سنڌي هجڻ جي نئين تشريح جو بيانيو ٺاهڻ قومپرست پارٽين جي ذميداري آهي، جيڪا وقت جي ضرورت آهي
هن وقت سنڌ جن مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي، ان ۾ نوان ڪينال، اين ايف سي جو ڳنڀير مسئلو، ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ يا ان ۾ ڪجهه شقون تبديل ڪرڻ جو دٻاءُ، 1991ع واري پاڻيءَ جي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ، سنڌ انهن سڀني مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. گڏوگڏ نون صوبن جو مسئلو اٿاري سنڌ اندر هڪ اهڙي بيچيني پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن سڄي سنڌ کي سياسي طور متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. اها بيچيني ٻين صوبن ۾ نظر نٿي اچي. آئين هوندي آئين کان مٿانهان قدم کڻڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. سرحدن جي صورتحال صوبن جي اندروني صورتحال ائين جو لڳي ڄڻ ملڪ هڪ واچوڙي ۾ ڦاٿل هجي. ان صورتحال ۾ سنڌ اندر اهي پارٽيون جيڪي پارلياماني سياست سان گڏوگڏ سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي عوام جو اختيار چاهيون ٿيون ۽ اهي جيڪي عليحدگي پسند ڌريون آهن، سڀ متحرڪ آهن. جڏهن ڳالهه سنڌ جي وحدت جي آهي، تڏهن به هڪ اهڙو منظر نامون نظر اچي رهيو آهي، جو اهي پارٽيون ڌار ڌار بيٺل آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهي گڏجي هڪ وڏو رد عمل ڏيڻ کان قاصر ڇو آهن؟ جڏهن ته اڄ جو نوجوان روايتي سياسي نعرن، قيادت جي ذاتي انا ۽ سخت پسند بيانيي کان بيزار ٿي عملي آئين پسندي، علمي ۽ عقلي سياست ڪري انهن پارٽين جو متبادل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جو متبادل هڪ ڊگهي عرصي کان نه پيو ملي سگهي. جذبات کان وڌيڪ دانشمندي ۽ پنهنجي نسلي بقا کي ترجيح ڏئي ٿو.
اهي پارٽيون جيڪي پارلياماني پارٽيون آهن ۽ گڏوگڏ سنڌ جي وسيلن تي خود مختياري چاهين ٿيون عملي طور ميدان ۾ بيٺل آهن، اهي جڏهن گڏجي ٻين پارٽين سان روڊن ۽ رستن تي اچن ٿيون ته اهي پارٽيون جن جو منشور عليحدگي پسنديءَ وارو آهي، اهي سندن جلسن ۽ جلوسن ۾ به اهو بيانيو پيش ڪري پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽين جي جلسن تي به سواليه نشان لڳائين ٿيون. شايد اهو سبب آهي جنهن جي ڪري سنڌ جون قومپرست پارٽيون گڏجي بيهڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جو نقصان سنڌ جي وحدت واري مقصد کي پهچي رهيو آهي. اهڙي وقت هڪ عام ماڻهو جيڪو سنڌ جي وسيلن، سنڌ جي وحدت جي حق ۾ ٻاهر بيٺل آهي اهو به خوفزده ٿي وڃي ٿو ۽ انهن سياسي پارٽين جو اعتبار به کڄي وڃي ٿو، جيڪي وفاقي، پارلياماني سياست لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن، اهو نقصان پوري سنڌ جو نقصان آهي. هن وقت جيڪي پارٽيون آئيني ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ آهن، انهن کي سنڌ جو عوامي حقيقي متبادل بنجڻ لاءِ پنهنجي روايتي طريقي کي ڇڏڻو پوندو. کين صرف مسئلا ٻڌائڻ بدران انهن جو حل ڏيڻ لاءِ پاڻ سان گڏ اهڙن پيشاور ماڻهن کي ملائي پارٽيءَ ۾ جاءِ ڏيڻي پوندي، جيڪي انهن مسئلن جو حل ڏئي سگهن. جن ۾ اقتصاديات جي ماهرن، ميڊيا، قانون ۽ آءِ ٽي جي ماهرن کي گڏ کڻڻو پوندو، جن پارٽين بلدياتي نظام ۾ هيٺين سطح تائين ٿوري به ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، انهن کي عوامي سطح تي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻو پوندو ۽ خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي سرڪاري اسڪولن تائين وٺي اچڻ جو ڪم ڪرڻ، سندن داخلائون ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
اهڙين قومپرست پارٽين کي جيڪي آئين ۽ قانون مطابق سياست ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن، انهن کي خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو کي پنهنجو پاڻ سان ڳنڍڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ انهن کي اهو يقين ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته هي صوبو گهڻ ثقافتي ۽ گهڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جو آهي. ٻولين جي فرق سان اهي غير سنڌي ناهن، انهن کي پنهنجي سنڌي هجڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. انهن کي احساس ڏياري ۽ سنڌ جي مسئلن سان ڳنڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ ٿيندي ته اها کوٽ سندن گهرن جي نلڪن تائين محسوس ڪئي ويندي ۽ کين ان ذميداريءَ جو احساس ڏياريو وڃي ته اهي سنڌ جي مسئلن تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهن. پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست پارٽين جي اها ذميداري آهي ته اهي سنڌي هجڻ جي نئين تشريح عام ڪن، ڇو ته ايم ڪيو ايم لساني ۽ گروهي سياست ڏانهن ضرور اهڙن ماڻهن کي وٺي وڃڻ چاهيندي، جيڪي مختلف ٻوليون ڳالهائين ٿا. انهن کي سياسي ميدان ۾ وٺي اچجي ۽ کين انتظامي ذميداريون ڏنيون وڃن. پروگرامن ۾ پنهنجا بينر صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ نه، پر اردو، بلوچي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻوليون ڳالهائيندڙ ميمبرن جي ٻولين ۾ لکيا وڃن. جيستائين سنڌ ۾ رهندڙ سڀني سنڌ واسين کي سياسي متبادل بنجڻ لاءِ تيار نه ڪيو ويندو، تيستائين سنڌ جي ماڻهن سان اها سياسي بيلڪ ميلنگ هلندي رهندي. جيترو وڏو چئلينج آهي ان لاءِ اسان کي پنهنجي قومي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟