مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت واپارين اڳيان بي وس، ڪاروبار جي وقت ۾ واڌ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت واپارين جي احتجاج تي ڪاروبار جو وقت وڌائي ڇڏيو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري وقتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت بازارون رات 8 وڳي تائين کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مارڪيٽ ايسوسيئيشنز، مالڪ ۽ شهري ايس او پيز جو خيال ڪن، دڪاندار ۽ خريدار سميت هر شخص ماسڪ پائي.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز تحت ڪاروبار صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، جنهن کي واپارين رد ڪندي جمعي کان مارڪيٽون ۽ دڪان کليل رکڻ جو اعلان ڪيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو