مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حڪومت اسحاق ڊار کي واپس نه موٽائي سگهي ته نواز شريف کي ڪيئن ٿي گهرائي سگهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيپلز پارٽي جي سينئر رهنما خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اسحاق ڊار کي واپس نه موٽائي سگهي ته نواز شريف کي ڪيئن ٿي گهرائي سگهي. احتساب عدالت سکر ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ليڊر آف اپوزيشن بڻجڻ تي به الائونس نه ورتو، سڀ ڏسي رهيا آهن ته مون سان ناانصافي ٿي رهي آهي، پر رات کانپوءِ صبح ضرور ٿيندو آهي. پ پ رهنما جو چوڻ هو ته نيون نيون ڳالهيون ٻڌون پيا جيڪي اڳ ڪڏهن نه ٻڌيون هيون، هي ماڻهو اسحاق ڊار کي واپس نه موٽائي سگهي ته نواز شريف کي ڪيئن ٿا گهرائي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته آئون پارليامينٽ جي ڳالهه ڪندو هئس ۽ منهنجي ڪوشش هوندي هئي ته پارليامينٽ ۾ قانون سازي ٿئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو