مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چاڪيءَ جي گهاڻي ۾ جوٽيل ڍڳا، پاڪستان جي پاور گيم ۽ دائرن ۾ سفر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جون عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿيون لڳ ڀڳ ٽن سالن کانپوءِ هاڻي حڪومت جي ڪمزور ٿيڻ ۽ نون اتحادن ۽ نون مورچن جي تعمير جا عمل شروع ٿي چڪا آهن. دفاع واري وزير خواجه آصف پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چيو ته طاقتور ڌريون سياسي نظام هلائڻ يا طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاءِ نيون سياسي پارٽيون يا اتحاد جوڙينديون رهنديون آهن. ضرورت وقت هڪ نئون پليٽ فارم يا پارٽي متبادل طور اڳتي آندو وڃي ٿو. بلڪل ايئن جيئن پرويز مشرف جي دور ۾ مسلم (ق) ليگ ٺاهي وئي. بدقسمتيءَ سان هي ملڪ ڪڏهن به هڪ خود مختيار، مضبوط جمهوري رياست طور هلڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. هاڻي عوام چڱيءَ طرح سان ان ڳالهه کان واقف ٿي چڪو آهي ته هي ملڪ ٻين طاقتور ملڪن جي راند جو ميدان آهي ۽ اسان انهن جا سهولتڪار آهيون. هن وقت ملڪ مان ريئر منرل ارٿ نڪرڻ، انهن جي مائننگ ڪرڻ ۽ انهن تي قبضي لاءِ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ پڻ مقابلو لڳل آهي، ڏسجي ته اهي ڪنهن جي حصي ۾ ٿا اچن. شروعات سنڌ ۾ نون صوبن جي بيانيي سان محسن نقوي اسلام آباد جي بزنس سمٽ ۾ ڪئي. جنهن کانپوءِ ڪي پي ڪي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ۽ هاڻي مريم نواز جي مٿان پڻ ايندڙ سختين جو بيانيو ٺاهيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان ۽ سندس پٽ جي مٿان سختين جي شروعات ٿي چڪي آهي. جن سڀني ڳالهين جي پيشنگوئي پير فيصل واوڊا پنهنجن مختلف چينلن تي ڏنل انٽرويوئن ۽ ڪانفرنسن ۾ ڏاڍي پراعتماد طريقي سان ڪري چڪو آهي.
عوام جيڪو سياست کان پري هوندو آهي، انهيءَ جو مفاد صرف ان ڳالهه ۾ هوندو آهي ته کيس پرامن معاشرو، بنيادي ضرورتن جي بحالي ۽ ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا هجڻ گهرجن ته جيئن هو پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجي مرضيءَ سان پرامن طريقي سان عزت سان گذاري سگهي، پر افسوس هاڻي هي ملڪ ڪنهن به صورت ۾ انهن سڀني شين جو پورائو ڪندي نظر نٿو اچي. ايئن ٿو لڳي ته پاڪستان جو نظام هڪ گهاڻي ۾ ٻڌل ڍڳي جي صورت ۾ جنهن جي اکين تي پٽي ٻڌل هوندي آهي ايئن چاڪيءَ جي گهاڻي ۾ گهمي رهيو آهي. صرف ٿڪجي پوڻ تي يا ناڪاره ٿيڻ تي ڍڳا تبديل ڪيا وڃن ٿا. جنهن ۾ سڀني کان وڏو، حقيقي ۽ مظلوم ڍڳو عوام ۽ ملڪي معيشت آهي. جڏهن ته سياسي پارٽين ۾ ويٺل سياستدان ۽ پارٽيون رضاڪاراڻه ڍڳا جن کي سٺي ڪُتر، بُهه، کڙ ۽ تيلي ٻج کائڻ لاءِ ملن ٿا، سندن صحت بهتر رهي ٿي، پر اهي اکين تي پٽي ٻڌرائي ان گهاڻي ۾ جوٽجڻ لاءِ پنهنجو پاڻ آڇيندي نظر اچن ٿا. جڏهن ته چاڪيءَ جي هٿ ۾ لٺ به آهي ته وري سٺي کڙ به. ڍڳي کي پٽي ٻڌل هجڻ ڪري هڪ ئي دائري ۾ سفر ڪرڻ وقت نفسياتي طور ايئن لڳندو آهي ته هو هلي رهيو آهي، جڏهن ته عوام جو وقت ضايع ٿي رهيو هوندو آهي. دنيا چنڊ کان اڳتي ٻين سيارن تائين پهچي چڪي آهي، پنهنجا بنيادي مسئلا حل ڪري پنهنجن نون نسلن کي تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ نون روزگارن جي ذريعن سان متعارف ڪرائي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ اسان جي قومپرست سياست به انهيءَ ساڳئي دائري ۾ سفر ڪري پراڻي ڍڳي وارو ڪم ڪري رهي آهي. 29 نومبر تي هڪ قومپرست سياسي اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم به ان ئي تاريخ تي رستا روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ايئن لڳي رهيو آهي ته ان مان به هٿرادو انتشار ڪڍي انهن چاڪين کي فائدو ڏنو ويندو جيڪي عوام جو تيل ڪڍي سڻڀا ٽڪر کائڻ چاهين ٿا.
خواجه آصف جو اهو بيان سڀني سياسي پارٽين ۽ حڪومت ۾ ويٺل پارٽين لاءِ هڪ خطري جي گهنٽي ضرور آهي، جيڪا ٻڌائي رهي آهي ته “ڪنگز پارٽيءَ” کي سياست ۾ پيراشوٽ ذريعي لاهڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. هن وقت پاڪستان جي سياست خالص طور تي ڪنهن ڪمپنيءَ وانگر هلائي پئي وڃي. جتي شيئر هولڊرز پنهنجي مرضيءَ جو سي اِي او يا بورڊ آف ڊائريڪٽرز بدلائيندا رهن ٿا. جڏهن پراڻو برانڊ بازار ۾ نٿو هلي ته وري نئين برانڊ کي لانچ ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اسان وٽ آئين جو ٽڪرو پڻ موجود آهي. جڏهن پڇا ڳاڇا ٿيندي آهي ته آئين ڏيکاري دنيا کي ٻڌايو ويندو آهي ته ملڪ آئين تي هلي رهيو آهي. هن وقت شايد سياسي پارٽين وٽ به آخري موقعو هجي، انهن کي پنهنجن پراڻن سياسي تجربن مان سکڻ جي ضرورت آهي ته اهي هڪٻئي جا رستا بند ڪرڻ بجاءِ هڪٻئي سان هٿ ملائين ۽ پنهنجي اکين تان پٽي لاهي هڪ ئي دائري ۾ گهمڻ بجاءِ پنهنجي طاقت ۽ توانائيءَ سان اڳتي وڌڻ وارو فارمولو طئي ڪن، جنهن سان نه صرف پاڻ، پر عوام سوڌو نئين منزل تائين پهچي سگهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو