مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڇا گلگت بلتستان جون چونڊون پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اتحاد لاءِ ٽيسٽ ڪيس بڻجي سگهن ٿيون؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هن وقت گلگت بلتستان ۾ سياسي سرگرميون ۽ چونڊن جي تياري عروج تي آهي. بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري، شازيه مري اتي موجود آهن ته ساڳئي وقت (ن) ليگ جا اهم اڳواڻ جن ۾ نواز شريف به شامل آهي، اتي پهتو عوام سان ڳالهايو ۽ معمول مطابق شڪايتون ڪيون. هن وقت GB جو سياسي ميدان گرم آهي، اتان جي سياست به مقامي برادرين، مذهبي ترجيحن ۽ اميدوارن جي ذاتي اثر تي ٻڌل هوندي آهي. عوامي لاڙو ڪهڙي پارٽيءَ طرف آهي، اهو اليڪشن واري ڏينهن خبر پوندي. بلاول ڀٽو ڪئمپين دوران اها گهر ڪئي آهي ته گلگت بلتستان جون چونڊون عام چونڊن سان گڏ ٿيڻ گهرجن، ڇو ته GB جون چونڊون ڌار ٿيڻ سان عوام جو لاڙو وفاقي حڪومت طرف رهي ٿو، ڇو ته اها سندن مفادن کي پورو ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اتان جون چونڊن عام چونڊن سان گڏ ٿيون ته عوام تان نفسياتي دٻاءُ گهٽجي ويندو. بلاول ڀٽو پنهنجي ڪئمپين دوران ارڙهين ترميم جي دفاع ۾ وفاق ۽ پنجاب تي مختلف قسمن سان تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ فائدو ارڙهين ترميم جو پنجاب حاصل ڪيو آهي، پر ان جي باوجود پنجاب ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
جڏهن بلاول پنجاب يا وفاق تي تنقيد ڪري ٿو ته سندس نشانو مسلم ليگ (ن) هوندي آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته لاهوري قيادت ننڍن صوبن ۽ پوئتي پيل صوبن جهڙوڪ: سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ جي بي جي وسيلن تي قبضو ڪري رڳو هڪ مخصوص شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪري ترقيءَ جو بيانيو ٺاهي ٿي. ڇو ته وفاق ۾ ويٺل (ن) ليگ جا رهنما جن جو تعلق پنجاب سان آهي، اهي صوبن کي ملندڙ اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان دلچسپي نٿا رکن، بلڪه ايندڙ بجيٽ ۾ صوبن کي ملندڙ رقم کي به گهٽ ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو اتان جي عوام کي هڪ دلچسپ جملي سان خبردار ڪيو آهي، “توهان مون کي فارم 45 ڏيو ۽ فارم 47 کي آئون پاڻ ڏسي وٺندس.” هن جملي جو مطلب اهو آهي ته فارم 45 جيڪو پولنگ اسٽيشن جو نتيجو هوندو آهي ۽ اتي پرزائيڊنگ آفيسر تيار ڪندو آهي، جنهن تي اميدوارن جا اصل ووٽ لکيل هوندا آهن ۽ سڀني پارٽين جي پولنگ ايجنٽن جون صحيحون ٿيل هونديون آهن، جيڪو عوام جي اصل ووٽ جو سڀ کان وڏو ثبوت هوندو آهي. جڏهن ته فارم 47 رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ تيار ٿيندو آهي ۽ سڀني پولنگ اسٽيشن جي فارم 45 کي گڏ ڪري تڪ جي مجموعي کٽيندڙ جو اعلان ڪيو ويندو آهي، ملڪي عام چونڊن تي اهو الزام لڳل آهي ته چونڊن جا نتيجا فارم 47 ذريعي ڏنا ويا. هن ڳالهه ذريعي بلاول پنهنجن ورڪرن کي سڌي طرح تيار ڪيو آهي ته کين پنهنجي فارم 45 جا ثبوت حاصل ڪرڻا آهن ۽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي هر امڪان کي روڪڻو آهي. بلاول جي ڪئمپين مان لڳي ٿو ته هو پنهنجي والده ۽ پنهنجي ناني وانگر پنهنجي نظرياتي اصولن جي ڳالهه ڪري جمهوريت کي مضبوط بڻائي عوام جو سهارو وٺي پنهنجي سياسي پوزيشن مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو.
جي بي جي سياست مٿان طاقت ۽ اقتدار جو پاڇو هميشه اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کي اڪثريت حاصل ٿي وئي تڏهن به پيپلزپارٽي امڪاني طور تي تحريڪ انصاف (وحدت المسلمين) ۽ مقامي مذهبي پارٽين سان گڏجي ڪو الائنس ٺاهي سگهي ٿو. ڇو ته سياست ۾ طاقت کان بغير پارٽي ڪجهه نٿي ڪري سگهي. ان کانپوءِ اهو به اهم سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان جون طاقتور ڌريون ڪيتريون غير جانبدار رهنديون جو اهي بلاول ڀٽو کي فارم 45 وارو بيانيو ٺاهڻ ۾ آزاد ڇڏين. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ان حڪمت عملي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وئي ته اهو پ پ جو هڪ “ماسٽر اسٽروڪ” هوندو ۽ پوءِ (ن) ليگ وفاق ۾ هجڻ باوجود طاقت وڃائي ويهندي، پر ان صورتحال کي پيدا ڪرڻ لاءِ اتان جي آزاد اميدوارن کي (ن) ليگ جي وفاقي فنڊن واري ڪارڊ کان پري رکڻ ۽ پي ٽي آءِ سان ڳٺ جوڙ ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو کي ڪامياب حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. جيئن ته پيپلزپارٽي بنيادي طور هڪ نظرياتي سوشلسٽ پارٽي آهي، وقت سان گڏ ان جي رنگن ۾ ضرور تبديلي نظر اچي ٿي، پر اهي سڀ شيون عارضي آهن. هن پارٽي ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي بينظير ڀٽو تائين پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ ۽ صوبن جي آئيني حقن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ قربانيون ڏنيون. ارڙهين ترميم ۾ به پيپلزپارٽي جو ڪردار اهم آهي. هن وقت (ن) ليگ جو بيانيو اهو آهي ته هن پنجاب ۾ ميگا پروجيڪٽن تي ڪم ڪيو آهي، موٽرويز تعمير ڪيا آهن، پر وٽس جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوبه بيانيو موجود ناهي. عوام کي انهن ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ شعور جي ضرورت آهي، جيڪو اڃان اسان جي عوام وٽ نه هجڻ برابر آهي، پر چونڊون جيڪڏهن وقت تي تسلسل سان ٿينديون رهيون ته عوام باشعور ۽ بيدار ٿيندو ويندو. ان لاءِ ميڊيا کي به پنهنجو درست ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهرحال هنن چونڊن کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ جيڪو اتحاد آهي ان ۾ لڳي ٿو ته ڪو نه ڪو ڏار ضرور پيدا ٿيندو يا ايئن کڻي چئي سگهجي ٿو ته جي بي جون چونڊون ٻنهي پارٽين جي اتحاد لاءِ هڪ وڏو ٽيسٽ ڪيس آهن. ڇو ته بلاول ڀٽو اڳ ۾ ئي فارم 45 بمقابلا فارم 47 وارو تڪرار شروع ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن پ پ محسوس ڪيو ته نتيجا مٽايا ويا آهن ته ڪڏهن به نتيجن کي قبول نه ڪندي ۽ آزاد اميدوارن کي لالچ ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تڏهن به پ پ ان کي پنهنجي لاءِ هڪ سياسي بيانيي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. ڇو ته بلاول هونئن به پنجاب جي قيادت تي ننڍڙي دل هجڻ جي تنقيد ڪندو رهندو آهي ۽ پوءِ اها تنقيد وڌندي نظر ايندي. جنهن کانپوءِ يقينن حالتون وفاقي حڪومت لاءِ پسنديده نه رهنديون، حڪومت ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندي. ممڪن آهي ته پوءِ پ پ ۽ پي ٽي آءِ هڪٻئي جي ويجهو اچي وڃن، جيڪو اسٽيبلشمينٽ لاءِ نئون امتحان هوندو. جنهن جي نتيجي ۾ چونڊون وقت کان پهرين ڪرڻ جو اعلان ٿي سگهي ٿو. حڪومت مان نڪرڻ سان پيپلزپارٽي کي عارضي طور تي نقصان ته ٿيندو، پر پ پ ان نقصان کي پنهنجي سياسي ۽ نظرياتي سڃاڻپ لاءِ هڪ ڪارڊ طور استعمال ڪري سگهندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو