اسٽيشن ۾ موجود رهيس ۽ گهر وڃي سمهي پيس، پوءِ صبح ساڍي پنجين وڳي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. هن چيو ته انهن سياستدانن جو پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي، 60 کان 70 ڪروڙ رپيا جلسي تي خرچ ڪيا ويا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو