مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شبلي فراز ٻڌائي ته هاڻي وزير اعظم ڪٿي لڪيل آهي: نفيسه شاهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته شبلي فراز ٻڌائي ته ڪراچي واقعي کان پوءِ وزير اعظم ڪٿي لڪي ويو آهي.

وفاقي وزير شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي پ پ اڳواڻ نفيسه شاهه چيو ته ڪراچي واقعي بابت جاچ رپورٽ ۾ سڀ واضح ٿيندو ته ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا چهرا ملوث هئا، بلاول ڀٽو جي بروقت مداخلت هنن جي سازش کي ناڪام بڻايو. وفاقي وزير ٻڌائي ته ڪراچي واقعي کان پوءِ وزير اعظم ڪٿي لڪيل آهي.

هن چيو ته  شبلي فراز صاحب حوصلو ڪيو اڃان ته پي ڊي ايم جا رڳو ٻه جلسا ٿيا آهن، مخالف ڌر کي ڇڏيو پنهنجي فڪر ڪيو حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اڄ شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس ۾ مخالف ڌر تي تنقيد دوران سندس منهن تي پريشاني واضح هئي، پي ڊي ايم جي تحريڪ نااهل حڪومت جي خلاف هڪ تاريخي تحريڪ ثابت ٿيندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو