گاديءَ جي شهر اسلام آباد کي صوبي واري حيثيت ڏيڻ جون تياريون شروع
ڪنهن به ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ان جي سياسي ۽ سفارتي سرگرمين جو مرڪز هوندو آهي، پر جڏهن ان شهر ۾ بي ترتيب واڌ ۽ آبادي وڌندي آهي ته شهر ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن. اسلام آباد به هن وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سي ڊي اي جي غفلت ۽ وقت سر سستا هائوسنگ پروجيڪٽ نه ٺاهڻ ۽ زمينن تي لينڊ مافيا جي قبضن کي نه روڪڻ سبب هن وقت شهر جي چوڌاري ڪچيون آباديون قائم ٿي چڪيون آهن. جن ۾ ڪي پي ڪي، جي بي، آزاد ڪشمير ۽ ٻين ڪيترن ئي اترئين علائقن کان ماڻهو اچي آباد ٿين ٿا، جنهن سان شهر جي اندر جتي سستو ليبر مهيا ٿئي ٿو ته اتي بدامني جو سلسلو به وڌي وڃي ٿو. هن وقت ملڪ ۾ وزير داخلا جي هڪ بيان کانپوءِ نون صوبن ٺاهڻ جو چوٻول اڳ ۾ ئي پکڙيل آهي، هاڻي گڏوگڏ اسلام آباد کي به هڪ صوبي واري حيثيت ڏيڻ جي باقاعده ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ شروعات ٿي چڪي آهي. وزيراعظم هڪ ڪميٽي تيار ڪري ڇڏي آهي، جيڪا دنيا جي تيرهن بين الاقوامي گاديءَ جي هنڌن جي طرز تي حڪمرانيءَ جو جائزو وٺندي ته جيئن اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري گورنمينٽ (ICTG) جي حوالي سان سفارشن کي آخري شڪل ڏني وڃي.
هن وقت ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جو سڄو نظام زمينن جي نيلامي، بلڊنگن جا پلان پاس ڪرڻ ۽ ڪمرشل فيون حاصل ڪرڻ مان هلندو آهي. اسلام آباد کي هن وقت گاديءَ جي هنڌ مان هڪ صوبي ۾ تبديل ڪرڻ سان ڪيترائي آئيني ۽ انتظامي مسئلا اڀري اڳيان ايندا. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته دنيا جا تيرهن مختلف ملڪ جن پنهنجي گاديءَ جي هنڌن کي وفاقي يا بااختيار شهري يونٽن ۾ به تبديل ڪيو آهي، اهي تمام بهتر نموني ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ واشنگٽن ڊي سي آمريڪا جيڪو ڪنهن به رياست جو حصو ناهي، پر ان جو هڪ ميئر ۽ مقامي ڪونسل هوندو آهي، ان جي ماليات ۽ قانونن جي آخري منظوري ڪانگريس ڏيندي آهي. ڪينمبرا آسٽريليا جي گاديءَ جو هنڌ جنهن وٽ پنهنجي علاقائي اسيمبلي ۽ وزيراعليٰ پڻ هوندو آهي. نئين دهلي ۾ چونڊيل اسيمبلي وڏي وزير سان هلائي ٿي وڃي، پر پوليس، امن امان ۽ سينٽرل انتظاميه، مرڪزي حڪومت جي مڪمل ڪنٽرول ۾ آهن. اهڙيءَ طرح برازيل، ميڪسيڪو سٽي، بيونس آئرس، ارجنٽائن، لنڊن، ماسڪو، برلن، ڪوالالمپور، نائيجيريا، انقرا، بغداد اهي گاديءَ جا هنڌ آهن جيڪي هڪ صوبي وانگر به ڪم ڪن ٿا. جڏهن ته هن وقت اسلام آباد صرف هڪ گاديءَ جي هنڌ طور ڪم ڪري رهيو آهي ان کي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان گاديءَ جي هنڌ مان صوبو ٺاهڻ جي ضرورت پوندي.
ان کانپوءِ هن کي وفاقي علائقي مان مٽائي صوبو لکڻ لاءِ پڻ آئين جي آرٽيڪل 1 ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي. گڏوگڏ اهو به ڏسڻو پوندو ته ارڙهين ترميم مطابق اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جو حصو گهٽائي نٿو سگهجي، ان لاءِ آرٽيڪل جي 160 (3A) ۾ پڻ تبديلي ڪرڻي پوندي ته جيئن اسلام آباد صوبي کي مالياتي ايوارڊ مان حصو ملي سگهي. ان کان علاوه سي ڊي اي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ايڊمنسٽريشن ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي وچ ۾ اختيارن جو ٽڪراءَ اسلام آباد جي گورننس جو سڀ کان وڏو ۽ پراڻو مسئلو رهيو آهي، صوبي ٺهڻ کانپوءِ ٻنهي ادارن جي وچ ۾ زمينن جي مالڪي ۽ ريئل اسٽيٽ آمدني جي مسئلن تي اختلاف پيدا ٿي سگهن ٿا، صوبو ٺهڻ کانپوءِ نئين صوبائي اسيمبلي اها دعويٰ ڪري سگهي ٿي ته صوبن جي حدن اندر موجود سرڪاري زمين صوبائي آئيني ملڪيت هوندي، جنهن کانپوءِ صوبائي حڪومت، سي ڊي اي ۽ آءِ سي ٽي جي وچ ۾ هڪ اهڙو تڪرار شروع ٿي سگهي ٿو جيڪو گاديءَ جي شهر جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃي. هن وقت اڃان اسلام آباد جي صوبي ۾ تبديل ٿيڻ واري رٿ تجويز جي مرحلي ۾ آهي. سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ تيزيءَ سان بحث هلي رهيو آهي. وزير اعظم پاران اسلام آباد لاءِ هڪ نئين بااثر انتظامي ۽ آئيني فريم ورڪ جي حڪم کانپوءِ عالمي ماڊلز مان رهنمائي وٺي ڏسجي ته ڪهڙي ماڊل کي وڌيڪ پسنديده سمجهي ان ماڊل تحت اسلام آباد جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪيو ويندو. ان تبديليءَ کانپوءِ پاڪستان جي مسئلن ۾ ڪمي ٿي اچي يا اضافو ٿو ٿئي ان جو فيصلو ته وقت ئي ڪندو ۽ ان جا اثر ملڪ تي ڪهڙا پوندا اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو، اڃان ته سنڌيءَ جي هڪ چوڻيءَ موجب ته “کڳو کوهه ۾ پيو آهي ويڳر پيو ڪٽجي.”
هي مضمون ڪيئن رهيو؟