مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

محمد ذيشان علي جو خلا ۾ پهچڻ پاڪستاني نوجوانن لاءِ خوشخبري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي پٺتي رکيو ويو آهي. ان جي باوجود عوام اندر ايتري سگهه موجود آهي جو جڏهن نوجوانن کي ڪوبه پليٽ فارم ملي ٿو ته اهي پنهنجي ان سگهه تحت سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ دنيا سان گڏ بيهڻ جي صلاحيت ڏيکارين ٿا. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي (CMSA) جنهن جو خلائي جهاز ۽ مشن شينزو-24 زمين تان پنهنجي خلائي اسٽيشن تيانگونگ جيڪو اڳ ۾ ئي خلا ۾ موجود هو ان سان ڳنڍجي ويو. 16 سيپٽمبر 1961ع تي پاڪستان جو ادارو اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن(SUPARCO) قائم ڪيو ويو، جيڪو نوبيل انعام يافته سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جي صلاح ۽ تجويز تي قائم ٿيو. ڊاڪٽر عبدالسلام پاڻ سپارڪو جو باني چيئرمين هو، هن شروعاتي سالن ۾ پاڪستاني سائنسدانن کي تربيت لاءِ آمريڪا (NASA) موڪليو ۽ بلوچستان جي علائقي سونمياڻي ۾ راڪيٽ لانچنگ رينج پڻ تعمير ڪرائي.
1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڀارت جي اداريISRO کان اڳ جنهن تيزيءَ سان سپارڪو جي تعمير ٿي پاڪستان ايشيا جي اڳواڻ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو. بدقسمتي سان 1970ع واري ڏهاڪي کانپوءِ ان جي رفتار سست ٿي وئي. آئيني ترميمن کانپوءِ مذهبي تعصب سبب سپارڪو جي باني ڊاڪٽر عبدالسلام کي ملڪ ڇڏڻو پيو. 1974ع ۾ ڀارت جي ايٽمي ڌماڪي کانپوءِ پاڪستان جي حڪومتن جو سڄو ڌيان ايٽمي پروگرام طرف هليو ويو ۽ خلائي تحقيق پسمنظر ۾ هلي وئي. سپارڪو کي يونيورسٽين ۽ نوجوان سائنسدانن سان ڳنڍڻ بدران بند دروازي پويان رکيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ISRO چنڊ ۽ مريخ تائين پهچي ويو ۽ پاڪستان پٺيان رهجي ويو، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت پاڪستان جو نوجوان سائنسدان ۽ خلاباز محمد ذيشان علي پاڪستان جي دوست ملڪ چين جي خلائي مشن ۾ پيلوڊ اسپيسلسٽ سائنسدان طور خلا ۾ پهچي چڪو آهي، جتي هو خلائي اسٽيشن ۾ موجود خاص سائنسي اوزارن، تجرباتي سامان يا تحقيقاتي مواد کي خلا ۾ پهچائڻ ۽ انهن تي سائنسي تجربا ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي لاءِ خلا ۾ رهندو. جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جا گڏيل سائنسي تجربا جن ۾ حياتيات، طب، زرعي ٻجن تي خلائي اثرن يا نون مادن جي جاچ جا تجربا ڪندو. پاڪستان جي سڀني يونيورسٽين ۽ تعليمي نظام ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ تنقيد سان گڏوگڏ عقليت پسندي کان سوچيل سمجهيل طريقي سان هڪ پاليسيءَ تحت اهڙو تعليمي نظام جوڙيو ويو آهي، جنهن سماج کي فڪر ۽ شعور کان خالي ڪري اهڙي سماج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هن وقت فڪري جمود جو شڪار آهي.
جڏهن ته اسان کي دنيا سان گڏ پنهنجن نوجوانن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳتي وڌائڻ جي ڀرپور ضرورت آهي. محمد ذيشان علي جي چيني خلائي مشن ۾ شامل هجڻ سان خلائي پروگرامن ۾ دلچسپي رکندڙ نوجوانن پنهنجين اکين ۾ خلا تائين پهچڻ جا خواب سينگارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ضروري آهي ته اسان پنهنجي تعليمي نظام کي اهڙي طريقي سان ترتيب ڏيون جتي اسان مستقبل جا معمار پيدا ڪري سگهون. ڇو ته مستقبل جون جنگيون، سيٽلائيٽس ۽ اسپيس ذريعي وڙهيون وينديون. ان لاءِ اسان کي هينئر ئي پنهنجو بنياد رکڻو پوندو. اسڪولن کان وٺي ڪاليجن تائين ۽ يونيورسٽين تائين هڪ اهڙو سائنسي ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، جتي اسان پنهنجا ذاتي خلائي مشن تعمير ڪري پنهنجا سيٽلائيٽ انفرادي طور تي موڪلي سگهون ۽ دنيا جي هن تيز رفتار ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ ٻين ملڪن سان قدم ملائي هلي سگهون. ڇو ته مستقبل ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي معاشي بقا ۽ بيروزگاريءَ جو حل فراهم ڪندي. جنهن جي ذريعي اسان موسمياتي تبديلين ۽ زرعي بحرانن جو مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. ان لاءِ اسان کي پرڏيهي قرضن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ئي پلاننگ ڪري پنهنجون ترجيحون طئي ڪرڻيون پونديون. اسان کي ان فڪري انتهاپسندي جو خاتمو ڪرڻو پوندو جيڪا عقليت پسنديءَ تي غالب اچي چڪي آهي. مادري ٻولين جنهن ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ ۾ ٻارن کي سائنسي تعليم ڏيڻي پوندي ته جيئن سندن ذهن آزاد ٿي سوچي سگهن. ڇو ته پاڪستان وٽ هاڻي نه گهڻو وقت آهي نه ئي ٻيو ڪو رستو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم زنده رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو واحد رستو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو