ڇا واقعي اسان جو سماج سنجيدگيءَ سان خواجه سرائن ۽ ٽرانس جينڊرن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟
سوشل ميڊيا تي سنڌ جي تعليم واري وزير جي ڪجهه خواجه سرائن ۽ ٽرانس جينڊرن سان هڪ تصوير وائرل ٿيندي نظر آئي. جنهن ۾ ٽرانس جينڊر شهزادي راءِ ۽ ٻين جي تعليم جي وزير سان ملاقات کانپوءِ ان ڳالهه جو اشارو ملي رهيو آهي ته کين تعليمي ادارن ۾ روزگار جا موقعا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. هيءَ ڪميونٽي جنهن کي عرف عام ۾ کدڙو فقير ڪري سڏيو وڃي ٿو. سڄي دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جي ڌار سڃاڻپ لاءِ قانون ٺهي رهيا آهن، انهن جي حقن لاءِ تحريڪون هلي رهيون آهن ۽ ڪٿي ڪاميابي ءَ سان انهن پنهنجا حق حاصل ڪري ورتا آهن. 2004ع ۾ برطانيه ۾ “جينڊر ريڪگنيشن ايڪٽ” پاس ٿيو جنهن کين پنهنجي نئين سڃاڻپ سان مڪمل قانوني ۽ شهري حق ڏنا. آمريڪي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٽرانس جينڊر شاگردن خلاف ڪنهن به قسم جي حراساني يا تعصب تي سخت پابندي آهي ۽ اهي پنهنجي جينڊر مطابق تعليمي سرگرميون جاري رکن ٿا. صحت جي نظام ۾ کين سندن جينڊر جي بنياد تي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. آمريڪا ۾ هن وقت سياست، عدليه، سينيٽ ۽ فيڊرل حڪومت جي اعليٰ عهدن تائين ٽرانس جينڊر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جن ۾ Rachel Levine جيڪا آمريڪا جي صحت کاتي ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف هيلٿ طور ڪم ڪري رهي آهي. 2018ع ۾ پاڪستان ۾ به ٽرانس جينڊر پرسنز کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا ويا، پهريون ڀيرو کين پاڪستاني قانون سندن شناخت فراهم ڪئي. آمريڪا ۾ سندن پاسپورٽ ۽ فيڊرل اسٽيٽس تي سڃاڻپ ۾ “X” جو نشان شامل آهي.
2018ع واري ايڪٽ جي سڀ کان اهم خصوصيت هاڻي ان جينڊر کي ملڪيت ۾ حق فراهم ڪيو ويو آهي، پر ان هوندي به اڃان تائين اسان جي سماج ۾ پراڻا قدر طاقتور ۽ عمل هيٺ آهن ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ قبوليت نه هجڻ برابر آهي. پاڪستان ۾ اهڙن ٻارن کي ڄمندي ئي لڪ ڇپ ۾ کدڙا برادريءَ جي حوالي ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ والدين سڄي زندگي انهن سان تعلق ناهن رکندا. انهن جو نصيب يا ته پنڻ آهي يا سيڪس ورڪر ٿي ڪم ڪرڻ. جنهن سان سماج ۾ ڪيتريون ئي برائيون پيدا ٿين ٿيون. وقت سان گڏ رياست ۽ سماج ٻئي تبديل ٿي رهيا آهن ۽ تبديليءَ جو عمل بهتريءَ طرف وڌي رهيو آهي. ان جو هڪ اهڃاڻ اهو آهي ته ان حلقي ۾ پڙهيل لکيل خواجه سرائن ۽ ٽرانس جينڊرن جو تعداد وڌي رهيو آهي جيڪي پنهنجون تنظيمون قائم ڪري پنهنجي ماڻهن جي سجاڳي ۽ تربيت لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. گڏوگڏ پڙهيل لکيل والدين ۾ پڻ تبديلي ايندي نظر اچي رهي آهي جو اهي والدين پنهنجن ٻارن کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ ۽ انهن کي نفرت جوڳو سمجهڻ بجاءِ کين اعليٰ تعليم ڏياري سماج جو هڪ ذميدار فرد بنائڻ ۾ شرمندگي محسوس ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذميداري پوري ڪري رهيا آهن. شهزادي راءِ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي هڪ مخصوص سيٽ تي يونين ڪائونسلر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. هوءَ “جينڊر ايڪشن ميپس” ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. ڊاڪٽر سارا گِل پاڪستان جي پهرين خواجه سراءِ (ٽرانسجينڊر) ڊاڪٽر آهي، جنهن ڪراچيءَ جي جناح ميڊيڪل ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪئي. عائشه مغل پاڪستان جي نامياري ترقي پسند انساني حقن جي ڪارڪن ۽ محقق آهي. هوءَ پاڪستان جي هيومن رائيٽس واري وزارت ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي. ان کان علاوه ڪامي سڊ پاڪستان جو پهريون ٽرانس جينڊر ماڊل ۽ فيشن انڊسٽري جو آرٽسٽ آهي. ان کانسواءِ زينب نواب، نيشا رائو جيڪا ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي بار ايسوسئيشن جي باقائده ميمبر بڻجي مظلومن جا ڪيس وڙهي رهي آهي. صبيحه خان سنڌ جي مختلف سماجي تحريڪن ۽ خواجه سراءِ برادريءَ جي فلاح ۽ بهبود ۾ متحرڪ ڪارڪن آهي.
جيڪڏهن تعليم کاتي ۾ انهن جي ڀرتيءَ لاءِ سردار شاهه ڪو عملي قدم کڻي اعلان ڪري ٿو ته اهو خوش آئند هوندو. ان ڪميونٽيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي معاشري ۾ قبوليت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن انهن ماڻهن مان تعليم کاتي اندر استادن جي ڀرتي ڪئي وڃي ته ان کان اڳ ضروري آهي ته اهڙن استادن جي نفسياتي تربيت پڻ ڪئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجي پيشاوراڻي تربيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن ڪلاسن ۾ پهچن ته پروفيشنل انداز ۾ پڙهائڻ ۾ پنهنجي مهارت ۽ گڏوگڏ ڪنهن به صورتحال کي برداشت ڪرڻ لاءِ حوصلو ۽ ضبط ڏيکاري سگهن. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙا ورڪشاپس ڪرايا وڃن جيڪي اسان جي نوجوان نسل اندر انهن جي قبوليت لاءِ جاءِ پيدا ڪن، جڏهن اهڙو ڪو ٻار ڪلاس ۾ داخل ٿئي ته ان کي تعصب جو نشانو بنجڻو نه پوي. هن ايڊيٽوريل جي ذريعي اسان پنهنجن پڙهندڙن کي هڪ کليل دعوت ڏيون ٿا ته جيڪڏهن سندن ارد گرد خواجه سرائن يا ٽرانس جينڊر ماڻهن جي زندگين جون ڪامياب ڪهاڻيون يا انهن جي زندگين سان لاڳاپيل مسئلا اسان تائين پهچائڻ چاهين ته اسان کي ضرور لکن. همسري سندن آواز کي پنهنجي پليٽ فارم تان عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو. رياست جو ڪم صرف اعلان جاري ڪرڻ نه، پر انهن اعلانن کي عملي طور باوقار طريقي سان پڄاڻيءَ تائين رسائڻ آهي. تعليم کاتي ۾ جيڪڏهن ٽرانس جينڊرن جون ڀرتيون ٿين ٿيون اهي تڏهن ئي پنهنجا بهتر نتيجا ڏئي سگهنديون، جڏهن اسان پنهنجن تعصبن کي پاسيرو ڪري پنهنجي سماج جي تربيت ڪنداسين ۽ اهو فيصلو ڪنداسين ته کين معاشري ۾ هڪ باوقار شهري طور مڃتا ڏيارڻ رياست سان گڏوگڏ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جو فرض آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟