مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ارڙهين ترميم وفاق ۾ سنڌ جي نوڪرين جو حصو ۽ نون صوبن جو راڳ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

2010ع ۾ اتفاق راءِ سان منظور ٿيل ارڙهين آئيني ترميم جو مقصد صوبن کي انتظامي ۽ مالياتي خود مختياري ڏيڻ هو، پر 16 سالن گذرڻ باوجود EOBI ورڪرز ويلفيئر فنڊ، قدرتي وسيلن جي گڏيل مالڪي (آرٽيڪل 172)، اين ايف سي ايوارڊ ۽ وفاقي نوڪرين ۾ صوبن جي پوري حصي جهڙن بنيادي، آئيني گهرجن تي اڃان تائين مڪمل عمل نه ٿي سگهيو آهي. اها ترميم جنهن ۾ چئني صوبن جو مڪمل اتفاق راءِ موجود هو، اڄ اهڙي ترميم کي نظر انداز ڪري بلڪه ان کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. نيون آئيني ترميمون ڪري نون صوبن جي بحث جو دٻاءُ خاص طور تي ننڍن صوبن مٿان وڌايو پيو وڃي ته جيئن ارڙهين آئيني ترميم تي مڪمل طور عمل نه ٿي سگهي. بدقسمتي اها آهي ته جيئن آمر حلقن ۾ آئين کي هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، تيئن ملڪ جو عوام به آئين جي طاقت کي نظر انداز ڪندي نظر اچي ٿو. جنهن جو فائدو طاقتور حلقن کي پهچي ٿو. جڏهن ته اهو دستاويز پوري پاڪستان جي عوام جو محافظ آهي ۽ ان کي معطل ڪرڻ يا ان جي خلاف ورزي ڪرڻ هڪ وڏو ڏوهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوام کي اهڙن مسئلن ۾ ڦاسايو ويو آهي جو سندن سوچ پيٽ ڀرڻ کانسواءِ ۽ زندگيءَ جي ننڍين ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان اڳتي نٿي وڃي. سندن فڪر کي فرسوده تعليمي نظام جي ذريعي وڌڻ ۽ ويجهڻ کان روڪيو ويو آهي انهيءَ ڪري اهي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حقن جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ لاءِ تيار ئي نه آهن.
پيپلزپارٽي جي سينيٽر جيڪو سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي آن ڊويليوشن جي ذيلي ڪميٽيءَ جو ڪنوينر آهي، وفاقي نوڪرين ۽ سرڪاري عهدن تي سنڌ جي حصي تي عملدرآمد ۽ ان جي درستگي بابت پنهنجو موقف جاري ڪندو رهندو آهي. آئين جي آرٽيڪل(g) 38 ۾ صوبن لاءِ ڪوٽا جو لفظ نه، پر “حصي” جو استعمال ٿيل آهي ۽ آئين پابند بڻائي ٿو ته رياست چئني صوبن ۽ علائقن کي وفاقي ملازمتن ۾ پنهنجو جائز حصو ڏيندي. پيپلزپارٽيءَ جو سينيٽر به پنهنجي پارلياماني ڪارروائي ۾ “ڪوٽا” بدران “حصو“ جو اصطلاح استعمال ڪندو آهي. جنهن مان صوبن کي پنهنجي آئيني حق جو احساس ۽ استحقاق ملي ٿو. جڏهن ته ڪوٽا جو لفظ خيرات جو احساس ڏياري ٿو. ساڳئي طرح سڀني صوبن جو پنهنجو پنهنجو آئيني حق وفاق جي اندر حصي طور موجود آهي جيڪو انهن کي ملڻ گهرجي. ان کان علاوه پيپلز پارٽي جي سينيٽر اها پڻ گهر ڪئي آهي ته وفاقي سطح تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو 11.4 سيڪڙو ۽ شهري 7.6 سيڪڙو کي گڏي سنڌ جو گڏيل حصو مقرر ڪيو وڃي. جنهن تي اڃان تائين ڪوبه حتمي يا قانوني حڪم جاري ناهي ٿيو. ڇو ته ڌار ڌار حصن تي جڏهن مناسب اميدوار نه ملڻ جي ڪري اهي جايون خالي رهجي وڃن ٿيون ۽ پوءِ ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪيون وڃن ٿيون. ان لاءِ سنڌ جي مجموعي 19 سيڪڙو حصي مان ڀرتيون هڪ ڪارائتو خيال آهي. جنهن مان سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي آباديءَ کي گڏيل نتيجا حاصل ٿيندا.
هن وقت پيپلز پارٽي وفاق ۾ سنڌ جي نوڪرين جي حصي کانسواءِ فنڪشنل ڪميٽي آن ڊويليوشن جي ذريعي ارڙهين آئيني ترميم تحت جيڪي وزارتون، کاتا ۽ ادارا وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻا هئا ۽ اهي اڃان تائين مڪمل طور منتقل نه ٿيا آهن يا وفاقي ادارن ۽ ڪارپوريشنن جا بورڊ جن ۾ صوبن جي آئيني نمائندگي کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. ان کان علاوه قدرتي وسيلن جنهن ۾ تيل، گئس، بجلي ۽ پاڻيءَ جي وسيلن جي انتظام، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلن تي عملدرآمد ۽ قومي مالياتي ڪميشن تحت صوبن جي حقن بابت به سوال اٿاريا ويا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل (g) 38 مطابق رياست تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اها صوبن ۽ علائقن کي وفاقي سرڪاري ملازمتن ۾ سندن جائز حصو فراهم ڪري. هن آرٽيڪل جا اهم ۽ قانوني پهلو هي آهن ته آئين ۾ لفظ “Due Share” جو استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته اهو صوبن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، جنهن حصي کان ننڍن صوبن کي مختلف طريقن سان محروم رکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن آئيني ڍانچي موجب آرٽيڪل 38 مطابق عمل ڪيو ويندو ته ان سان هڪ مضبوط وفاق عمل ۾ ايندو. جڏهن ته هن وقت نظر اهو اچي رهيو آهي ته جن شقن جي عمل ڪرڻ سان وفاق وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي سگهي ٿو ان تي عمل ڪرڻ بدران وفاق کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ يا نون صوبن جهڙا ڊراما رچائي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اميد آهي ته آرٽيڪل (g) 38 تي عمل ڪري نه صرف سنڌ، بلڪه بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کي به وفاق ۾ انهن جو سرڪاري نوڪرين ۾ حصو احترام سان ڏنو ويندو ۽ انهن جي خالي رهيل حصن تي ڪنهن به اهڙي ماڻهو کي ڀرتي نه ڪيو ويندو جنهن جو تعلق انهن صوبن سان نه هجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو