گرميءَ جي شدت ۽ کاڌي پيتي جي معمولي تبديلين سان صحت کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگهجي ٿو
اپريل جي مهيني کان گرميءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندي ٿيندي هن وقت سڄي سنڌ ۾ گرمي پد ڪجهه علائقن ۾ 50 سينٽي گريڊ کان به مٿي چڙهي چڪو آهي ۽ اڃان تائين سنڌ ۾ برساتن جي مند به شروع ناهي ٿي، اهو گرمي پد ڪنهن به علائقي جي ماڻهن لاءِ صحت جا سنگين خطرا پيدا ڪري سگهي ٿو. اهڙي گرميءَ جي شدت ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، وڻڪار جي کوٽ، بنيادي سهولتن جي کوٽ، عوام جي زندگين کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. جيئن ته انسان مشڪل حالتن ۾ به جيئندو آيو آهي ۽ پنهنجي جيئڻ لاءِ رستا ڳولهي اهڙا گس ڪڍيا آهن جو هو پنهنجي زندگيءَ کي محفوظ بڻائي سگهي. ان ۾ سڀني کان اهم ڳالهه سخت موسمن سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ غذا ۽ پيئڻ جي شين ۾ ڪهڙيون شيون استعمال ڪري پنهنجي صحت کي بهتر بڻائي پنهنجي جسم جي گرميءَ جو پد ڪيئن گهٽ يا وڌ ڪري سگهجي ته جيئن موسمي تبديلين کي سٺي صحت سان منهن ڏئي سگهجي. ٿڌن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو سخت ٿڌ ۾ پنهنجي جسم جي توانائي کي بچائڻ جي لاءِ اهڙي غذا کائيندا آهن ۽ اهڙا مشروب پيئندا آهن جنهن سان سندن جسم جي حرارت وڌي سگهي. جڏهن ته اسان جهڙن گرم ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو اهڙي غذا ۽ اهڙا مشروب استعمال ڪندا آهيون جنهن سان اسان جي جسم جو گرمي پد توازن ۾ رهي سگهي.
اسان مان اڪثر ماڻهو پاڻي ان وقت پيئندا آهن جڏهن انهن کي تمام گهڻي اڃ لڳندي آهي، پر حقيقت ۾ گرميءَ جي موسم ۾ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ بغير ضرورت جي پاڻي پيئڻ گهرجي. ننڍن ٻارن جي جسم ۾ پاڻي ۽ نمڪيات جي جلدي کوٽ ٿي ويندي آهي ان جي لاءِ والدين کي پنهنجي وس آهر ڀرپور خيال رکڻ گهرجي. گهر ۾ ڪنهن هڪ وقت تي پاڻيءَ ۾ ليمون ملائي ان ۾ ٿورو لوڻ ۽ هلڪي کنڊ ملائي ٻارن کي شربت ٺاهي پيارجي يا گهر ۾ ڄمايل ڏهي جي لسي ٺاهي ان کي ڇڊو ڪري ٻارن کي گرميءَ جي موسم ۾ پيارڻ ٻارن جي صحت لاءِ تمام فائديمند آهي. نه صرف ٻارن جي لاءِ پر هر عمر جي فرد جي لاءِ فائديمند آهي. گرمي جي موسم ۾ ڪوشش ڪجي ته چانهه، ڪافي يا بازار مان مليل جيڪي به برانڊيڊ پيئڻ جا شربت يا بوتلون دستياب آهن انهن کان پاسو ڪجي. ڇو ته انهن ۾ کنڊ جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي ۽ اهو اسان جي جسم جي نظام کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي ٿو. بدلجندڙ وقت ۽ حالتن سبب اڄڪلهه گهڻا ٻار ٻنپهرن ۽ رات جي مانيءَ ۾ به ٻاهران کاڌو گهرائي کائين ٿا ۽ گهر جي دروازن تي اسان کي گلابي رنگ ۾ ملبوس بائيڪن تي رائيڊر نظر اچن ٿا. ڪوشش ڪجي ته گرمين جي موسم ۾ هلڪي غذا جنهن ۾ کچڙي، ڏهي ۽ ڀاڄيون جن ۾ گهٽ مصالحه هجن اهي گهر ۾ رڌي استعمال ڪجن ۽ وڌ کان وڌ ڦل ۽ فروٽ جو استعمال ڪجي جن ۾ پاڻي جو مقدار قدرتي طور موجود هوندو آهي ۽ انهن ۾ قدرتي مٺاڻ موجود هوندي آهي جيڪا اسان جي جسم کي توانائي مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن وقت ميون ۾ انب، هنداڻو، گدرا، ليمان، ڦاروا. سبزين ۾ ڪدو، توريون، ميها، ڀينڊيون،گوار ۽ ڪريلا موجود آهن انهن کي مختلف طريقن سان سادي انداز ۾ رڌي تازو پنهنجي خاندان جي فردن کي کارائڻ صحت جي لاءِ تمام ضروري آهي. جيڪي مالوند ماڻهو آهن جن وٽ پنهنجو کير، مکڻ، ڏهي، لسي موجود آهي انهن کي ته بازار جي شين کان بلڪل پاسو ڪري پنهنجي گهر ۾ ڏنل قدرتي نعمتن سان پنهنجون غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ گهرجن، پر بدقسمتي سان اڄڪلهه ٻهراڙين ۾ جن وٽ کير آهي اهي کير وڪڻي ٻاهران کان وڏيون وڏيون ڪولڊرنڪس جون بوتلون گهرائي پنهنجن ٻارن کي پيارين ٿا، جنهن جو نقصان سماج ۾ مختلف بيمارين جي شڪل ۾ نظر اچي رهيو آهي، اسان جا ننڍا ننڍا ٻار مختلف ڪينسرن جو شڪار آهن.
ان کان علاوه گڙدن جون بيماريون تمام گهڻيون عام ٿي چڪيون آهن. ماڻهن جي اندر رت جي گهٽتائي، ڪيلشم جي گهٽتائي هڪڙو عام مسئلو بڻجي چڪو آهي. ڇو ته اسان مصنوعي کاڌو کائڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون جنهن جي ڪري اسان جون نه صرف کاڌي پيتي جون عادتون تبديل ٿي ويون آهن، پر اسان مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهيون. جيڪي بظاهر ته بيماريون آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان جي کاڌي پيتي جي تبديليءَ جو نتيجو آهن. اڄڪلهه جي زندگي ماڻهن کي غير متحرڪ ڪري موبائيلن ۽ ڪمپيوٽرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهن جو جسماني تحرڪ گهٽجي چڪو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي صحت جي باري ۾ اڄ کان ئي سوچڻ شروع ڪريون. اهڙا کاڌا جيڪي اسان جي صحت کي نقصان پهچائي رهيا آهن انهن کان پاسو ڪريون ۽ سادي صحتمند غذا واپرايون، سادو پاڻي جيڪو صاف سٿرو هجي اهو واپرايون جيڪو اسان جي جسم کي فائدو ڏئي سگهي. اسان جي جسم ۾ اندر جيڪا فائبر جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي اها شديد قبض جي صورت ۾ اڳيان اچي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ جسم ۾ ڪولسٽرول وڌي وڃي ٿو ۽ پوءِ اڳتي هلي اهو ذيابيطس ۽ دل جي مسئلن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. گهڻو پاڻي پيئڻ ۽ فائبر جو استعمال جيڪو اسان کي ڀاڄين ۽ فروٽ مان حاصل ٿي سگهي ٿو، تمام سادو طريقو آهي ۽ ٿوري ورزش اسان کي هڪ صحتمند زندگيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. اچو ته سڀ گڏجي ان پاسي سوچون ۽ صحتمند زندگيءَ ڏانهن قدم کڻون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟