پاڪستان ۾ ٿيندڙ حادثا هاڻي حادثا نه، هڪ سماجي رجحان بڻجي چڪا آهن
حادثو هڪ اهڙو واقعو هوندو آهي، جيڪو اتفاقي، اڻڄاتل ۽ غير متوقع هجي اهو روز جو معمول نه هوندو آهي ۽ نه ئي ان جي پٺيان ڪو منظم نظام هوندو آهي. جڏهن ته ڪوبه سماجي رجحان تڏهن جڙندو آهي، جڏهن ڪو ڏکوئيندڙ واقعو تسلسل سان ٿيڻ لڳي. جيئن اسان وٽ عورتن جو ڪاري ڪري مارڻ، عورتن تي گهريلو تشدد ٿيڻ، ننڍڙن ٻارن جو گٽرن جي کليل ڍڪن سبب ڪري مرڻ، ننڍن ٻارن جو گهٽين مان اغوا ٿيڻ، ڊمپرن جو گاڏين سان ٽڪرائجي ماڻهن کي چيڀاٽي مارڻ، وڏين وڏين گاڏين جو فوٽ پاٿن تي ستل ماڻهن مٿان چڙهي وڃڻ، ٽيوشن سينٽرن جون عمارتون ڪرڻ سبب ٻارن جو دٻجي مري وڃڻ، مدرسن اندر ننڍن ٻارن جو جنسي استحصال ڪري انهن جو روزانو جي بنياد تي قتل ٿيڻ ۽ قاتلن جو قانون کان بچي وڃڻ، عمارتن ۾ باهيون لڳڻ جنهن سبب هڪ ئي وقت سوين ماڻهن جو سڙي مري وڃڻ، بجليءَ جي ڪرنٽ سبب ماڻهن جو مرڻ، بسن اندر باهيون لڳڻ، بسن جو کاهين ۾ ڪرڻ، سي اين جي جا سلينڊر ڦاٽڻ سبب اسڪول جا ٻار سڙي وڃڻ ۽ گاڏين جا حادثا جنهن ۾ هڪ ئي وقت سوين ماڻهن جو مرڻ اهي سڀ اهي سماجي رجحان آهن جيڪي اسان کي روزانو جي بنياد تي اخبار پڙهڻ وقت يا خبرون ٻڌڻ وقت نظر مان گذرن ٿا. اسان کي حادثن ۽ سماجي رجحانن جي وچ ۾ فرق سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. حادثو ڪڏهن بدقسمتي يا وقتي غلفت سبب ٿيندو آهي ۽ ان پٺيان ڪو نه ڪو ذميدار هوندو آهي، جنهن جو قانون مطابق احتساب ٿيندو آهي. اسان جن حادثن بابت ذڪر ڪري رهيا آهيون اهي هاڻي حادثا ناهن. حادثي جي پٺيان اهي هڪ نظام جو رجحان آهن، جنهن کي اسين چئي سگهون ٿا ته “سسٽم ۾ آٽوميٽڪ” ٿي رهيا آهن.
ان سڄي نظام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ان خلاف ڳالهائڻ، لکڻ ۽ وڙهڻ جي ضرورت آهي. تازو لاهور ۾ هڪ گهر اندر ٽيوشن سينٽر ۾ ڇت ڪرڻ سبب 14 ٻار مري ويا، ساڳئي ڏينهن عمرڪوٽ ۾ ٽي ڇوڪريون اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب جان وڃائي ويٺيون، ان جي ٻئي ڏينهن لاهور ۾ وري هڪ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ٻار پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو. 3 جولاءِ 2026 تي ڪوئيٽا جي هڪ علائقي ۾ هڪ بس کاهي ۾ ڪرڻ سبب 40 ماڻهو هڪ ئي وقت دنيا مان رخصت ٿيا. ڇا اسين انهن سڀني کي محض حادثو چئي نظرانداز ڪري ويهون؟ اهي حادثا نه، پر اسان جي سسٽم جي خرابيءَ جو نتيجو آهن، جنهن ۾ ادارن جي صحيح ڪم نه ڪرڻ سبب اسان کي ان قسم جا روز نتيجا ڏسڻا پون ٿا. جيڪڏهن سرڪاري اسڪول 90 سيڪڙو به ڪم ڪن ته نه خانگي اسڪولن جي ضرورت پوندي نه ٽيوشن سينٽرن جي. ماڻهن کي ڊرائيونگ لائسنس سخت ٽيسٽ کان پوءِ ملندا ته پوءِ روڊ تي ڪوبه حادثو نه ٿيندو. هائوس بلڊنگ اٿارٽيون جيڪڏهن رشوت وٺي غلط نقشا پاس نه ڪنديون ته گهرن جون جتيون هرگز نه ڪرنديون. اهي بيان ڪيل حادثاتي رجحان صرف نظام ۾ احتساب جي نه هجڻ جو نتيجو آهن. هن وقت نظام هڪ ڪرپٽ ۽ غير معياري ماڻهو کي وڌيڪ مان ڏئي ٿو، جنهن سان ايماندار ۽ محنتي ماڻهو پنهنجو حوصلو وڃائي ويهن ٿا ۽ اهو رجحان صرف هڪ شعبي ۾ نه هر شعبي ۾ نظر اچي ٿو.
سماج ۾ اهڙن ڏوهن جو رجحان تسلسل سان ڏسڻ ۾ اچڻ ۽ ٿيڻ هن رياست جي ناڪامي ۽ لاپرواهيءَ جو کليل اعلان آهي ته نظام کي اصولن جي مطابق ڪم ڪرڻ جي لاءِ مجبور نه ڪيو ويندو. ٻارن جي تحفظ لاءِ موجود جيڪي ادارا ٺاهيا وڃن ٿا اهي صرف ڪاغذن تائين محدود آهن. عوام به پنهنجن انهن قانوني حقن جي لتاڙ تي خاموش نظر اچي ٿو. نياڻيون يونيورسٽين تائين پهچن ٿيون ته انهن کي اتي مختلف طريقن سان گهيري، ڊيڄاري ۽ ٻيا حربا استعمال ڪري هڪ اهڙي ڄار ۾ ڦاسايو وڃي ٿو، جتان انهن جو نڪرڻ نا ممڪن ٿيو پوي ۽ پوءِ سندن آخري قدم خودڪشيءَ طرف وڌي ٿو. هن سڄي صورتحال مان عوام مايوس ٿي چڪو آهي. ڪنهن به اهڙي رجحان (حادثي) کي ڏسي عوام جو ذهن يا دل ان تي رنج ٿيڻ بجاءِ هڪدم اهو مڃي وٺي ٿو ته اهو ته روز جو معمول آهي ۽ پوءِ زندگيءَ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. اها سماج جي بيحسي ۽ مايوسيءَ جي انتها آهي. جڏهن ڪنهن به سماج ۾ تسلسل سان اهڙا واقعا ٿيندا هجن ۽ ان کي معمول سمجهيو وڃي ته اها نااميدي جي انتها آهي. اهڙي حالت ۾ پڙهيل لکيل، باشعور طبقو سماج مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ڪجهه ماڻهو ان جو مقابلو ڪرڻ جي همت به ساريندا آهن. اسان سڀني کي حوصلي ۽ همت سان هن ڪرپٽ نظام جي ان سماجي رجحان جو، جنهن کي اسين روز ٿيندڙ حادثا چئون ٿا، مقابلو ڪرڻو پوندو. بهتر اهو آهي ته انهن کي حادثو چوڻ بجاءِ “ناڪام نظام جو رجحان” چئون. ليکڪن کي لکڻين ذريعي، ڪهاڻيڪارن کي ڪردارن ذريعي، شاعرن کي شاعري ذريعي، سوشل ورڪرن کي سماجي سجاڳي جي پروگرامن ذريعي عوام کي سجاڳ ڪري هن ڪرپٽ نظام سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. انهن مسئلن تي اسان کي ننڍين ننڍين گڏجاڻين ۾ انهن تي آواز اٿارڻ ۽ انهن تي بحث مباحثا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيسين عوام سجاڳ نه ٿيندو، هي بي لغام نظام مست هاٿيءَ وانگر غريب عوام کي پنهنجن پيرن هيٺان چيڀاٽي ايئن ئي هلندو رهندو. سوال اهو آهي ته ڇا عوام ان بدمست هاٿيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ٺاهڻ جي همت ڪري سگهي ٿي يا سالن کان جيئن چيڀاٽجندو رهيو آهي، ساڳيءَ ريت ڇيڀاٽجڻ پسند ڪندو؟
هي مضمون ڪيئن رهيو؟