مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جعلي اڪائونٽ ڪيس: آصف زرداري تي وڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي هڪ دفعو ٻيهر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو جنهن ڪري عدالت هاڻ وڊيو لنڪ ذريعي 6 جولاءِ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن پنهنجي مؤڪل جي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست ڪئي. فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته يوسف رضا گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو هو ته ان کي ڪورونا وائرس ٿي ويو ۽ آصف زرادري لاءِ سفر ڪرڻ مشڪل آهي، هن جي عمر وڌيڪ آهي ۽ ڪورونا جو خطرو به آهي. ان تي جج اعظم خان مڪالمو ڪيو ته توهان به پيش ٿي رهيا آهيو ڇا توهان کي زندگي پياري ناهي، جڏهن توهان پيش ٿي رهيا آهيو ته پوءِ آصف زرداري کي به گهرائي وٺو، جيڪڏهن وڌيڪ مسئلو آهي ته ان کي الڳ گهرائي کانئس صحيح وٺو. ان کانپوءِ عدالت آصف زرداري جي غيرحاضري سبب ان تي فرد جرم لاڳو نه ڪيو ۽ 6 جولاءِ تي وڊيو لنڪ ذريعي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن کي به فرد جرم ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو آهي جڏهن ته نيب کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو