مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا فرنٽ لائين ورڪرن لاءِ هيلٿ الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعليٰ سنڌ ڪورونا فرنٽ لائين ورڪرز لاءِ هيلٿ الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سنڌ سرڪار گريڊ ون کان 16 تائين 17000 رپين جو هيلٿ الائونس منظور ڪيو آهي. جڏهن ته گريڊ 17 ۽ ان کان وڌيڪ لاءِ 35 هزار رپيا الائونس منظور ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پوسٽ گريجوئيٽس لاءِ 15000 رپيا، هائوس آفيسرن لاءِ 10 هزار ۽ نرسنگ شاگردن لاءِ 5 هزار رپيا منظور ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سنڌ ۾ هيلٿ الائونس جي منظوري تي چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڊاڪٽرن کي سنڌ جي طرز تي  الائونس ڏنو وڃي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته طبي عملي کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جن کي انهن جي جان جو خطرو آهي ۽ وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سان وڙهندڙ فرنٽ لائين ڪارڪنن کي مڪمل مدد ڏئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو