مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا جا خدوخال مٽائڻ وارو شخص مڊٽرم چونڊن جي ريفرنڊم ۾ رد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

“ميڪ آمريڪا گريٽ اگين”(MAGA) جو نعرو ۽ نظريو کڻي ايندڙ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ري بپلڪن پارٽيءَ جو سختگير اڳواڻ بڻجي ويو. جنهن نعري جو مقصد آمريڪا کي پنهنجا رستا، پئسا ۽ وسيلا ٻين ملڪن جي جنگين يا امدادن تي ضايع ڪرڻ نه هو. نيٽو تي لکين ڊالر خرچ ڪرڻ جي سختيءَ سان مخالفت ڪئي پئي وئي ۽ آمريڪا اندر بند ٿيل فيڪٽريون ٻيهر کولڻ، چين يا ٻين ملڪن مان سامان تي ٽيڪس مڙهڻ جو مقصد ملڪ اندر پيداواري عمل شروع ڪرڻ هو ته جيئن آمريڪي مزدور کي تحفظ حاصل ٿئي. گڏوگڏ آمريڪا کي ميڪسيڪو بارڊر تي سخت نگرانيءَ ڪري غير قانوني مهاجرن کي روڪڻ آهي. مڊٽرم چونڊن ۾ واشنگٽن جي روايتي سياست کي رد ڪيو ويو. جنهن ۾ ٻئي روايتي پارٽيون بيوروڪريسي، ميڊيا ۽ پراڻا سياستدان آمريڪا کي ڊيپ اسٽيٽ سمجهي عوامي حقن کي نظر انداز ڪري سياسي مقصد پورا ڪن ٿا. ان فڪر آمريڪي يونيورسٽين جي لبرل ڪيمپس ڪلچر ۽ غزه واري معاملي تي پيدا ٿيل نئين عوامي شعور کي هٿي ڏني جنهن هاڻي سماج کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ سماج اندر چار وڏا ڏار ڏٺا وڃن ٿا. جنهن ۾ جين زي جو سڌو سنئون ترقي پسند قومپرستيءَ وارن سان مقابلو نظر آيو. يونيورسٽين مان نڪرندڙ نئين نسل پنهنجي سماج جي تنوع، انساني حقن ۽ پرڏيهي مظلومن جي حمايت برقرار رکي ۽ ان رستي تي مضبوطيءَ سان بيٺل نظر آيو. ان جي ابتڙ گورا آمريڪي ۽ سختگير طبقو هن نئين فڪر کي آمريڪي قدرن جو زوال سمجهي ٿو.
آمريڪا فرسٽ واري خيال پينٽاگون ۽ واشنگٽن جا روايتي حڪمران اسرائيل جي انڌي پٺڀرائي ڪرڻ لڳا. ٻئي پاسي لبرل ۽ مسلم ڊائيسپورا عالمي عدالتن ۽ انساني حقن جي پاسداري چاهي ٿو. جڏهن ته آمريڪا فرسٽ چوڻ وارا سڄي بين الاقوامي امداد بند ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا. هن وقت آمريڪا پنهنجي آبادي ۽ ڪيمپس سياست جي نتيجي ۾ ايندڙ تبديليءَ سبب ٻن حصن ۾ ونڊجي چڪو آهي. ڪنهن وقت آمريڪي جمهوريت دنيا لاءِ رول ماڊل هئي، پر اڄ آمريڪا جي گهٽين، ڪيمپسن اندر حقن لاءِ وڙهندڙ نوجوان نسل جنهن ۾ نئون آمريڪي به شامل آهي اخلاقي سبق ڏئي رهيو آهي. اسرائيل ۽ آمريڪي مڊٽرم چونڊن جا نتيجا عوامي جذبن جو کليل ريفرنڊم آهن. اسرائيلي ۽ آمريڪي نئون نسل اهو کليل پيغام ڏنو آهي ته اهي نفرت تي ٻڌل جنگين، پاور سسٽم ۽ پاليسين کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. سياستدان ۽ عسڪري جنرل عارضي طور پرڏيهي معاهدا ڪري سگهن ٿا، ملڪ لاءِ پاليسيون ٺاهي سگهن ٿا، پر جڏهن به عوام کي موقعو ملي ٿو ته اهي پاور سسٽم کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو مکيه طاقتور پاسو هميشه ڪيمپسن اندر نوجوان ووٽر ۽ لبرل اقليتون رهيون آهن. جڏهن وائٽ هائوس طرفان اسرائيل جي انڌي حمايت ڪئي وئي ته لبرل نوجوان ووٽر پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو ۽ انهن وڏي تعداد ۾ ٻاهر نڪري ٽرمپ کي دٻي تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو. آمريڪي پاليسي مطابق ڪانگريس ۽ سينيٽ ۾ ٻنهي پارٽين اندر اسرائيل لاءِ غير مشروط حمايت موجود رهندي آئي آهي، پر هن چونڊن جي نتيجي کانپوءِ ايندڙ ٻن مهينن کانپوءِ جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا عوام ڊيموڪريٽس ۽ ري پبلڪن تي ڪڙي نظر رکي ويٺو هوندو. سندن ڪيل فيصلا ئي کين ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب يا ناڪام ڪندا. آمريڪا فرسٽ واري نعري آمريڪا جي سڃاڻپ وڃائي ڇڏي هئي، پر مڊٽرم چونڊن ۾ آمريڪا جي عام ووٽر، تعصب ۽ اسلامو فوبيا واري پروپيگنڊا کي رد ڪري مرڪزي سطح تي ايوان نمائندگان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 مسلم قانونساز چونڊيا آهن.
جڏهن ته آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مشيگن مان ڊاڪٽر عبدالسيد هڪ مسلم ميمبر ڪامياب ٿيو آهي. انهن جو پنهنجن حلقن ۾ ڪامياب ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته فلسطين، انساني حقن ۽ آمريڪا جي اندروني معاشي اصلاحن بابت سندن موقف آمريڪي ووٽرن قبول ڪيو آهي. ضروري آهي ته اسين دنيا ۾ ٿيندڙ سياسي، معاشي ۽ فڪري تبديلين کي ڳوڙهي نظر سان ڏسون. هن وقت نوجوان طبقو نفرت جي ڀڙڪايل باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتل آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ فرسوده جسمن سان فرسوده خيال کڻي اڳيان ايندڙ ايم ڪيو ايم جو گروهه عوام کي هٿرادو ڌار ڪري نفرت جي باهه ڀڙڪائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. جنهن سماج اندر نفرت جي ٻج پوکڻ، انساني بنيادي حقن جي انڪار ۽ سماجي شعور کان لاتعلقي ظاهر ڪندي پرتشدد سياست ڪئي آهي. هڪ ڀيرو وري انهن کي اڳيان ڪري سنڌ اندر مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ويڙهائڻ ۽ لساني تعصب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تاريخ ۾ سندن ڪارناما لکيل آهن. جتي پارٽيءَ ۾ اختلافِ راءِ غداري سمجهيو ويندو هو. آمريڪي مڊٽرم چونڊن اهو ثابت ڪيو آهي ته حقيقي آمريڪا صرف وائٽ هائوس ۽ پينٽاگون ناهن، پر حقيقي آمريڪا اتان جو آئين غيرتمند ۽ باشعور لبرل عوام آهي. جيڪي مختلف ملڪن کان آيل مختلف ماڻهو آهن، پر هن وقت اهي صرف آمريڪي آهن. جتي آئين سڀني کي برابريءَ وارو حق ڏئي ٿو، انھن سياستدانن جي مغرور روين ۽ مسخرن واري ڪردار کي رد ڪيو آهي.پاڪستان جي حڪمرانن کي به آمريڪا جي مڊٽرم چونڊن مان اهوئي پيغام حاصل ڪرڻ گهرجي ته ملڪ اندر سياسي انجنيئرنگ ذريعي ملڪ جي خدوخالن کي تبديل ڪرڻ سولو ناهي. هٿرادو اقتدار عارضي آهي، حقيقي بالادستي ۽ آخري فيصلو سدائين آئين، اخلاقيات ۽ عوام جو ئي هوندو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو