روس ۽ چين جو افغانستان سان ويجهو ٿيڻ ۽ خطي ۾ نئين اسٽريٽجڪ بلاڪ جي تعمير
8 آڪٽوبر 2026ع تي روس جي گاديءَ واري هنڌ ماسڪو ۾ ماسڪو فارميٽ جو اجلاس ٿيو. ماسڪو فارميٽ افغانستان جي صورتحال ۽ علاقائي تعين لاءِ ٺاهيل هڪ سفارتي پليٽ فارم آهي، جنهن ۾ روس، افغانستان، چين، پاڪستان، ڀارت، ايران ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل ٿينديون آهن. ماسڪو فارميٽ جو مقصد افغانستان کي بين الاقوامي اڪيلائيءَ مان ڪڍڻ ۽ خطي جي ملڪن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي. هن وقت روس ۽ چين افغانستان جي معاشي مدد لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ اهي ملڪ پنهنجي سيڪيورٽي ۽ جامع حڪومت وارن مطالبن تي زور به برقرار رکيو آهي. هن اجلاس ۾ افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪئي. جڏهن ته پاڪستان جي خاص نمائندي محمد صادق ملڪ جي نمائندگي ڪئي. ٻنهي جي ملاقات بغير ڪنهن گرم جوشيءَ جي سفارتي اختلافن تي ٻڌل هئي. روس ۽ چين جي افغانستان سان وڌندڙ ويجهڙائي يقينن پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ جيو پوليٽيڪل چئلينج پيدا ڪندي، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ اهي چئلينج سڌا سنوان هوندا. جڏهن ته آمريڪا لاءِ اهي عالمي اثر رسوخ وارا هوندا. پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ کي تبديل نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري اتي وڌندڙ بيچيني، معاشي بدحالي، بي امني يا سرحدي تڪرار سڌو سنئون پاڪستان تي اثر انداز ٿيندا. جڏهن ته روس ۽ چين جون تبديل ٿيندڙ پاليسيون انهن کي ٽي ٽي پي جي حملن کان بچائي سگهن ٿيون، پر پاڪستان لاءِ اهي خطرا ايستائين رهندا جيستائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪامياب سفارتڪاريءَ سان مسئلي جو حل نٿو نڪري.
چين ايشيا تائين رسائيءَ جو خواب افغانستان ذريعي ئي پورو ٿي سگهي ٿو ۽ افغانستان سان پاڪستان جي دوري پاڪستان کي انهن اقتصادي منصوبن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي. آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ اتي هڪ خلا پيدا ٿيو، جنهن کي پر ڪرڻ لاءِ روس اڳتي وڌيو آهي ۽ چين به ان نئين بلاڪ ۾ مغرب خلاف شامل ٿيو آهي. آمريڪا طالبان کي بين الاقوامي سطح تي اڪيلو ڪرڻ چاهيو ٿي، پر روس ۽ چين جي رابطن سان اها پاليسي ڪمزور ٿي رهي آهي. طالبان آمريڪا لاءِ سڌو سنئون خطرو ناهن، جڏهن ته پاڪستان لاءِ معاشي ۽ جيو پوليٽيڪل ٻنهي صورتن ۾ هڪ چئلينج آهن. پاڪستان کي به پراڻن جذباتي طريقن ۽ صرف سيڪيورٽي لينس کان هٽي ڪري جديد عملي ۽ جيو اقتصادي سفارتڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. روس ۽ چين پاڪستان جا پراعتماد دوست آهن، انهن جي ذريعي پاڪستان ڪابل اڳيان پنهنجا خدشا رکي سگهي ٿو ۽ واپار کي سياسي تڪرار کان الڳ ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي سخت پاليسي افغانستان لاءِ ٻيا رستا کولي رهي آهي، جنهن جو ڊگهي مدي ۾ نقصان پاڪستان کي ٿيندو. هر ملڪ پنهنجي مفاد ۽ جيو اسٽريٽجڪ نقطهءِ نظر سان پاليسي ٺاهي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جو مڪه معاهدو روس لاءِ هڪ خطرو هو. وچ اوڀر ۾ هڪ نئين دفاعي بلاڪ جو اڀرڻ اسلامي يا عرب ملڪن جو پاڻ ۾ سيڪيورٽي الائنس جوڙڻ روس لاءِ خطرو هو. ڇو ته هن معاهدي جو بنيادي مقصد خطي ۾ ايراني اثر ۽ ان جي حامي تنظيمن يمن، شام ۽ لبنان کي محدود ڪرڻ ۽ مغربي ملڪن جي مدد سان علاقائي برتري قائم ڪرڻ جو خدشو وڌي ويو هو. روس سمجهي ٿو ته پيٽرو ڊالر ۽ توانائي وارا معاهدا مغربي اثر برقرار رکندا، جيڪي روس کي عالمي توانائيءَ جي مارڪيٽ کان پري رکندا. وچ اوڀر مان اڀرندڙ نئين نظرياتي سياسي اسلامي تحريڪن جو خطرو به روس لاءِ برقرار آهي. اهڙا معاهدا جيڪي عالمي تيل جي پيداوار يا قيمتن جي ڪنٽرول کي آمريڪي مفادن سان ڳنڍين ٿا اهي روس لاءِ سڌو خطرو آهن.
هن وقت ضروري آهي ته پاڪستان افغانستان جي ماڻهن کي روڪڻ لاءِ سخت پاليسي ٺاهي، پر ساڳئي وقت واپاري لاڳاپن کي بحال ڪري، جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي تڪرارن کي حل ڪري سگهي ٿي. ملڪن جي وچ ۾ هميشه مفادن جي سوديبازي ٿيندي آهي ۽ جيڪنهن لاڳاپا خراب ٿين ته انهن جو واحد حل سفارتڪاري ٿي سگهي ٿي. آمريڪا ويهه سال افغانستان ۾ موجود رهيو، اربين ڊالر خرچ ڪيا ۽ پوءِ 2021ع ۾ اتان کيس نڪرڻو پيو ۽ هن وقت آمريڪا جي افغانستان کي اڪيلي ڪرڻ واري پاليسي کي روس افغانستان سان ماسڪو فارميٽ ۾ پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪري بي اثر ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا جي هن پاليسي جي نتيجي ۾ روس، چين، ايران ۽ هاڻي افغانستان جي گڏيل جيو اقتصادي رابطا سازي خطي ۾ هڪ اهڙو بلاڪ ٺاهي رهي آهي، جتي آمريڪي ڊالر، نظام يا بين الاقوامي مالياتي ادارن جو ڪوبه اثر نه هوندو. آمريڪا جون سڄيون معاشي پابنديون غير موثر ٿي وينديون. ڇو ته هي ملڪ پنهنجي مقامي ڪرنسين يا مال جي بدلي مال ۾ تجارت ڪندا. روس ۽ چين جو ڪابل ۾ مضبوط ٿيڻ جو مطلب آهي ته آمريڪا ان وڏي يورپي ايشيائي جيو اسٽريٽجڪ پٽيءَ مان عملي طور ٻاهر ٿي ويو آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين (روس) افغانستان تي قبضو ڪيو ۽ افغان مجاهدين جنهن مان پوءِ طالبان نڪتا روس سان ڏهاڪن تائين جنگ ڪئي. پاڪستان جيڪو ڏهاڪن تائين طالبان جو سڀ کان وڏو حمايتي ۽ سفارتي وڪيل رهيو. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪندڙ چند ملڪن ۾ پاڪستان به شامل هو. 2021ع ۾ آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ پاڪستان کي اميد هئي ته شايد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ٿيندا. جڏهن جاگرافيائي ۽ سيڪيورٽي ترجيحون تبديل ٿين ٿيون تڏهن صف بنديون به تبديل ٿي وڃن ٿيون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟