يونيورسٽين ۾ شاگردن جي تنظيمن ۽ سياست تي پابندي ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو سياست تي شاگردن سان بحث
26 نومبر 2026 تي فوج جي ترجمان اداري ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاران نون صوبن جي قيام بابت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي پاڪستان اسٽڊيز ۽ قانون جي شاگردن سان نون صوبن جي قيام بابت ملڪ جي آئيني ۽ سياسي عمل تي گفتگو ڪئي. جيڪا 1973ع جي آئين جي روح، ادارن جي آئيني حدن ۽ جمهوري قدرن جي کليل خلاف ورزي جي ذمري ۾ اچي ٿي. پاڪستان جو آئين رياست جي هر اداري جي ڪم جو دائرو واضح طور مقرر ڪري ٿو. آئين جو آرٽيڪل 244 ۽ ٽئين شيڊيول تحت هٿياربند فوج جو هر ميمبر اهو حلف کڻندو آهي ته هو پاڻ کي ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرمي کان مڪمل طور پري رکندو. جڏهن ته نوان صوبا ٺاهڻ يا ڪنهن صوبي جي جاگرافيائي حدن ۾ تبديلي آڻڻ يا صوبن مان نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ هڪ خالص سياسي ۽ آئيني معاملو آهي. جنهن جو طريقيڪار آئين جي آرٽيڪل 239 (4) ۾ درج ٿيل آهي. جنهن مطابق اهڙو ڪوبه فيصلو قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ئي ٿي سگهي ٿو. جڏهن آئين اهو اختيار چونڊيل پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين کي ڏنو آهي ته هڪ غير سياسي ۽ دفاعي اداري جي ترجمان پاران يونيورسٽين جي شاگردن اڳيان نون صوبن يا انتظامي يونٽن ٺاهڻ ۽ پوءِ انهن جي فائدن بابت انهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش جهڙي حساس موضوع تي بحث ڇيڙڻ نه رڳو آئيني حلف جي ابتڙ آهي، پر پارلياماني بالادستيءَ تي به سواليه نشان آهي.
ان سڄي صورتحال جو سڀ کان وڏو الميو ۽ تضاد اهو آهي ته ملڪ ۾ 1984ع کان شاگرد سياست تي پابندي لڳل آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ پاران شاگردن جي يونين جي بحاليءَ جو بل پاس ٿيڻ باوجود شاگردن کي پنهنجي آئيني حق آرٽيڪل 17 تحت پرامن سياست ڪرڻ، چونڊون وڙهڻ ۽ قومي معاملن تي پنهنجي منظم راءِ رکڻ جي اجازت ناهي. يونيورسٽين جون انتظاميائون انهن قاعدن ۽ ضابطن جو بهانو ٺاهي شاگردن کي ڪئمپس اندر سياسي سيمينارن يا بحث مباحثن ڪرڻ کان روڪينديون رهيون آهن. 2022ع ۾ سنڌ اسيمبلي متفقه طور تي شاگرد يونين جي بحاليءَ جو بل منظور ڪيو هو، جنهن جو مقصد 1984ع ۾ لڳل پابنديءَ جو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پرامن جمهوري عمل بحال ڪرڻ هو، پر ان تي قانون پاس ٿيڻ باوجود ان تي عمل نه ٿيڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ آئيني مسئلو آهي. ڪراچي يونيورسٽي انتظاميه سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته اسٽوڊنٽ ڪائونسل يا يونين جو آئين ۽ ضابطا اڃان تائين سنڌ حڪومت حتمي طور منظور نه ڪيا آهن، جنهن جي ڪري چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن. چئي سگهجي ٿو ته اها قانون سازي صرف ڪاغذن تائين محدود آهي. سنڌ حڪومت طرفان رولز آف بزنس جاري نه ڪرڻ ۽ يونيورسٽي اتنظاميائن پاران چونڊ شيڊيول جو اعلان نه ڪرڻ سبب صوبي جا شاگرد اڃان تائين پنهنجي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم آهن، پر ٻئي پاسي ساڳين يونيورسٽين جا دروازا رياست جي دفاعي، غير سياسي ادارن لاءِ سياست بابت ڳالهائڻ لاءِ کوليا وڃن ٿا ۽ وائيس چانسلر انهن کي شاگردن آڏو سياسي ۽ آئيني معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ اسٽيج به فراهم ڪن ٿا. اهو ٻٽو معيار تعليمي ادارن جي آزاداڻي ۽ جمهوري ماحول جي نفي آهي.
هن سڄي عمل ۾ يونيورسٽين جا وائيس چانسلر ۽ انتظاميه پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميداريءَ کان آجي نٿا ٿي سگهن. لاڳاپيل يونيورسٽي ايڪٽن تحت وائيس چانسلر اداري جو مکيه انتظامي ۽ تعليمي سربراهه هوندو آهي، جنهن جو فرض آهي ته هو يونيورسٽي جي چارٽر، علمي آزادي ۽ غير جانبدار ماحول جي حفاظت ڪري. نه ڪي غير لاڳاپيل ادارن کي شاگردن اڳيان سياست تي بحث ڪرڻ لاءِ اسٽيج فراهم ڪري جنهن جو مقصد سنڌ کي ٽوڙي ان ۾ نوان صوبا ٺاهڻ آهي. ساڳئي وقت سنڌ جو وزيراعليٰ جيڪو قانون موجب صوبائي يونيورسٽين جو چانسلر پڻ آهي. سندس پڻ اها آئيني ذميداري بڻجي ٿي ته هو پنهنجي ماتحت تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ اهڙين غير آئيني سرگرمين جو سخت نوٽيس وٺي ۽ لاڳاپيل وائيس چانسلرن کان وضاحت طلب ڪري. ان سڄي عمل مان هڪ مثبت پاسو اهو نڪري ٿو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر شايد اها سوچ کڻي آيو هو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن، محققن، پروفيسرن ۽ تعليمي ادارن اندر ويٺل پڙهيل لکيل ماڻهن سان گڏ نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاهڻ بابت بحث ڪري ان ڪم کي جلد اڪلايو ويندو، پر سندس سنڌ ۽ ڪراچيءَ کي ڌار ڌار چوڻ واري ڳالهه تي جڏهن کيس چتاءُ ڏنو ويو ته اهو کيس سمجهڻ لاءِ هڪ وڏو پيغام هو. اميد آهي ته کيس سنڌ يونيورسٽيءَ مان جيڪو پيغام مليو ان کي هو سڄي سنڌ جو پيغام سمجهندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟