مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

“ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽ” سنڌ جون زرعي يونيورسٽيون ۽ آبادگار تنظيمون سائو انقلاب آڻي سگهن ٿيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

زراعت نه صرف سنڌ جي معيشت جو بلڪه پوري پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، پر سڀني کان وڌيڪ تڪليف هن وقت سنڌ جو آبادگار ڀوڳي رهيو آهي. ڇو ته جڏهن پاڻي سنڌو نديءَ ۾ پنجاب کان ٿيندو سنڌ تائين پهچي ٿو ته هو پنهنجي طاقت ۽ پاڻ سان گڏ زرخيز مٽي گهٽ ڪندو هيٺ پهچي ٿو. ڇو ته ڊيمن جي تعمير کان اڳ سنڌ جي زمينن کي جيڪا زرخيز مٽي مهيا ٿيندي هئي اها هاڻي نٿي ملي، پر تڪليفن ۾ به قدرت انسان لاءِ نوان موقعا لڪائي رکندي آهي. هن وقت سنڌ جي هاريءَ کان وٺي آبادگار لاءِ به قدرت هڪ نئون موقعو فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي. جنهن کي “ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽ” يا ڪاربان جو تجارتي نظام چئي سگهجي ٿو. هي اهو معاشي تجارتي نظام آهي، جنهن ۾ ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گرين هائوس گئسن (خاص ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ) جي خارج ٿيڻ جي خريد ۽ فروخت ٿيندي آهي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا ۾ ڪاربان گئس جي اخراج کي گهٽائڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي روڪڻ آهي. هيءَ مارڪيٽ ڪاربان ڪريڊٽ جو واپار ڪندي آهي، جنهن ۾ هڪ ڪاربان ڪريڊٽ جو مطلب آهي 1 ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (يا ان جي برابر ٻي ڪا گئس) ماحول ۾ وڃڻ کان روڪڻ يا ان کي جذب ڪرڻ. جيڪڏهن ڪا ڪمپني يا ملڪ پنهنجي مقرر حد کان گهٽ ڪاربان خارج ڪري ٿو ته اهي بچيل ڪوٽا کي ڪاربان ڪريڊٽ جي صورت ۾ ان ايماندار ڪمپني يا ملڪ کي وڪڻي سگهن ٿا، جيڪا وڌيڪ ڪاربارن خارج ڪري رهي آهي. مثال طور: مارڪيٽ ۾ ٻه ڌريون آهن، هڪڙي اي-ڪمپني ۽ ٻيو ب-فارم جتي هاري ڪم ڪري رهيو آهي، جتي حڪومت ماحول کي صاف رکڻ لاءِ ٻنهي کي دونهين جي ٽوڪن نظام تحت 10، 10 ٽوڪن فراهم ڪري ٿي. اي-ڪمپني صنعتڪار هجڻ جي ڪري دونهون خارج ڪري ٿي ۽ ان جي حد 10 ٽوڪن تائين آهي يعني اها 10 ٽن دونهون خارج ڪري سگهي ٿي. ساڳئي وقت اسان جو هاري جنهن وٽ ب-فارم آهي ان وٽ به 10 ٽوڪن آهن. زراعت جي دوران به ڪاربان جو اخراج ٿئي ٿو، پر هاري پنهنجي زمين تي پاڻيءَ جو صحيح استعمال ڪري ماحول دوست وڻ پوکيا ۽ زمين کي اجايو هر نه ڏنو، جنهن سان هن گهٽ ڪاربان پيدا ڪيو ۽ هن وٽ 5 ٽوڪن بچي پيا. هاڻي اها اي-ڪمپني ان هاري وٽ ايندي ۽ ڏنڊ کان بچڻ لاءِ هاري کي چوندي ته توهان پنهنجا ڪاربان ڪريڊٽ جيڪي توهان وٽ بچيا آهن اهي کيس وڪڻي ڏيو، ان جي بدلي بين الاقوامي ريٽ مطابق پئسا (ڊالر) وٺو. هاري اهي ٽوڪن فيڪٽري کي وڪڻي ڏيندو، ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو فيڪٽري ڏنڊ کان بچي ويندي، هاريءَ کي وڻ پوکڻ، ماحول صاف رکڻ جي باقائدي نقد قيمت ملي ويندي. عام ماحول تي اهو فرق پوندو جو هوا ۾ دونهون اوترو ئي رهندو، جيترو حڪومت مقرر ڪيو هو، پر ماحول دوست هاريءَ کي ان جو انعام ملي ويندو. اها هاڻي هڪ باقائدي ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽ بڻجي دنيا ۾ هڪ معاشي پليٽ فارم بڻجي اڀري رهي آهي.
هن پليٽ فارم ذريعي هارين جي زندگين کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن وقت اسان جو هاري يا ننڍو آبادگار پاڻيءَ جي گهٽتائي، ٻج جي مهانگي هجڻ، فصلن جي صحيح اگهن جي نه ملڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ريئل اسٽيٽ زرعي زمينن کي تباهه ڪري ڪانڪريٽ جو جهنگ اڏي رهي آهي. ان لاءِ ڪاربان ڪريڊٽ مارڪيٽ ننڍي هاري کي وڏي مارڪيٽ تائين پهچائڻ لاءِ هڪ وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿي. ان صورت ۾ اسان جون زرعي يونيورسٽيون آبادگارن کي آگاهي فراهم ڪنديون، آبادگار تنظيمون سڀني هارين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري 50 هزار يا هڪ لک ايڪڙ جو گڏيل بلاڪ تيار ڪن ته دنيا جون وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڻ هلي سنڌ جي هارين سان معاهدا ڪرڻ لاءِ اينديون، جيڪا اسان جي سنڌ جي ننڍي آبادگار کان وٺي وڏي آبادگار لاءِ هڪ نئون معاشي انتظام بڻجي ويندو. هن پروگرام ۾ هڪ عام هاري وٽ ايترا پئسا ناهن هوندا جو هو ڪاربان جي آڊٽ ۽ سيٽلائيٽ ميپنگ جا لکين رپيا خرچ ڪري سگهي، پر جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۽ ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي گڏجي آبادگارن جي سرپرستي ڪنديون ته ان قسم جون ليبارٽريون جڙي وينديون ۽ پوءِ اهي ٽئي ادارا ملي ڪري گڏجي تنظيم سازي ڪري اهو ڪم ڪري سگهن ٿا، جيڪو نه صرف اسان جي غريب هاري لاءِ هڪ نئون معاشي بندوبست هوندو، بلڪه ان سان اسان جي صوبي ۾ جيڪا ٻيلن جي کوٽ آهي، ان جو مقابلو ڪري سگهبو.
هن مارڪيٽ کي ڪجهه ڪمپنيون رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي مرضيءَ سان ڪريڊٽ خريد ڪري ماحول کي ڏنل نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هلائين ٿيون، ڇو ته هي هڪ اهڙو نظام آهي جنهن سان صنعتن جي ذريعي ماحول کي پهتل نقصان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. جنهن سان ملڪ ۾ ٻيلا وڌندا ۽ ٻيلن جي وڌڻ سان انساني آباديءَ تي مثبت اثر پوندا. صرف وڻ ئي انسان کي هن ڌرتيءَ تي رهڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن انهن جي مسلسل ڪٽائي ٿيندي رهندي ته ان سان نه صرف زمين تي ماحولياتي تبديليون پيدا ٿينديون، پر انساني زندگي خطري ۾ پئجي ويندي. هاڻي هاري پنهنجين زمينن جي دنگن، ٻنن يا فالتو حصن تي تيزيءَ سان وڌندڙ وڻ جنهن ۾ نم، لئي، ٻير، ٻٻر ۽ ٻيا ميويدار وڻ پوکي ڪاربان ڪريڊٽس جي صورت ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت وصول ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ هارين ۽ آبادگارن کي ڪوآپريٽو سوسائٽيون ۽ ايسوسئيشنون ٺاهي گڏجي اهڙا بلاڪ ٺاهڻا پوندا جتي سندن ڪاربان ڪريڊٽس ماپي سگهجن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اهي وڻ هارين لاءِ هڪ اضافي آمدني جو ذريعو بڻجي ويندا، انهن جي علائقن ۾ قدرت کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو، سندن ماحول خوشگوار ٿي ويندو ۽ هوا صاف سٿري ٿي ويندي. هن ڏس ۾ سنڌ حڪومت جو هڪ تاريخي پروجيڪٽ ڊيلٽا بليو ڪاربارن-1 جو پروجيڪٽ ڪاميابيءَ سان هلي رهيو آهي. هاڻي حڪومت کي گهرجي ته ان پروجيڪٽ کي عام هارين ۽ آبادگارن تائين رسائي ڏي. اميد آهي ته اسان جون زرعي يونيورسٽيون به هن ڏس ۾ ڪو ريسورس سينٽر ٺاهي زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي آگاهي ڏينديون ته جيئن اسان جو آبادگار ۽ هاري هن مارڪيٽ مان جيڪا هڪ نئين ۽ اڀرندڙ ۽ تمام منافعي بخش مارڪيٽ آهي ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو