مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ ۾ مافيا آپريشن ڪري رهي آهي، مڪمل تباهي آهي ۽ حڪمران مزا ماڻي رهيا آهن: چيف جسٽس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها هڪ مڪمل تباهي آهي ۽ سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي جڏهن ته حڪمران رڳو مزا ماڻي رهيا آهن. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ نالين تي قبضن خلاف آپريشن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪمشنر ڪراچي عدالت ۾ غير قانوني قبضن جي معاملي تي رپورٽ جمع ڪرائي جنهن تي سپريم ڪورٽ عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ 38 وڏيون ناليون آهن ۽ 514 ننڍيون ناليون ڊي ايم سيز سان گڏ آهن، اين ڊي ايم اي ٽن وڏن نالين جي صفائي تي ڪم ڪري رهي آهي. عدالت سنڌ سرڪار ۽ مڪاني حڪومت بابت رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو