مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مڪه دفاعي معاهدو: مسلم دنيا جي نئين دفاعي سوچ يا علائقائي طاقت جو نئون توازن؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪه مڪرمه ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو، جنهن کي “مڪه جوائنٽ ڊفينس ايگريمينٽ” جو نالو ڏنو ويو آهي، رڳو ٽن ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار جو هڪ دستاويز ناهي، پر بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۾ مسلم دنيا جي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سوچ جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي. مڪه جي قصر الصفا ۾ ٿيل سربراهي اجلاس دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران معاهدي تي صحيحون ڪرڻ سان ٽنهي ملڪن پنهنجي گڏيل سلامتي بابت هڪ نئين عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن معاهدي جو سڀ کان اهم پاسو اهو آهي ته ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. اهڙي شق ٽنهي ملڪن جي دفاعي تعاون کي رڳو روايتي فوجي لاڳاپن تائين محدود نٿي رکي، پر ان کي گڏيل سلامتي جي هڪ نئين فريم ورڪ سان ڳنڍي ٿي. جيڪڏهن هن معاهدي کي عملي سطح تي مضبوط ڪيو وڃي ته ان جا اثر دفاعي صنعت، انٽيليجنس تعاون، دهشتگردي خلاف ڪارروائين، فوجي تربيت ۽ جديد دفاعي ٽيڪنالاجي جي گڏيل استعمال تائين پهچي سگهن ٿا.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان معاهدي کي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته اهو ڪنهن ملڪ خلاف ناهي. سندس موقف مان اهو اشارو ملي ٿو ته معاهدي جو مقصد نئين محاذ آرائي پيدا ڪرڻ بدران ٽنهي ملڪن جي دفاعي صلاحيت وڌائڻ ۽ گڏيل سلامتي کي يقيني بڻائڻ آهي. ترڪيه جو اهو موقف پڻ اهم آهي ته معاهدو گڏيل دفاعي صلاحيت وڌائڻ سان گڏ دفاعي صنعت ۾ گڏيل منصوبن ۽ دهشتگردي خلاف مؤثر سهڪار کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. سعودي عرب لاءِ هي معاهدو خاص اهميت رکي ٿو. وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ، علائقائي تڪرارن ۽ بدلجندڙ عالمي اتحادين جي پسمنظر ۾ رياض پنهنجي سلامتي لاءِ وڌيڪ وسيع ۽ متوازن ڀائيواريون ڳولي رهيو آهي. سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جو اهو چوڻ ته معاهدو علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيندو، ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته سعودي عرب هن سهڪار کي رڳو فوجي اتحاد نه، پر علائقائي امن ۽ استحڪام جي هڪ اهم ذريعي طور ڏسي رهيو آهي. پاڪستان لاءِ به هي معاهدو ڪيترن ئي حوالن سان اهم آهي. پاڪستان اڳ ئي سعودي عرب سان تاريخي ۽ گهرا لاڳاپا رکي ٿو، جڏهن ته ترڪيه سان به سياسي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي مضبوط دوستاڻا تعلقات موجود آهن. ٻنهي ملڪن سان گڏيل دفاعي فريم ورڪ پاڪستان لاءِ سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ طور هڪ اهم موقعو بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف جو اهو موقف ته معاهدو ٽنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ۽ خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي وڌائيندو، ان معاهدي بابت پاڪستان جي بنيادي سوچ کي واضح ڪري ٿو.
اسلامي تعاون تنظيم (OIC) پاران معاهدي جي آجيان پڻ اهم آهي. او آءِ سي ان کي مسلم دنيا ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. جيڪڏهن هي معاهدو مستقبل ۾ ٻين برادر ملڪن لاءِ به کليل رکيو وڃي ٿو، جيئن ترڪيه جي صدر اشارو ڪيو آهي، ته پوءِ ان جو دائرو ٽن ملڪن کان اڳتي وڌي سگهي ٿو، پر هتي احتياط جي ضرورت پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته وڌيڪ ملڪن جي شموليت سان اتحاد مضبوط ٿيڻ سان گڏ مختلف علائقائي مفادن کي هڪ نقطي تي گڏ رکڻ به هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو. ڀارت پاران معاهدي تي “گهري نظر” رکڻ جو اظهار پڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ان جا اثر رڳو وچ اوڀر تائين محدود نٿا سمجهيا وڃن. پاڪستان جي ترڪيه ۽ سعودي عرب سان وڌندڙ دفاعي سهڪار کي ڀارت يقينن پنهنجي علائقائي ۽ اسٽريٽجڪ مفادن جي تناظر ۾ ڏسندو. تنهنڪري پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته دفاعي تعاون کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ سفارتي محاذ تي به توازن برقرار رکي ۽ ڪنهن به غيرضروري ڇڪتاڻ کان پاسو ڪري.
حقيقت اها آهي ته ڪو به دفاعي معاهدو پنهنجي جاءِ تي امن جي ضمانت نٿو بڻجي سگهي. اصل ڪاميابي ان ڳالهه ۾ آهي ته دفاعي طاقت کي جنگ شروع ڪرڻ بدران جنگ کي روڪڻ، ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن مڪه معاهدو ٽنهي ملڪن جي گڏيل دفاعي صلاحيت وڌائڻ سان گڏ سفارتڪاري، اقتصادي سهڪار، دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت عملي ۽ علائقائي امن لاءِ به ڪم ڪري ٿو ته ان جا مثبت اثر ٽنهي ملڪن کان اڳتي سڄي خطي تائين پهچي سگهن ٿا. مڪي جي مقدس سرزمين تي ٿيل هي معاهدو ٽنهي ملڪن لاءِ هڪ نئون موقعو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي ڪنهن نئين طاقت جي مقابلي يا ڪنهن ملڪ خلاف صف بندي بدران امن، گڏيل سلامتي، خودمختياري ۽ مسلم دنيا جي تعمير ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻايو وڃي. جيڪڏهن دفاعي طاقت سان گڏ سياسي بصيرت ۽ سفارتي دانائي به شامل رهي ته مڪه دفاعي معاهدو رڳو ٽن ملڪن جو دفاعي معاهدو نه، پر خطي ۾ امن ۽ گڏيل سلامتي جي هڪ نئين سوچ جي شروعات بڻجي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو