مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آصف زرداري ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس خارج ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري احتساب عدالت کي ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس خارج ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان آصف علي زرداري جي خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اڳوڻو صدر عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي آصف علي زرداري جي ڌيءَ آصفه زرداري ۽ ڀيڻ فريال ٽالپر پڻ عدالت جي ڪمري ۾ موجود هيون. ٻڌڻي جي شروعات تي ئي آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي صدر ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس کي ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. آصف زرداري درخواست ۾ موقف ڏنو ته ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جو ضمني ريفرنس خارج ڪري کيس بري ڪيو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو