مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آصف علي زرداري ڪلفٽن ڪراچي وارو گهر ڪرپشن مان ٺاهيو: نيب جو عدالت ۾ جواب.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قومي احتساب بيورو (نيب) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري کي ڪلفٽن ڪراچي ۾ گهر منجمد ڪرڻ جي خلاف عدالت ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف 8 ارب رپين جي مشڪوڪ ٽرانزيڪشن تي نيب جواب داخل ڪيو جنهن ۾ جاچ جي پيش رفت کي به آگاهي ڏني وئي. نيب پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته ان ڳالهه جا پختا ثبوت آهن ته آصف علي زرداري جو ڪلفٽن ڪراچي ۾ هي گهر ڪرپشن سان ٺهيل آهي، نيب کيس هن گهر بابت هڪ سوالنامو ڏنو، جنهن جو ڪو جواب نه ڏنو ويو. نيب عدالت کي ٻڌايو ته آصف علي زرداري جي اسٽينو گرافر گهر جي خريداري لاءِ رقم ادا ڪئي، اسٽينو گرافر مشتاق جي اڪائونٽ مان گھر جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا ۽ اسٽينو گرافر مشتاق احمد اڳوڻي صدر سان 104 پرڏيهي دورا ڪيا. اسٽينو گرافر مشتاق کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو فرار ٿي ويو. نيب چيو ته آصف علي زرداري ڪلفٽن ڪراچي ۾ گهر خريدڻ جو ڪوبه ثبوت فراهم نه ڪري سگهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو