مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تحريڪ شروع ٿي وئي، انشاءَ الله هن حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جمعيت علماءِ اسلام(ف) ۽ اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان پنهنجي تحريڪ کي آخري حد تائين پهچائي ساهه کڻنداسين ۽ انشاءَ الله هن حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين. چار سده ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان ڌانڌلي ذريعي چونڊجي آيل حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو آهي ۽ سڀ هڪ پليٽ فارم تي آهيون. موجوده حڪمرانن پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪمرانن غريب ماڻهو جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. عوام مهانگائي سبب پريشان آهي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته توهان جي ڪرسي جي ڪابه حيثيت ناهي. اسان توهان جي حڪمراني کي رد ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته 16 آڪٽوبر تي گوجرانواله ۾ عوام جو سمنڊ هوندو. پي ڊي ايم سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. انشاءَ الله هنن کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي وڙهڻ چاهيون ٿا. تحريڪ شروع ٿي وئي آهي هاڻ منزل تي وڃي بيهنداسين ۽ هن تحريڪ کي آخري منزل تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو