اڪيڊمڪ فريڊم سروي انڊيڪس 2026ع ۽ عوامي رٽ جي ڪمزوري
اڪيڊمڪ فريڊم انڊيڪس عالمي سطح تي علمي ۽ تحقيقي آزاديءَ جو جائزو وٺندڙ مستند سالياني رپورٽ آهي. جنهن ۾ 2300 کان وڌيڪ ماهر ۽ محقق راءِ ڏيندا آهن، جنهن ۾ تحقيق ۽ تدريس جي آزادي، علمي مٽاسٽا، يونيورسٽين جي انتظامي خود مختياري، ڪئمپس جي سالميت ۽ علمي اظهار راءِ جي آزادي جي بنياد تي هر ملڪ جي درجابندي ڪئي ويندي آهي. 179 ملڪن ۽ علائقن کي اڪيڊمڪ فريڊم جي اسڪور موجب قطار ۾ بيهاريو وڃي ته پاڪستان هيٺئين حصي ۾ 20 کان 30 سيڪڙو تي اچي ٿو. جنهن ۾ تحقيق ۽ تدريس ۾ مداخلت يا دٻاءُ، يونيورسٽين جي انتظامي ۽ مالي خود مختياري، ڪئمپس اندر پابنديون، خوف جو ماحول، راءِ جو اظهار ۽ ٻاهرين علمي رابطن جي آزادي شامل آهن. اي ايف آءِ جي بنيادي پيمانن جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ علمي ۽ تحقيقي آزاديءَ جو دائرو بيحد محدود ۽ دٻاءُ هيٺ نظر اچي ٿو. حساس سياسي سماجي موضوعن تي لکڻ، پڙهائڻ يا تحقيق ڪرڻ وقت استادن ۽ محققن کي احتياط ۽ خود سينسرشپ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. يونيورسٽي کان ٻاهر ميڊيا يا عالمي علمي فورمن تي آزاد راءِ ڏيڻ لاءِ سخت دٻاءُ رهي ٿو. جڏهن ته وائيس چانسلرن جي تقرري، بورڊ جي فيصلن، بجيٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ حڪومتي، وزارتي ۽ بيوروڪريسي جي مداخلت ادارن جي خود مختياري کي ڪمزور ڪيو آهي. ڪئمپس اندر گڏجاڻين لاءِ اجازت نامن ۽ انتظامي پابندين وارو خوف وارو ماحول علمي ماحول کي متاثر ڪري ٿو. علمي مٽاسٽا، بين الاقوامي ڪانفرنسون جن ۾ مالي تنگي، ويزا يا انتظامي رڪاوٽون ان سڄي عمل کي ڪمزور ڪن ٿيون. هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت جنهن زوال جو شڪار آهي ۽ سياستدان خود جمهوري قدرن مطابق سياست ڪرڻ کان مجبور آهن ان جو سبب به اهو آهي ته يونيورسٽين اندر ماحول کي انتهائي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.
سماج کي ترقي ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽيون اهڙي جاءِ آهن جتان نوان خيال ۽ نوان ذهن دستياب ٿين ٿا. سماج جي ترقي، جمهوري استحڪام ۽ معاشي خوشحالي جو دارومدار عوام جي حقيقي سياسي رٽ (اختيار) ۽ تعليمي ادارن اندر فڪري ۽ علمي آزادي يعني اڪيڊمڪ فريڊم تي هوندو آهي. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته ٻئي جمود جو شڪار نظر اچن ٿا. صرف ووٽ وجهڻ يا ڪنهن مسئلي تي نعرا هڻڻ عوامي طاقت ناهي. جيستائين عوام اندر اهو اجتماعي شعور پيدا نٿو ٿئي جنهن جي ذريعي پنهنجن وسيلن، پاليسين ۽ مستقبل جا فيصلا پاڻ ڪري سگهن تيسين سياسي رٽ جو سوال سوال ئي رهندو. اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي سان يونيورسٽين اندر پيدا ٿيندڙ باشعور قيادت کي انجنيئرنگ ڪري ختم ڪيو ويو آهي. جنهن جي ذريعي معاشي، معاشرتي ۽ سياسي ارتقا کي سست ڪيو ويو آهي. هن وقت يونيورسٽين ۾ اڪيڊمڪ فريڊم تي اڻ لکيا پهرا لڳل آهن. حساس سماجي، معاشي ۽ تاريخي موضوعن تي آزاد تحقيق جا دروازا بند ٿيل آهن، ايستائين جو سائنسي موضوعن تي سيمينارن بجاءِ عقيدن تي سيمينار ڪرايا وڃن ٿا. اسان کي پنهنجي يونيورسٽين مان اهي ماهر جيڪي زراعت، پاڻيءَ جي ورڇ، توانائي ۽ گڊ گورننس بابت غير جانبدار تحقيق ذريعي جاڳرتا ڏئي سگهن پيدا ٿيندي نظر نٿا اچن. يونيورسٽين جي اندر هڪ اهڙو ڍانچو ٺاهيو ويو آهي جتي خود استاد سياسي ڇڪتاڻ ۾ لڳل آهن. ڪنهن به ملڪ جي قومي ۽ جمهوري تحريڪن کي سگهه تڏهن ئي ملي سگهندي آهي، جڏهن ان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان اهڙا شاگرد پيدا ٿي سگهن جيڪي انهن محققن جي هٿان تيار ٿي ٻاهر نڪرن جيڪي انهن سڀني مسئلن جو حل پنهنجي تعليمي بنيادن تي ڪڍي سگهن.
اڄ اسان جي صوبائي توڙي وفاقي ايوانن ۾ معاشي ماهرن جي کوٽ آهي. ڇو ته اسان جي يونيورسٽين ۾ معيشت، سياست ۽ فڪري آزاديءَ تي پابندي لڳل آهي. هن وقت تعليم صوبائي معاملو آهي، صوبن کي پنهنجي تعليمي پاليسي ٺاهڻ جي آزادي آهي. سنڌ حڪومت کي پنهنجي سياسي بحرانن سان گڏوگڏ علمي بحرانن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ سڀ کان پهريان يونيورسٽين جي مڪمل انتظامي خود مختياري تحت ميرٽ تي تقرريون ۽ غير تدريسي ڀرتين تي پابنديون وجهڻ جي ضرورت آهي ته بجيٽ جو وڏو حصو تحقيق تي خرچ ٿي سگهي. يونيورسٽين اندر اين او سي ڪلچر ختم ڪري فڪري بحث مباحثن لاءِ آزادي ڏني وڃي، استادن ۽ شاگردن کي بنا خوف ۽ دٻاءُ جي پاڻيءَ جي ورڇ، زراعت، موسمياتي تبديلين، مقامي تاريخ ۽ گڊ گورننس جهڙن موضوعن تي آزاد تحقيق ڪري رپورٽون شايع ڪرائڻ جي آزادي هجڻ گهرجي. غريب جي ٻار تي وڌيڪ مالي بوجهه وجهي کيس تعليمي ادارن کان پري ڪرڻ جي بجاءِ يونيورسٽين کي پنهنجي اندر مالي بدانتظامين کي آڊٽ ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. گڏوگڏ نصاب جي جدت، صحتمند شاگرد سرگرمين جي بحالي، آزاد، فڪري ۽ تحقيقي ادارن جي حيثيت سان يونيورسٽين کي اختيار ڏئي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪجي جنهن سان اڪيڊمڪ فريڊم جي بحالي شروع ٿي سگهي. ايئن ڪرڻ سان هڪ اهڙو نوجوان نسل پيدا ٿيندو جيڪو جمهوريت جو محافظ پڻ هوندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟