سنڌ ڪابينا رينجرز جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي
7 جولاءِ 2026 تي سنڌ ڪابينا رينجرز جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪستان رينجرز کي سنڌ ۾ خاص طور ڪراچيءَ ۾ مستقل طور 1989ع ۾ امن امان واري صورتحال سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. پوءِ 1992ع ۾ آپريشن “ڪلين اپ” تحت سندن ڪردار ۾ واڌ ٿي. رينجرز جي سنڌ ۾ تقرري پويان ان وقت جون سياسي حالتون، سنڌ پوليس جي ناڪامي ۽ هٿيارن جو تضاد پڻ هو. ان وقت افغانستان جي جنگ سبب ڪراچيءَ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ منشيات عروج تي هئي، جيڪا اڄ به آهي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڀُنگ وٺي مغوي ڇڏڻ جو ڪلچر عام هو، جيڪو اڄ تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي. پوءِ قانوني طور رينجرز کي امن امان بهتر ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو ته جيئن پوليس کي مدد ڪري حالتون سڌاري سگهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جون حالتون اڄ به ساڳيون ئي آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سنڌ جي پنهنجي پوليس فورس هجڻ باوجود رينجرز جون خدمتون ايتري ڊگهي عرصي تائين ڇو ورتيون پيون وڃن؟ جڏهن ته امن امان جي صورتحال ۾ ڪوبه خاطر خواهه فرق نٿو ڌسجي. صورتالصورتحالوري پوليس صوبي جي بنيادي فرنٽ فورس آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي باصلاحيت ۽ ايماندار آفيسر موجود آهن. جيڪڏهن سنڌ پوليس کي سياسي اثرن کان آزاد ڪري ميرٽ جي لتاڙ کانسواءِ آفيسرن جون ڀرتيون ۽ بدليون ڪيون وڃن ته سنڌ پوليس هڪ تمام باصلاحيت فورس ثابت ٿي سگهي ٿي.
ان اثر رسوخ سبب سنڌ پوليس جا باصلاحيت آفيسر ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ سمجهوتي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هن وقت به ڪچي جي ڌاڙيلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يا ڪراچيءَ جهڙي ميگا سٽي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ سنڌ پوليس وٽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن جي اڻاٺ آهي. اڃان تائين سنڌ جا ڪيترائي شهر جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر به شامل آهن، لاهور جي سيف سٽي ماڊل وانگر جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪيمرائن، چهرن جي سڃاڻپ ۽ خودڪار نمبر پليٽ ريڊرز سان ليس نه ٿي سگهيا آهن. جنهن جو تازو مثال رضا ڊار جي ڪار جو نمبر اي آءِ جي ذريعي پڙهيو ويو. لاهور جي سيف سٽي ماڊل ۾ جيڪڏهن ڪا ڪار پنهنجي نمبر پليٽ به تبديل ڪري ڇڏي ته ان مٿان لڳل ڪو ننڍو اسٽيڪر به ان جي سڃاڻپ ڪرائي سگهي ٿو. ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز ۽ راڪيٽ لانچر موجود آهن. جڏهن ته پوليس کي روايتي هٿيارن سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. انٽيليجنس پوليس جو سڀ کان وڏو مددگار شعبو آهي، جنهن جي مدد سان پوليس ڏوهن کي ٿيڻ کان اڳ روڪي ۽ پنهنجي تحقيقات کي اپڊيٽ ڪري سگهي ٿي، پر افسوس جو اهي سهولتون به سنڌ پوليس وٽ اڻپوريون ۽ مدي خارج آهن. سنڌ جي هڪ عام سپاهي جي شروعاتي پگهار 38 کان 42 هزار رپيا، جنهن ۾ بنيادي پگهار 16 کان 18 هزار رپيا هوندي. جڏهن ته پنجاب ۾ سپاهي جي شروعاتي پگهار 45 کان 50 هزار رپيا تائين آهي. سنڌ ۾ پوليس جون پگهارون پنجاب جي مقابلي ۾ گهٽ هونديون ته هميشه پوليس جو مورال ڪريل رهندو ۽ پوءِ ڪرپشن ۽ سمجهوتن ۾ وڪوڙيل رهندي. جڏهن ته سنڌ ۾ رينجرز جون پگهارون پوليس جي سپاهين کان وڌيڪ آهن.
پنجاب ۾ رينجرز جو بنيادي ڪم سرحدن جي حفاظت آهي جيڪو هڪ وفاقي سبجيڪٽ آهي ۽ اتي رينجرز جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ خرچ وفاقي بجيٽ مان پورا ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته پنجاب کي ماليات جو هڪ وڏو حصو اين ايف سي ايوارڊ جي صورت ۾ ملي ٿو، پر ان جي مقابلي ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ مان رينجرز جي پيٽرولنگ، لاجسٽڪس، رهائش ۽ اندروني آپريشنن لاءِ ساليانو 6 کان 7 ارب رپيا سڌو سنئون پنهنجي صوبائي بجيٽ يعني صوبائي خزاني مان ادا ڪري ٿي، جيڪو سنڌ جي ڪل بجيٽ جو لڳ ڀڳ 3.7 سيڪڙو آهي ۽ عوام مٿان اضافي بوجهه پڻ. ان بار سبب سنڌ پوليس کي اڄ ڏينهن تائين جديد ٽيڪنالاجي فراهم نه ٿي سگهي آهي. انهن جا پگهار نٿا وڌايا وڃن ۽ انهن جي تربيت تي گهٽ خرچ ڪيو وڃي ٿو. هجڻ ته ايئن گهرجي ته رينجرز جا خرچ جيئن پنجاب اندر وفاق ڀري رهيو آهي، سنڌ جي اندر به وفاق کي ڀرڻ گهرجن. جيڪڏهن سنڌ پوليس به پنهنجي ڪارڪردگي، نيت ۽ نظام ۾ بهتري آڻي ته رينجرز کي صوبي مان هٽائڻ نه صرف ممڪن ٿي پوندو، پر قانون جي حڪمراني لاءِ لازمي بڻجي ويندو ته امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سڀ ذميداريون پوليس کي ڏنيون وڃن. سنڌ حڪومت گذريل ٽن ڏهاڪن کان اربين رپيا خرچ ڪندي اچي، پر اڄ به حالتون ساڳيون آهن. اها سنڌ حڪومت جي به ڪمزوري آهي، آئين جو آرٽيڪل 147 صوبن کي اختيار ڏئي ٿو ته اهي پنهنجي داخلي سيڪيورٽيءَ لاءِ وفاقي فورسن جي مدد گهري سگهن ٿا يا ان تان دستبردار ٿي سگهن ٿا. هينئر تازي پيش ٿيل بجيٽ ۾ سنڌ کي پنهنجي اين ايف سي ايوارڊ مان حصو گهٽ ڏنو ويو ۽ رينجرز جو اضافي بار جنهن سان نتيجن تي ڪوبه فرق نه آيو آهي، عوام کي برداشت ڪرڻو پيو پوي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وقت سان گڏ اها انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻ بجاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري سنڌ جي امن امان کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ سنڌ جي هر شهر کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان سيف سٽي ۾ تبديل ڪري.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟