پاڪستان ۽ روس: جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ سهڪار جا نوان امڪان
دنيا هن وقت تيزيءَ سان ڊجيٽل انقلاب ڏانهن وڌي رهي آهي. مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ جديد سائنسي تحقيق جا شعبا نه رڳو معاشي ترقيءَ جا اهم محرڪ بڻجي چڪا آهن، پر ملڪن جي سياسي، معاشي ۽ دفاعي سگهه جا به اهم عنصر بڻجي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي اهميت رکي ٿي. جيڪڏهن هن سهڪار کي رڳو ڳالهين ۽ اعلانن تائين محدود رکڻ بدران عملي منصوبن ۾ تبديل ڪيو وڃي ته اهو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. 5 نومبر 2026ع تي اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ آءِ ٽي سهڪار بابت ويبينار سيريز جو ٽيون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي حڪومتي عملدارن، صنعتي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ ۽ ماسڪو جي يونيورسٽي آف ورلڊ سولائيزيشنز جي سهڪار سان ٿيل هن اجلاس جو اهم مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ ۾ موجود حڪومتي رابطن کي ڪاروباري لاڳاپن، گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ هو. اجلاس ۾ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل گورننس، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ آءِ ٽي خدمتن جي واپار جهڙن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ٽيڪنالاجي پاڪستان جي معاشي تبديليءَ جو اهم ذريعو آهي. حڪومت جي قومي معاشي منصوبي ”اڏام پاڪستان“ ۾ به ڊجيٽل پاڪستان کي بنيادي اهميت ڏني وئي آهي، جڏهن ته 2035ع تائين ملڪ جي معيشت کي هڪ ٽريلين ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ موجب پاڪستان ۾ هر سال 75 هزار کان وڌيڪ آءِ ٽي گريجوئيٽ تيار ٿي رهيا آهن ۽ 2030ع تائين مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ڏهه لک ماهر تيار ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ان مقصد لاءِ تحقيق، جدت ۽ صنعت وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ خاطر مصنوعي ذهانت جا ست نوان مرڪز قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ آهي. اهي انگ اکر پاڪستان جي نوجوانن ۽ انساني وسيلن جي صلاحيت ظاهر ڪن ٿا، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان وٽ انهن نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ گهربل تعليمي، تحقيقي ۽ صنعتي ماحول موجود آهي؟ رڳو آءِ ٽي گريجوئيٽ تيار ڪرڻ ڪافي ناهي، پر انهن کي جديد مهارتن، عملي تربيت، تحقيق جي سهولتن ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ به ضروري آهي. يونيورسٽين ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين وچ ۾ رابطا مضبوط ڪرڻ کانسواءِ مصنوعي ذهانت بابت مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿيندو.
پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ سهڪار جو هڪ اهم پاسو ٻنهي ملڪن جي مختلف صلاحيتن جو گڏيل استعمال آهي. روس وٽ سائنس، انجنيئرنگ، رياضي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي تحقيق جو وسيع تجربو موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان وٽ نوجوان ۽ تربيت يافته افرادي قوت آهي، جيڪا گهٽ خرچ تي آءِ ٽي خدمتون فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ٻنهي ملڪن جي انهن صلاحيتن کي گڏائي مصنوعي ذهانت، سافٽ ويئر، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊيٽا جي انتظام جي شعبن ۾ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل مصنوعات ۽ خدمتون تيار ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي نه رڳو ٻنهي ملڪن جي ضرورتن کي پورو ڪن، پر عالمي مارڪيٽن ۾ به مقابلو ڪري سگهن. اجلاس ۾ پاڪستاني ڪمپنين ايبرڪس ۽ ٽي ايم سي گروپ جي نمائندن روسي ڪمپنين پازيٽو ٽيڪنالاجيز ۽ روسي ڪوانٽم سينٽر جي نمائندن سان گڏيل منصوبن ۽ جديد ڊجيٽل حلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪا ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي آهي. خاص طور تي سائبر سيڪيورٽيءَ جو شعبو ٻنهي ملڪن لاءِ اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته سرڪاري ادارن، بئنڪن، صنعتن ۽ عام شهرين جي ڊيٽا جو تحفظ هاڻي هڪ بنيادي ضرورت بڻجي چڪو آهي. ساڳيءَ ريت ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊجيٽل گورننس ذريعي سرڪاري خدمتن جي رفتار، شفافيت ۽ اثرائتي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان وٽ به ڊجيٽل نظامن جي حوالي سان ڪجهه اهم تجربا موجود آهن. نادرا جو ڊجيٽل سڃاڻپ وارو نظام ۽ فوري ادائيگين جو پليٽ فارم ”راست“ ان جا مثال آهن. ڏنل انگن اکرن موجب، هڪ ئي ٽه ماهي ۾ راست ذريعي 64 ڪروڙ 60 لک مالي ٽرانزيڪشنز ٿيون، جيڪي ملڪ ۾ ڊجيٽل مالي خدمتن جي وڌندڙ استعمال کي ظاهر ڪن ٿيون. اهڙن تجربن جي بنياد تي پاڪستان ٻين ملڪن سان گڏيل ٽيڪنالاجي منصوبن ۾ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بهرحال، اهڙي سهڪار ۾ ڪجهه بنيادي ڳالهين کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي، ڊيٽا جي تحفظ، دانشوراڻي ملڪيت جي حقن، مقامي ماهرن جي تربيت ۽ منصوبن جا ڊگهي مدي وارا فائدا يقيني بڻائڻ ضروري آهن. پاڪستان کي اهڙن معاهدن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، جن ذريعي رڳو ٻاهرين ٽيڪنالاجي خريد ڪرڻ بدران مقامي سطح تي تحقيق، پيداوار ۽ ماهر افرادي قوت جي تياريءَ کي هٿي ملي. گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين، تحقيقي ادارن ۽ نجي ڪمپنين وچ ۾ مستقل رابطا قائم ڪرڻ گهرجن.
روسي نائب وزير بيلا چرڪيسووا پاران پاڪستان سان ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ۽ پاڪستاني سفير فيصل نياز ترمذي پاران گڏيل منصوبن جي امڪانن تي زور ڏيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي پاسن کان دلچسپي موجود آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي متوقع روس دوري مان به ان سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جون اميدون آهن. بهرحال، پاڪستان لاءِ اصل ڪاميابي تڏهن هوندي، جڏهن اهي ڳالهيون عملي ڪاروباري معاهدن، گڏيل تحقيقي منصوبن، ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي ۽ روزگار جي نون موقعن ۾ تبديل ٿينديون. حڪومت کي گهرجي ته اعلانن تي عملدرآمد جي نگرانيءَ لاءِ واضح حڪمت عملي جوڙي ۽ ان لاءِ وقت مقرر ڪري. جديد دنيا ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊوڙ کان ٻاهر رهندڙ ملڪ معاشي طور پوئتي رهجي وڃن ٿا. تنهنڪري پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ هي سهڪار هڪ اهم موقعو آهي، جنهن کي رڳو سفارتي لاڳاپن تائين محدود رکڻ بدران علم، تحقيق، صنعت ۽ معاشي خودمختياريءَ جي مضبوط بنياد طور استعمال ڪرڻ گهرجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟