مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

8 سيپٽمبر: خواندگيءَ جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جو تعليمي بحران

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

1966ع ۾ يونيسڪو جي جنرل ڪانفرنس ۾ 8 سيپٽمبر کي خواندگيءَ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو ۽ 1967ع کان ان کي باقاعدگيءَ سان ملهايو ويو. خواندگيءَ جو مفهوم صرف بنيادي اکرن يا سٽن جي سڃاڻپ ناهي، بلڪه باضابطا ۽ بنيادي تشريح مطابق ڪنهن به ٻوليءَ ۾ بنيادي فهم سان لکڻ، پڙهڻ ۽ روزمره جي سادي حساب ڪتاب ڪرڻ جي صلاحيت خواندگيءَ جي ذمري ۾ اچي ٿي. جڏهن ته جديد دور ۾ ان جي تشريح جي دائري کي وڌائي لکڻ ۽ پڙهڻ جي اهڙي مهارت جنهن ذريعي فرد پنهنجي سماجي، معاشي ۽ شهري ذميوارين کي بغير ڪنهن مدد جي سٺي طريقي سان نڀائي سگهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو فارم ڀرڻ، دوا جي دٻي تي هدايتن جو پڙهڻ ۽ سمجهڻ، راشن يا زرعي کاتو سنڀالڻ، پنهنجي بنيادي آئيني حقن کي سمجهڻ شامل آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ خواندگيءَ جي تشريح جو دائرو اڃان به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ڊجيٽل خواندگي جنهن ۾ موبائل، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ايپليڪيشنن کي پنهنجي فائديمند مقصدن ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهڻ ۽ شين جو تنقيدي جائزو وٺڻ شامل آهي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ سماج اڃان تائين ان نئين تشريح مطابق 100 سيڪڙو خواندگيءَ جي معيار تي پورو نٿو لهي. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي تعليم جو بجيٽ تمام گهٽ آهي. هن وقت پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ خواندگي پنجاب صوبي ۾ موجود آهي. ڇو ته آبادي وڌيڪ هجڻ جي ڪري انهن کي وسيلا وڌيڪ مهيا آهن ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انهن وٽ انگريزن جي دور جو ٺاهيل تعليمي نظام اڄ به بنيادي تعليم جي لاءِ هڪ وڏو سهارو بڻيل آهي. پنجاب ۾ گهٽ خواندگيءَ وارا علائقا ڏکڻ پنجاب جا علائقا آهن. پنجاب کانپوءِ ٻئي نمبر تي ڪي پي ڪي ۾ خواندگيءَ جي شرح وڌيڪ آهي. جڏهن ته سنڌ ٽئين نمبر تي اچي ٿو، جيڪا اسان جي سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ تي هڪ سواليه نشان آهي.
پاڪستان جو سياسي نظام تاريخي طور تي طاقتور جاگيردارن، نوابن ۽ وڏن صنعتڪارن جي هٿ ۾ رهيو آهي جن تعليم کي صرف ان طبقي لاءِ آسان بڻايو آهي، جيڪي ان ڪلاس سان تعلق رکن ٿا. چاليهن سالن کان پاڪستان ۾ تعليم جي ميدان ۾ به سرمائيدار سرمائيڪاري ڪري طبقاتي تعليمي نظام کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو آهي ۽ تمام گهڻو پئسو ڪمايو آهي. جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو اهو حال آهي جو ٻارن اندر تنقيدي سوچ جي واڌاري جي لاءِ تعليم نظام کي تيار ناهي ڪيو ويو. جنهن جو اثر اسان جي سماج اندر وڌندڙ برائين جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ڇو ته اسڪول ۾ موجود ٻار ان قابل ئي ناهن جو اهي پنهنجي اردگرد شين کي ڏسي محسوس ڪري سگهن ۽ ايندڙ خطرن کي سمجهي سگهن. رياست سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي دفاعي خرچن تي توجهه ڏئي رهي آهي. خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته لوئر مڊل ڪلاس جي ٻارن جي لاءِ مدرسن جو ڄار وڇايو ويو آهي، جتي انتهاپسند ذهن تيار ٿي نفسياتي مرضن سان جڪڙيل ذهن جڏهن معاشري ۾ عملي طور تي ٻاهر اچن ٿا ته اهي سماج سان گڏجي هلڻ جي قابل ئي نٿا رهن.
سنڌ ۾ هن وقت تعليمي صورتحال رڳو انتظامي يا بجيٽ جي کوٽ تائين محدود ناهي، بلڪه هڪ اهڙي بحران ۾ تبديل ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري 70 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، گهوسٽ اسڪولن جو ڄار پکڙيل آهي، جنهن ۾ عمارت به آهي، استاد به آهن، شاگرد به آهن، پر اهي صرف ڪاغذن جي سطح تائين موجود آهن. هن وقت جيڪي استاد ٽيسٽنگ کانپوءِ نوڪريون حاصل ڪري اسڪولن تائين پهچن ٿا، انهن جي اندر به اها صلاحيت مڪمل طور تي موجود ناهي ته اسڪولن ۾ ٻارن کي ڪيئن تعليم ڏئي انهن جي تخليقي سوچ کي وڌائي سگهجي. نتيجي ۾ پراڻو تعليمي طريقو رائج آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته خواندگي جي عالمي ڏينهن تي سنڌ حڪومت کي، سنڌ جي تعليمي نظام طرف ڀرپور توجهه ڏيڻ گهرجي. جنهن ۾ خاص طور تي پرائمري تعليم کي انتهائي جديد بڻائي معاشري کي تبديل ڪرڻ لاءِ اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪولن تائين آڻڻ جي ذميداري کڻڻ گهرجي. نوبيل انعام يافته اقتصاديات جي ماهر جيمز هيڪ مين جي تحقيق مطابق رياست پاران پرائمري ۽ شروعاتي تعليم تي خرچ ڪيل هڪ ڊالر جو معاشي ۽ سماجي فائدو اعليٰ تعليم يا پٺتي پيل سڌارن تي خرچ ڪيل رپين کان 7 کان 10 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي. ڇو ته ٻار جي ذهن جو 80 سيڪڙو ترقياتي عمل اٺن سالن جي عمر تائين پورو ٿئي ٿو. جنهن ۾ هو مادري ٻولي، حساب ۽ سائنسي تصورن جي باري ۾ پنهنجي سوچ پختي ڪري ٿو. چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ فنلينڊ جهڙن ملڪن جي ترقيءَ جو راز پرائمري اسڪولن تي 100 سيڪڙو وسيلا ۽ توجهه صرف ڪرڻ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خواندگيءَ واري عمل کي صرف هڪ ڏينهن جي طور تي نه ملهايو وڃي، بلڪه انهن ٻارن لاءِ پلاننگ ڪئي وڃي، جيڪي پنهنجي عمر کان وڏا ٿي چڪا آهن ۽ اهي پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا، انهن جي لاءِ غير رسمي تعليمي پروگرام آندا وڃن. جن ۾ رات جا اسڪول شامل ڪيا وڃن، جتي پڙهائڻ جي لاءِ گريجوئيٽ ليول تي پاس ٿي نڪتل شاگردن کي انٽرنشپ طور تربيت ڏئي، اهي ڪلاس هلايا وڃن، جنهن جو سماج کي ٻٽو فائدو ٿي سگهي ٿو.
انهن ٻارن لاءِ مخصوص سليبس تيار ڪيو وڃي، جنهن جو هدف مقرر هجڻ گهرجي ته انهن ڪلاسن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي تنقيدي سوچ ذريعي شعور ڏنو وڃي، انهن ۾ پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ جو اتساهه پيدا ڪيو وڃي. ان کان علاوه انهن کي بنيادي پڙهائي لکائي، حساب ڪتاب اچڻ گهرجي ۽ فليش ڪارڊن جي ذريعي انهن جي ڳالهه ٻولهه ۽ گفتگو ۾ نون اکرن کي شامل ڪرڻ جي سکيا ڏني وڃي. يقينن ان مان ڪجهه ٻار باقاعده اسڪولن ۾ به شامل ٿي سگهن ٿا ۽ ڪجهه ٻار هنر سکي پنهنجي زندگي بهتر بڻائي سگهن ٿا. وقت اسان کان اها تقاضا ڪري ٿو ته اسان ناخواندگيءَ جي مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ڏسون ۽ پنهنجي معاشري مان ان لعنت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري هڪ اهڙو سماج جوڙيون جيڪو ترقي يافته ملڪن سان گڏ بيهڻ جي قابل هجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو