مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

رضا ڊار واقعو: ملڪي سيڙپڪاريءَ لاءِ چئلينج، نجم سيٺي جا بيان ۽ عوام جي مايوسي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڄڪلهه سوشل ميڊيا کان وٺي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تائين پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ وفاقي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڏوهٽي جون خبرون بريڪنگ نيوز بڻيل آهن. جنهن ۾ روز ڪا نه ڪا نئين ۽ تازي خبر شامل ٿي وڃي ٿي. معاملو عوام تائين ڪافي ذريعن سان پهچي چڪو آهي ته ٻه پرڏيهي ڇوڪريون جن مان هڪ اسپين جي ۽ ٻي وينزويلا جي آهي، جن جي اسحاق ڊار جي ڏوهٽي رضا ڊار سان سينگاپور ۾ هڪ ڪرپٽو ڪرنسي جي تقريب ۾ ملاقات ٿي ۽ پوءِ رضا ڊار ۽ انهن ڇوڪرين جو پاڻ ۾ ڪو ڪاروباري معاملو جڙيو. ڪجهه عرصي تائين رضا ڊار کي منافعو مليو ۽ جڏهن منافعو بند ٿيو ته اتان هڪ ٻي وارتا شروع ٿي ۽ پوءِ رضا ڊار انهن ٻنهي ڇوڪرين کي پلاننگ سان پاڪستان گهرائي مري ۽ نٿيا گلي جو سير ڪرايو، پوءِ انهن کي هڪ بنگلي ۾ قيد ڪري، انهن تي نه صرف جسماني تشدد ڪرايو، پر انهن کي جنسي زيادتيءَ جو نشانو پڻ بڻايو ويو. جيڪي ڳالهيون هاڻي حلفيه بيان جيڪو ڇوڪرين 164 تحت ڏنو آهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ايف آءِ آر ۾ درج ٿي چڪيون آهن. ڇوڪرين جي مائٽن کان تاوان جي رقم گهرائي وئي ۽ هاڻي اهي ڇوڪريون پنهنجي ملڪ روانيون ٿي چڪيون آهن. اهو واقعو اسان جي عوام لاءِ ڇرڪائيندڙ نه، بلڪه هڪ اهڙو واقعو بڻجي سامهون آيو آهي، جنهن ۾ عوام ان کي اشرافيه جي زندگيءَ جو هڪ معمول سمجهي قبول ڪري ورتو آهي. جڏهن ته هن واقعي پاڪستان جي بين الاقوامي ساک کي سخت ڇيهو رسايو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايندڙ سيڙپڪارن جي اعتماد کي ڪمزور ڪيو آهي.
هن واقعي ۾ نه صرف اسحاق ڊار جي خاندان جي بدنامي ٿي آهي، پر پي ايم ايل (ن) جي سياسي بدنامي ۽ مٿس ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي. ڇو ته اسحاق ڊار نواز شريف خاندان جو تمام ويجهن مان هڪ آهي، جن سان سندس مٽي مائٽي به ٿيل آهي ۽ هو پارٽيءَ جي به انتهائي اهم صفن ۾ شامل آهي. مريم نواز جي وزيراعليٰ ٿيڻ کانپوءِ پنجاب ۾ گڊ گورننس جو راڳ ڏاڍي ترنم سان آلاپجي رهيو آهي، پر هن واقعي ان راڳ جي اصليت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. 2023ع ۾ چونڊجي ايندڙ (ن) ليگ جنهن کي پي ٽي آءِ فارم 47 جي حڪومت چئي مسلسل تنقيد ڪندي رهي آهي، ان اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان وٺي اچڻ لاءِ ننهن کان وٺي چوٽيءَ جو زور به لڳايو ۽ قانون ۾ تبديليون ڪري سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هن واقعي ان سڄي عمل کي وڏو ڌڪ هنيو آهي. جڏهن ٻن پرڏيهي عورتن سان ايڏو وڏو واقعو دنيا جي اڳيان آيو آهي ته ان جو نقصان صرف هڪ پارٽيءَ جو نقصان نه، پر پوري ملڪ ۽ قوم جو نقصان آهي. يورپي ملڪن جي سفارتخانن پاران ان واقعي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، جيڪا نه صرف اسان جي سفارتي حلقن لاءِ، پر پوري ملڪ ۽ ملڪي ادارن لاءِ شرمندگيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي. ڊار خاندان جو (ن) ليگ تي تمام گهڻو اثر رهيو آهي ۽ هي واقعو ان اثر جو نتيجو آهي، جو ان خاندان جي هڪ فرد جي ڏوهه سبب پاڪستان کي ايڏي وڏي رسوائيءَ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. 1978ع ۾ به اداڪارا شبنم جي گهر ۾ فاروق بنديال هٿياربندن سان گڏ داخل ٿي ساڻس ڏاڍائي ڪئي جنهن ڪري شبنم کي ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ ملڪي فلمي صنعت ويهي رهي. 2015ع ۾ اڳوڻي وفاقي وزير صديق ڪانجو جي پٽ سر عام شراب جي نشي ۾ هڪ بيواهه جي 16 سالن جي نوجوان پٽ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. 2012ع ۾ شاهه رخ جتوئي جو واقعو اکين اڳيان آيو ۽ پوءِ ڪيس جو فيصلو معافي نامي تي ختم ٿيو. عوام سوچي ٿو ته ملڪ ۾ آخر ڪيترا قانون آهن.
عوام سوال ڪري ٿو ته ڇا هو هڪ آزاد جمهوري ملڪ ۾ رهائش پذير آهن يا ڪنهن بادشاهت جي رعايا. هيءَ رياست اڃان تائين هڪ رياست نه بڻجي سگهي آهي ۽ اسان بادشاهت واري دور ۾ زنده آهيون، جتي اشرافيه جو عدالتن سوڌو ادارن تي مڪمل قبضو آهي. عوام جو ڪم صرف ووٽ جي پرچي بيلٽ باڪس ۾ وجهڻ آهي. ان کانپوءِ اها اشرافيه ڇا ٿي ڪري، ملڪ ڪيئن ٿي هلائي، جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿي ته کيس غير سياسي بنيادن تي سزائون اچن ٿيون يا نه. عوام ان لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. افسوس آهي ته اهڙي وقت ۾ نجم سيٺي جهڙا ڪجهه صحافي جن جو آواز بين الاقوامي سطح تي ٻڌو وڃي ٿو، جڏهن اهي به هن واقعي کي صرف ايترو چئي نظر انداز ڪن ٿا ته “هي ٻن ٽن ڏينهن جو معاملو آهي” جيڪو سچ به آهي، عوام اهي لفظ ٻڌي تمام گهڻو مايوس ٿي وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته نجم سيٺي جو اهو جملو هڪ خوفناڪ سچائيءَ سان ڀريل آهي، پر مين اسٽريم ميڊيا جي چينل تي ويهي کيس اشرافيه کي وڌيڪ طاقتور ڪرڻ ۽ عوام کي مايوس ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اهڙا صحافي به اشرافيه جو حصو آهن، جيڪي عوام ۾ مايوسي پکيڙين ٿا ۽ اشرافيه هڪ بدمست هاٿيءَ وانگر پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري عوام ۽ قانون کي لتاڙي رهي آهي. سياسي پارٽين جي ساک خطرناڪ حد تائين ڪري چڪي آهي ۽ گڏوگڏ صحافت جي بيحسي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. جڏهن ته اهڙن صحافين کي پنهنجي قلم جي طاقت سان هن نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پر افسوس ته اهي به بيحسيءَ جو شڪار ٿي هن نظام اڳيان هار مڃي ويٺا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو