مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آصف زرداري خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان راولپنڊي منتقل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڄ صبح بينڪنگ ڪورٽ ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر پيش نه ٿيا جڏهن ته حسين لوائي، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جي حاضري لڳائي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس کي ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، جنهن کان بعد آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، نمر مجيد ۽ ذوالقرنين مجيد ۽ ٻين جون ضمانتون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ضمانتون رد ٿيڻ بعد آصف علي زرداري عدالت پهتو ۽ پنهنجي وڪيلن سان قانوني مشاورت شروع ڪئي. عدالت پهچڻ تي صحافين کانئس سوال ڪيو ته توهان جو ڪيس راولپنڊي منتقل ڪيو ويو آهي ان تي توهان ڇا چوندا. جنهن تي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي جج ۽ منهنجو وڪيل ان بابت راءِ ڏيئي سگهن ٿا.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو