مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسپين ۾ سرمائيداري خلاف هائوسنگ بحران تي عوامي مظاهرا، پاڪستان سرمائيداري نظام جي لت هيٺ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سرمائيداري نظام هڪ استحصالي نظام آهي. ڇو ته اهو نظام انسان کي انسان کان ويڳاڻو ڪري، منافعي لاءِ هر غير اخلاقي طريقو استعمال ڪري ڪم ڪري ٿو. تازوئي اسپين جي مختلف شهرن (ميڊرڊ بارسلونا ۽ ويلنسيا) ۾ هائوسنگ بحران گهرن جي وڌندڙ مسواڙن ۽ شارٽرم ٽورسٽ اپارٽمينٽ خلاف هزارين ماڻهن مظاهرا ڪيا، جڏهن هڪ مالڪ مڪان هڪ 87 سالن جي مسواڙ تي ويٺل عورت کي گهر مان بيدخل ڪري گهر ايئر بي اين بي تحت ڪرائي تي ڏيڻ لاءِ قدم کنيو. اسپين جي عوام مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري حڪومت کي اهو چتاءُ ڏنو ته مسئلي کي جلدي حل ڪيو وڃي نه ته اهي ڪرايو ڏيڻ کان انڪار ڪندا. دنيا ۾ سياحت وڌڻ سبب هوٽلن جا ڪرايا به وڌيا آهن. ايئر بي اين بي هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جيڪو نئين سرمائيداريءَ کي جنم ڏئي رهيو آهي، جيڪو سياحن جي لاءِ هڪ وڏي سهولت آهي، پر ساڳئي وقت ان ملڪ ۾ رهندڙ مسواڙين لاءِ هڪ مسئلو آهي. اهوئي سبب آهي جو هڪ وڏي عمر جي عورت جيڪا هڪ گهر ۾ مسواڙ تي رهيل هئي، ان کي بيدخل ڪري گهر ايئر بي اين بي تحت مسواڙ تي ڏنو ويو. هر ملڪ ۾ مسواڙ تي ڏنل جايون، ماڻهن جي ماهوار پگهارن مطابق ڏنل هونديون آهن ۽ ان جو بين الاقوامي اگهن سان ڪوبه تعلق ناهي هوندو، پر جڏهن هڪ امير ملڪ جو سياح ڪنهن غريب ملڪ ۾ وڏي رقم ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو ته گهر جو مالڪ لالچ ۾ اچي وڃي ٿو. جنهن جي تڪليف ڪرائيدار کي اچي ٿي.
دنيا ۾ هڪ نيو لبرل فريم ورڪ جنم وٺي رهيو آهي، جتي رياست پنهنجي بنيادي ذميداري پوري ڪرڻ بجاءِ مارڪيٽ کي کلي ڇوٽ ڏني آهي. فلاحي رياستون به هاڻي سستي ۽ عام هائوسنگ تعمير مان هٿ ڪڍڻ لڳيون آهن، پر ان هوندي به ڪجهه حڪومتون پنهنجن مقامي ماڻهن کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهيون آهن. جنهن ۾ بارسلونا جي مقامي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اهي 2028ع تائين شهر مان تمام ايئر بي اين بي لائسنس منسوخ ڪري رهائشي اپارٽمينٽ واپس مقامي شهرين لاءِ دستياب ڪندا. هن وقت پاڪستان ۾ به سرمائيداري نظام تمام تيزيءَ سان سماج کي پنهنجي طاقتور لت هيٺ آڻي چڪو آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ سياسي طور ڏٺو وڃي ته ليبر يونينز جو زوال اچي چڪو آهي، اهي پارٽيون جيڪي ڪڏهن رياستي پاليسين، آمراڻن دورن جي جبر ۽ سرمائيداري جي خلاف احتجاج ڪندي نظر اينديون هيون اهي هاڻي اسان کي ڪٿي به نظر نٿيون اچن. ضياءُ الحق جي آمراڻي دور ۾ ليبر يونينز جي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو ويو، پورهيت اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ڪري انهن کي تنظيم سازيءَ کان روڪيو ويو ۽ مزدور سياست جو خاتمو ڪيو ويو. 1990ع واري دور ۾ آءِ ايم ايف جي ايجنڊا کي تيزيءَ سان لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي. جنهن ۾ هٿرادو سرڪاري ادارن کي پهرين تباهه ڪري پوءِ انهن کي نيلام ڪيو ويو، جنهن ۾ بينڪون، نيشنل رفائنريون، ٽيليڪام، پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل جهڙا ادارا خانگايا ويا. لکين ماڻهن جون ملازمتون ختم ڪري انهن کي زبردستي گولڊ هينڊ شيڪ وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو ته جيئن ادارن اندر يونينز جي اثر کي گهٽايو وڃي. ڪانٽريڪٽ سسٽم کي طاقتور ڪيو پيو وڃي، سرڪاري ملازمتن ۾ پڪا ملازم رکڻ بدران ڪمپنين، ٺيڪيدارن يا ٽئين ڌر ذريعي مزدورن ۽ اسٽاف جي ڀرتي ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿيو آهي. ان سسٽم تحت سرڪاري ملازم ڪمپني جو مزدور بڻجي چڪو آهي.
اڄ پاڪستان جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ انڊسٽري ان ٺيڪيداري نظام تحت هلي رهي آهي. جڏهن مزدور جي طاقت کي ختم ڪيو ويو ته يونينز به ختم ٿي ويون ۽ مزدور کي سرمائيدار اپاهج بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ليبر يونينز ملڪ ۾ صرف پگهارن لاءِ آواز ناهن اٿارينديون، بلڪه مهانگائي ۽ اسيمبلين ۾ ٿيندڙ قانون سازي، ريئل اسٽيٽ ۽ هر ننڍي وڏي قانون لاءِ جيڪو سندن زندگين تي اثر انداز ٿيندو آهي ان لاءِ آواز اٿارينديون هيون. اڄ مزدور جو مسئلو ته زنده آهي، پر اڳواڻي ڪندڙ غائب آهي. اڄ پاڪستان ۾ سرمائيداري نظام رياستي پاليسين، بين الاقوامي مالياتي ادارن (آءِ ايم ايف ورلڊ بينڪ ) سياسي ۽ عسڪري ڳٺ جوڙ سان پکڙجي ۽ طاقتور ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ريئل اسٽيٽ سرمائيداري آهي. جنهن سان ملڪ ۾ صنعتن ۽ پيداواري عمل بدران ريئل اسٽيٽ ۽ زمينن جي سوديبازي ۾ هڪ ئي زمين جون ڪيئي ڀيرا منتقليون ٿين ٿيون، جنهن جو مثال اسان کي بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽين جي شڪل ۾ نظر ايندو، جتي هارين جون زرعي زمينون هڙپ ٿي رهيون آهن، تاريخي ڳوٺ زبردستي خريد ڪري مسمار ڪيا پيا وڃن، گهر هاڻي انسان جي رهڻ جو بنيادي حق هجڻ بجاءِ اميرن جي سيڙپڪاري جو اوزار بڻجي چڪو آهي ۽ جتي جيڪو ماڻهو ويٺل آهي سڀاڻي اتي ڪوبه سيڙپڪار اچي ان کان ان جو گهر خالي ڪرائي هڪ نئين سيڙپڪاري جو اعلان ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جو حڪمران ۽ سرمائيدار قانوني هاري کي بيدخل ڪري اتي ڏهاڙي تي مزدور لڳائي ڪارپوريٽ فارمنگ کي هٿي ڏئي رهيو آهي. هزارين ايڪڙ سرڪاري زمينون جيڪي غريب هارين کي ملڻ گهرجن، اهي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ وڏن سيڙپڪارن حوالي ڪيون پيون وڃن. پاڪستان اندر خانگائڻ وارو عمل تيزيءَ سان هر اداري ۾ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. جڏهن رياست پنهنجون سماجي ذميداريون ختم ڪري، تعليم، صحت، بجلي ۽ پاڻيءَ جهڙين شين کي خريد ۽ فروخت جي شيءِ بڻائي ڇڏيندي آهي ته اتي سرمائيدار جاءِ والاريندو آهي. يقينن ان جا ڏوهاري اهي ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجن ادارن ۾ ويهي پنهنجين ذميدارين کي پورو نٿا ڪن. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ سرڪاري اسڪول ۽ اسپتالون پرائيويٽ اسڪولن ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. پاڪستان جي سياسي ايوانن ۾ اڄ سرمائيدار، مل مالڪ ۽ ريئل اسٽيٽ مافيا جو قبضو آهي. عوام کي پنهنجي اردگرد تبديلين کي غور سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته سرمائيداري نظام عوام جي ڀلائيءَ لاءِ نه، پر منافعي بخش معيشت جي اصولن تي ڪم ڪندو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو