مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

طاقتورن جي انائن ملڪ کي گهيري داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون 4 آڪٽوبر 2026 تي ناڪام ٿي ويون. حڪومت طرفان محسن نقوي پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجو موقف بيان ڪيو. جڏهن ته سلمان اڪرم راجا پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجو آئيني ۽ قانوني موقف بيان ڪيو. چوٿين تاريخ تي وزيراعليٰ ڪي پي ڪي لڪي مروت کان هڪ وڏي انگ سان اسلام آباد ڏانهن پنهنجو لانگ مارچ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ڪميٽيءَ جي حڪومتي (ن) ليگ جي نمائندن ۽ شريڪ پيپلزپارٽيءَ جو به جهڪاءُ آڻي ڪي پي ڪي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ يا گورنر راڄ لڳائڻ طرف کليل طور نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته سلمان اڪرم راجا ڳالهين جي ناڪامي جو سبب ان ڳالهه تي اسرار ڪندي ٻڌايو آهي ته حڪومت جو دهشتگرديءَ جي خلاف آپريشن ڪرڻ جو ارادو آهي، جيڪو اڳوڻي فاٽا جي ضلعن ۾ ٿيڻو آهي، اتي 72 ڪلاڪن اندر حڪومت ايمرجنسي لاڳو ڪري آپريشن ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ ان آپريشن لاءِ هن صوبائي حڪومت کان سمورن قدمن جي توثيق گهري ٿي. جڏهن ته حڪومت لکت ۾ معاهدي اندر “متفقه لفظ” جو استعمال ڪرڻ کان انڪاري هئي، جيڪو يقينن حڪومت جي بدنيتي تي مبني معاهدو ڪرڻ نظر اچي ٿو. هن معاهدي جي ناڪامي جي لاءِ مختلف مڪتبهءِ فڪر ۾ مختلف خيال جنم وٺي رهيا آهن، پر حقيقت اها آهي ته سڄي ڳالهه اچي ان متفقه لفظ تي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي نمائندي جي انڪار تي اچي ٽٽي ٿي.
ڇو ته دهشتگرديءَ جي خلاف ڪيل آپريشن ۾ ڪي پي ڪي جي حڪومت جو بغير ڪنهن متفقه آپريشن جي ڳالهه جي سڄو ملبو سياسي طور تي ڪي پي ڪي جي حڪومت يا پي ٽي آءِ جي حڪومت مٿان ڪري ها، جنهن جو نقصان اڳتي هلي پي ٽي آءِ کي سياسي طور تي ڀوڳڻو پوي ها. جيڪڏهن حڪومت جي نيت صاف هئي ته ان لفظ کان گريز نه ڪري ها، پر بئريسٽر اڪرم راجا ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت وقت سر قانوني ۽ سياسي ڄار کي سمجهي ورتو ته حڪومت جو متفقه لفظ کان انڪار ان خالي چيڪ تي صحيح وٺڻ برابر آهي، جنهن سان اڳتي هلي کين بيوس ڪري پنهنجي مرضيءَ مطابق عمل ڪيو وڃي. هن وقت ملڪ ۾ هڪ عجيب صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ سڀني کان وڏي ۽ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته حڪومت ۾ ويٺل (ن) ليگ ۽ ان جي اتحادي پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ ۾ حڪمران پارٽي آهي اهي به آهستي آهستي پنهنجو لاڙو آئين جي پلڙي ۾ وجهڻ بجاءِ ان طاقت جي پلڙي ۾ وجهندي نظر اچي رهيون آهن، جيڪا ملڪ کي غير آئيني طريقي سان هلائڻ چاهي ٿي. جڏهن آئين موجب ڏکيا قدم کنيا ويندا ته اهي هميشه آئيني حدن ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪندا. آئين مطابق سيڪيورٽي ادارا سيڪيورٽي سنڀالين ها ۽ سويلين حڪومتون ملڪ جو باقي سڄو نظام، استحڪام، ملڪ اندر سيڙپڪاري آڻڻ ۽ انتظامي بحرانن جا حل ڪڍڻ جا ذميدار هجن ها. خبر ناهي ته طاقتور ڌرين کي ڪهڙي ضرورت تحت آئين کان مٿانهان يا شارٽ ڪٽ ذريعي قدم کڻڻ جي تڪڙ آهي. عوام سڄو منظر ڏسي رهيو آهي. بين الاقوامي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن. جڏهن عالمي طاقتن جي مفادن جو تعلق پاڪستان جي علاقائي بيهڪ سان جڙي ٿو ته تاريخ هميشه اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ عالمي ۽ علاقائي بحرانن کي پنهنجي داخلي پوزيشن مضبوط ڪرڻ ۽ مالي ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي. هن وقت پاڪستان آمريڪا لاءِ سيڪيورٽي پارٽنرشپ فراهم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي پاليسي مطابق هن وقت پاڪستان ۾ جمهوريت يا آئين کان وڌيڪ خطي جي استحڪام ۽ سيڪيورٽي تي ڌيان ڏيڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو محسن نقوي اهو چوندي نٿو ڊڄي ته نوان صوبا هر حال ۾ ٺاهيا ويندا. جڏهن ته ملڪ جو عوام پنهنجي آئين کي بچائڻ جي لاءِ انهن عالمي طاقتن کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. آمريڪي پٺڀرائي تحت اسان جي اسٽيبلشمينٽ اڳوڻن فاٽا جي علائقن ۾ پنهنجو غلبو قائم ڪري افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ ان پوري سرحدي پٽيءَ کي بين الاقوامي سيڪيورٽي فورمن لاءِ جيڪا (آمريڪا، چين، سينٽرل ايشيائي) ملڪن لاءِ حساس بڻيل آهي ان تي آپريشن ڪري ان کي محفوظ بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. آپريشن ذريعي عالمي برادري کي اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن کين انهن علائقن تي سڌو سنئون انتظامي اختيار نه مليو ته اهي علائقا عالمي دهشتگرديءَ جون آمجگاهون بڻجي ويندا.
سعودي عرب ۽ يو اي اِي سان اسپيشل سرمائيڪاري جنهن ۾ سويلين حڪومت بدران سڌي سنئين فوجي ضمانت جي بنياد تي ملي رهي آهي. جنهن ۾ عرب ملڪن کي ون ونڊو سيڪيورٽي ۽ بزنس سيٽ اپ پيش ڪيو ويو آهي ۽ اربين ڊالرن جا معاهدا سڌا سنوان اسٽيبلشمينٽ جي نظرداري هيٺ اچن ٿا. سي پيڪ جو فيز-II شروع ٿيڻ لاءِ پڻ چين کي مسلسل اعليٰ سطح جي مليٽري ۽ سيڪيورٽي جي گهرج آهي. سنڌ ۽ ڪي پي ڪي تائين رسائي لاءِ چيني سيڙپڪاري، پورٽس (گوادر ۽ ڪراچي) ۽ معدنيات جي روٽ تي مڪمل ڪنٽرول لاءِ اسٽيبلشمينٽ صوبائي ۽ آئيني ترجيحن کي پاسيرو رکي پنهنجا فيصلا مڙهڻ چاهي ٿي. هن وقت طاقتور حلقن ۾ گهڻي بيچيني پکڙيل آهي ۽ اهي تڪڙو عوام تي نفسياتي دٻاءُ وجهي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن جنهن سان سنڌ اندر نون صوبن ٺاهڻ لاءِ آئين کان مٿانهان قدم کڻڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هي ملڪ آئين تحت نه، بلڪه هڪ ماڻهو جي حڪم تي هلي رهيو آهي. جڏهن ته عالمي طاقتون ان غير آئيني قدمن تي پنهنجن مفادن جي ڪري خاموش آهن. ملڪ کي آئين مطابق هلائڻ لاءِ عوام جي چونڊيل نمائندن کي ئي ڪم ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ سياستدانن کي پنهنجي پراڻي سياسي ثقافت ختم ڪرڻي پوندي. پنهنجن مخالفن کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو سهارو وٺڻ کان گريز ڪرڻو پوندو. جيستائين پارٽيون هڪٻئي جي خلاف عسڪري حمايت خريد ڪرڻ واري راند بند نه ڪنديون، تيستائين اسٽيبلشمينٽ به ڪنگ ميڪر وارو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو