وفاق سنڌ کي ارسا جي معاهدي تحت پاڻي فراهم نه ڪري رهيو آهي
ارسا 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي اڄ به پورو حصو نه ملي رهيو آهي. وفاق ۽ چئن صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ هي هڪ تاريخي معاهدو هو، جنهن مطابق پنجاب کي ساليانو پاڻيءَ جو 48.9 سيڪڙو ملڻو آهي. جڏهن ته سنڌ کي ڪل پاڻي جي حصي مان ساليانو 42.6 سيڪڙو حصو ملڻو آهي. پاڻيءَ جي معاهدي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي فارمولا تحت به جيڪڏهن دريائن ۾ پاڻي گهٽ هوندو ته اها کوٽ به صوبن جي وچ ۾ پنهنجي حصي سان ورهائي ويندي. سنڌ جو اعتراض آهي ته سنڌ کي هميشه پنهنجي نئين فارمولي مطابق پاڻي گهٽ مليو آهي. تان جو سمنڊ ۾ ڇڏڻ واري پاڻيءَ جي حق کي تسليم ڪرڻ باوجود ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي 10 ملين ايڪڙ فوٽ ساليانو ڇڏڻو آهي. ان کي به پنجاب ۽ وفاق پاڻيءَ جو ذيان قرار ڏين ٿا. جنهن جي ڪري ڊيلٽا جو ايڪو سسٽم تباهه ٿي چڪو آهي. بدقسمتي سان بدين ۽ ٺٽي جا سامونڊي پٽيءَ وارا علائقا ٻن طريقن سان مار هيٺ آهن. هڪ پاسي درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ته ٻئي پاسي آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي جي ناقص منصوبن سبب سنڌ جون زمينون مٿان کان ايندڙ گندي ۽ زهريلي پاڻيءَ سبب خراب ٿي رهيون آهن. خاص طور تي بدين ضلعو ايل بي او ڊي جي اڌورن ۽ ناقص منصوبن جو نشانو بڻيل آهي. 1990ع ۾ ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ سان ايل بي او ڊي ٺاهيو ويو جنهن اتان جي سڄي ايڪو سسٽم کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اتان جون سڄيون زمينون زهريلي پاڻيءَ جي ڪري هينئر زراعت جي قابل نه رهيون آهن.
آر بي او ڊي منصوبي سبب منڇر جيڪا ڪنهن وقت ۾ قدرتي جبلن تان تان ايندڙ مٺي پاڻيءَ جو ذخيرو هئي اڄ ڪيميائي لوڻياٺي ۽ زهر جهڙي پاڻيءَ ڍنڍ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي پنهنجي هڪ وڏي معيشت هئي. اڄ ڏينهن تائين منڇر کي صاف ڪرڻ جو ڪوبه منصوبو اڳيان نه آيو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ورلڊ بينڪ جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي منصوبو ايترو ماحولياتي نقصان ڏيندڙ ڪيئن بڻايو ويو ۽ سنڌ جي ماهرن ان تي ڪوبه آواز ڇو نه اٿاريو؟ ذميدارن تي سنڌ حڪومت کي ڪيس ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي قانون جي ڪهٽڙي تائين وٺي اچڻ گهرجي. ظلم اهو آهي ته پاڻيءَ جي مند ۾ وري سنڌ کي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو. اها وفاق ۽ پنجاب جي سنڌ سان زيادتي آهي. جيئن ته پنجاب هڪ طاقتور صوبو هجڻ سان گڏوگڏ سياسي طور تي پنهنجن آبادگارن ۽ زراعت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ کي پنهنجو حصو گهٽ ڏئي چشمه جهلم هائيڊرو لنڪ ڪئنالن ذريعي وڌيڪ پاڻي کڻي وٺي ٿو. سمنڊ ۾ 10 ملين ڪيوبڪ فوٽ پاڻي ڇڏڻ کي به پاڻيءَ جو ذيان سمجهي ٿو. جنهن جي معيشت جو 60 سيڪڙو زراعت تي ٻڌل آهي. سنڌ جا اڳواڻ اسيمبلين، ارسا جي گڏجاڻين ۽ ميڊيا تي سخت بيان بازي ۽ احتجاجي قراردادون به پاس ڪندا آهن، پر انهن ۾ نه تسلسل هوندو آهي ۽ نه سختي، جيڪا وفاق کي مجبور ڪري سگهي ته سنڌ سان ڏاڍائي نه ڪئي وڃي.
ڇو ته پيپلزپارٽي کي وفاق ۾ اقتدار جي حصيداري به سياسي مصلحتن جو شڪار بڻائي ٿي. افسوس ته سنڌ جو آبادگار خود پنهنجن حقن لاءِ ڪا وڏي تحريڪ هلائي نه سگهيو آهي. پ پ شايد سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ پنهنجو آواز ان ڪري به مضبوطي سان اٿارڻ جي ڪوشش نٿي ڪري، ڇو ته پيپلزپارٽيءَ کي پنجاب ۾ پنهنجو سياسي وجود ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ان ڪري سنڌ جو ڪيس وڙهڻ ۾ ناڪام آهي ۽ سنڌ کي نقصان پهچي رهيو آهي. ڇو ته سنڌ حڪومت جي بدعنواني ۽ خراب ڪارڪردگي اهڙا نقطا آهن جيڪي وفاق آڏو سنڌ جي پاڻيءَ واري ڪيس کي ڪمزور ڪن ٿا. سنڌ جي قيادت جڏهن اسلام آباد دانهن کڻي وڃي ٿي ته سندن اڳيان ڪرپشن ۽ انتظامي ناڪامين جا رڪارڊ رکيا وڃن ٿا، جيڪي کين خاموش ڪرائي ڇڏين ٿا. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ جو اهو زميندار جيڪو تمام گهڻو طاقتور آهي ۽ مالي وسيلا رکي ٿو، اهو جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڻيءَ جي حصول ۾ پنهنجو اثر استعمال ڪري سٺي آبادي حاصل ڪري ٿو، پر مسئلو پڇڙيءَ جي غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن جو آهي، جيڪو نه ته جديد ٽيڪنالاجي جي سگهه رکي ٿو، نه ئي آبپاشي کاتي سان وڙهڻ جي طاقت. انهيءَ ڪري وچولو ۽ ننڍو آبادگار پنهنجون زمينون مڪمل طور تي آباد نه ڪرڻ سبب زراعت مان فائدي بجاءِ نقصان ڀوڳي رهيو آهي. حقيقت ۾ سندن زمينن جو آباد ٿيڻ ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ آهي، پر انهن جو ڪيس وڙهڻ وارو ڪوئي ڪونهي، تان جو انهن جو پنهنجو به ڪو اهڙو اتحاد ناهي جيڪو کين پنهنجو حق ڏياري سگهي. جڏهن ته ارسا جنهن کي پارليامينٽ 1992ع ۾ قانون تحت جوڙيو ته جيئن آئين مطابق پاڻيءَ جا فيصلا ٿي سگهن ۽ گڏيل مفادن جي ڪائونسل (CCI) جيڪو هڪ اهڙو آئيني ادارو آهي جنهن ۾ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ پاڻيءَ سوڌا جيڪي به مسئلا يا تڪرار آهن اهي بحث هيٺ آندا وڃن، پر لڳي ٿو ته اهو به مصلحتن جي ور چڙهي ويو آهي. جيڪڏهن اڄ پنجاب جي طاقت کي آئيني طاقت سان نه روڪيو ويو ته پنجاب سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جهڙن صوبن جا وڌيڪ حق ڳڙڪائڻ ۾ دير نه ڪندو. هن وقت خريف جي فصلن لاءِ سنڌ جو ننڍو آبادگار پاڻيءَ جي گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. اميد ته سنڌ حڪومت هن مسئلي کي هنگامي بنيادن تي آئين مطابق حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟