پاڪستان جي سامونڊي معيشت لاءِ نئون موقعو
پاڪستان مالي سال 2026ع دوران تقريبن 57 ڪروڙ ڊالر ماليت جون مڇي ۽ سامونڊي خوراڪ جون پيداوارون برآمد ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. بظاهر هي انگ ملڪ جي مجموعي معيشت جي مقابلي ۾ محدود نظر اچي ٿو، پر ان جي اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي، جو هي ڪاميابي هڪ اهڙي شعبي مان حاصل ٿي آهي، جنهن ۾ پاڪستان وٽ قدرتي وسيلن، ڊگهي سامونڊي پٽي ۽ روزگار پيدا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. جيڪڏهن هن شعبي کي جديد ٽيڪنالاجي، مناسب سيڙپڪاري ۽ موثر برآمداتي پاليسي سان ترقي ڏني وڃي ته سامونڊي معيشت پاڪستان لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو هڪ اهم ذريعو بڻجي سگهي ٿي. خاص طور تي حوصلا افزا ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني سامونڊي خوراڪ جون پيداوارون ٻيهر يورپي يونين جي مارڪيٽن تائين پهچي رهيون آهن. يورپي مارڪيٽ عالمي سطح تي خوراڪ جي معيار، صفائي ۽ حفاظتي معيارن بابت انتهائي حساس سمجهي وڃي ٿي. اهڙي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني پيداوارن جي رسائي رڳو برآمدن ۾ واڌ جي علامت ناهي، پر اها عالمي خريدارن جو پاڪستاني سامونڊي خوراڪ تي اعتماد بحال ٿيڻ جو پڻ ثبوت آهي. پاڪستان مان سامونڊي خوراڪ جي خريداري تي يورپي يونين طرفان 2007ع ۾ مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ 2013ع ۾ ڪجهه ڪمپنين کي محدود رسائي ملي ۽ سالن جي محنت، معيار بهتر ڪرڻ ۽ عالمي ضابطن تي عمل ڪرڻ کانپوءِ اڄ پاڪستاني پيداوارن لاءِ يورپي مارڪيٽ جا دروازا ٻيهر کلي رهيا آهن. هي تجربو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته برآمداتي شعبن ۾ عالمي معيارن کي نظرانداز ڪرڻ سان مارڪيٽ وڃائي سگهجي ٿي، جڏهن ته معيار، شفافيت ۽ مسلسل محنت سان وڃايل اعتماد ٻيهر حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان صرف مڇي ۽ سامونڊي پيداوار وڪڻي پنهنجي برآمداتي صلاحيت کي محدود رکندو يا ان کي ويليو ايڊيشن ذريعي وڌيڪ منافعي واري صنعت ۾ تبديل ڪندو؟ ميرين فشريز ڊپارٽمينٽ موجب جيڪڏهن ڪچي مال جي بدران تيار ۽ ويليو ايڊيڊ پيداوارون برآمد ڪيون وڃن ته سامونڊي خوراڪ جون برآمدون 3 ارب ڊالر تائين وڌي سگهن ٿيون. هي امڪان پاڪستان جي معاشي پاليسي ٺاهيندڙن لاءِ سنجيده ڌيان جو متقاضي آهي. ويليو ايڊيشن جو مطلب رڳو مڇي کي صاف ڪري پيڪ ڪرڻ ناهي، پر ان مان مختلف تيار پيداوارون ٺاهڻ، جديد طريقي سان محفوظ ڪرڻ، فروزن ڪرڻ، پيڪنگ، برانڊنگ ۽ عالمي مارڪيٽن جي ضرورتن مطابق پيداوار تيار ڪرڻ آهي. اهڙي صنعت سان نه رڳو برآمدي آمدني وڌندي، پر پروسيسنگ، پيڪنگ، ٽرانسپورٽ، ڪولڊ چين ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا. پاڪستان وٽ سامونڊي وسيلن جي موجودگي هڪ وڏي قدرتي معاشي طاقت آهي، پر ان طاقت کي معاشي فائدي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. فش هاربرز کي جديد بڻائڻ، ڪولڊ اسٽوريج جون سهولتون وڌائڻ، صفائي ۽ معيار جا عالمي نظام لاڳو ڪرڻ، ماهيگيرن کي جديد تربيت فراهم ڪرڻ ۽ برآمد ڪندڙ صنعتن کي مناسب سهولتون ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان سان گڏ غيرقانوني شڪار ۽ سامونڊي وسيلن جي بي ترتيبي سان استعمال کي روڪڻ به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته قدرتي وسيلن جو تحفظ ئي ڊگهي مدي واري معاشي فائدي جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو. خاص طور تي سنڌ لاءِ هن شعبي جي اهميت وڌيڪ آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽي، ڪراچي ۽ ان سان لاڳاپيل فش هاربرز ملڪ جي سامونڊي معيشت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪڏهن مقامي سطح تي مڇيءَ جي پروسيسنگ، پيڪنگ ۽ برآمد جون جديد صنعتون قائم ڪيون وڃن ته ساحلي علائقن جي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا وڌي سگهن ٿا ۽ مقامي معيشت مضبوط ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان کي هاڻي رڳو اهو نه سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ڪيترو ڪچو مال موجود آهي، پر اهو به سوچڻ گهرجي ته ان ڪچي مال مان ڪيتري قدر وڌيڪ قدر واري پيداوار، برانڊ ۽ پرڏيهي ناڻو پيدا ڪري سگهجي ٿو. جاپان جهڙيون حساس، پر اعليٰ قيمت ادا ڪندڙ مارڪيٽون معيار ۽ ويليو ايڊيشن کي بنياد بڻائين ٿيون. جيڪڏهن پاڪستان عالمي معيار کي پنهنجي برآمداتي حڪمت عملي جو بنياد بڻائي، ته سامونڊي خوراڪ جي شعبي ۾ وڏيون نيون مارڪيٽون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. 57 ڪروڙ ڊالر جي موجوده برآمد يقينن هڪ اهم ڪاميابي آهي، پر ان کي منزل نه، پر شروعات سمجهڻ گهرجي. حڪومت، صنعت، ماهيگيرن ۽ برآمد ڪندڙن وچ ۾ مضبوط سهڪار پيدا ڪري ڪچي سامونڊي وسيلن کي اعليٰ قدر وارين پيداوارن ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. پاڪستان وٽ سمنڊ آهي، وسيلا آهن ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهچڻ جي صلاحيت به موجود آهي؛ هاڻي ضرورت صرف ان صلاحيت کي مستقل معاشي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟