مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اختر مينگل جي مريم نواز سان ملاقات، پي ڊي ايم پليٽ فارم حڪومت کان ڇوٽڪاري جو واحد حل قرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بي اين پي سربراهه اختر مينگل مريم نواز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پي ڊي ايم جي پليٽ فارم کي حڪومت کان ڇوٽڪاري جو واحد حل قرار ڏنو آهي. سربراهه بلوچستان نيشنل پارٽي اختر مينگل جاتي امراءَ ۾ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال، بيروزگاري ۽ مسلسل وڌندڙ مهانگائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پي ڊي ايم جي تحت ٿيندڙ هينئر تائين جي سمورن جلسن کي ڪامياب قرار ڏنو. پارٽي ذريعن موجب سربراهه بلوچستان نيشنل پارٽي اختر مينگل مريم نواز سان ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خيريت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. مريم نواز ۽ اختر مينگل پشاور ڌماڪي ۽ اپوزيشن اڳواڻن جي خلاف بغاوت جي ڪيس جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جو پليٽ فارم ئي حڪومت کان ڇوٽڪاري جو واحد حل آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو