مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ گاڏين جي رجسٽريشن بُڪ بدران سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ گاڏين جي رجسٽريشن بُڪ بدران سمارٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تي عملدرآمد ٻن کان ٽن هفتن ۾ شروع ٿي ويندو. آءِ آءِ چندريگر روڊ ڪراچي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات شعيب احمد صديقي، صوبائي وزير مڪيش چاولا کي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ چيو ويو ته عمارت ۾ ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ جلد سهولت سينٽر قائم ڪيو ويندو. ان دوران مڪيش چاولا گاڏين جي رجسٽريشن بُڪ ۽ سيڪيورٽي فيچرز نمبر پليٽ جي حوالي سان صوبائي حڪومت جي قدمن بابت آگاهي ڏني. ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير چيو ته سمارٽ ڪارڊ وٽ گاڏي جي مالڪ ۽ گاڏي جو سمورو ٽيڪس رڪارڊ هوندو، گاڏين جي سيڪيورٽي فيچرز ۽ نمبر پليٽون پڻ تيار هونديون. مڪيش چاولا چيو ته ڪورونا وائرس جي مشڪل صورتحال باوجود سنڌ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مالي سال 19-2020 دوران 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس جو هدف حاصل ڪري چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو