مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزير اعظم طرفان غير ملڪي ڪارون ٺاهڻ واري ڪمپني ووڪس ويگن کي ملڪ ۾ ڪارون ٺاهڻ تي ڀليڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي طرفان جرمني جي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ووڪس ويگن جي پاڪستان ۾ ڪارون ٺاهڻ جي فيصلي کي ڀليڪار ڪيو. ان سان گڏ هن ڪمپني کي پوري طرح حڪومت جي سهڪار جو به يقين ڏياريو آهي. وزير اعظم ڪمپني جي نمائندي سان ملاقات ۾ هن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ سازگار ماحول موجود آهي، جتي حڪومت پاران به سيڙپڪاري کي مڪمل پٺڀرائي فراهم ڪئي ويندي. هن اهو به چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ملڪي توڙي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سٺو ماحول جڙيل آهي. امن ۽ امان جي صورتحال به اطمينان جوڳي آهي. ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان ٽي جاپاني ڪار ٺاهيندڙ ڪمپنين جو راڄ هلي رهيو آهي. وزير اعظم اهو به چيو ته CPEC جي ڪري هن وقت ملڪ ۾ روڊن جو به سٺو ڄار وڇائجي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ سٺو موقعو آهي ته ٻاهر جون هي ڪمپنيون پاڪستان ۾ اندر رهي ڪري ڪارون ٺاهين ۽ هتي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائين. آخر ۾ وزيراعظم ان اميد جو به اظهار ڪيو ته هي ڪمپني پاڪستان ۾ بين الاقوامي معيار جون ڪارون آڻي بين الاقوامي معيار کي هٿي ڏياريندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو