مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ويڪيشن کانپوءِ سنڌ جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ گلن جي ورکا سان ٻارن جي آجيان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

5 آگسٽ 2026 تي ڪيترن ئي ماڻهن جي نظر مان فيس بُڪ تي هڪ وڊيو گذري هوندي، جنهن سڀني جي دلين کي خوش ڪري ڇڏيو هوندو ته استاد قطار ۾ بيهي موڪلن کانپوءِ اسڪول کلڻ تي ٻارن مٿان گلن جي پتين جي ورکا ڪندي آجيان ڪري رهيا آهن ۽ ٻارن جا چهرا خوشيءَ مان ٻهڪي رهيا آهن. جڏهن ٻارن کي استاد طرفان محبت، سچائي ۽ حوصلا افزائي ملندي ته ٻار اسڪول اچڻ چاهيندو ۽ خوشيءَ سان اچڻ چاهيندو. اها به اسان جي هڪ سماجي بيماري آهي ته اسان هڪ ناڪاري عمل کي ڏاڍي وڌاءُ سان بيان ڪندا آهيون. جڏهن ته ڪنهن چڱي عمل جي چرچا تمام گهٽ ٿيندي آهي. جيڪڏهن استاد پرعزم هجي ۽ سنڌ جي تعليمي نظام ۾ هو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ته سنڌ جي اندر ڏهن سالن ۾ هڪ وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو. جيڪڏهن استاد کي پنهنجي شاگرد جي نفسيات جي خبر هجي ۽ اخلاقيات جي باري ۾ جيڪڏهن ان جي سٺي تربيت ٿيل هجي ته هو تدريسي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻارن کي هڪ آئيڊيل شهري بنجڻ ۽ پراعتماد انسان بنجڻ ۾ ڀرپور مدد ڪري سگهي ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت سنڌ حڪومت آءِ بي اي سکر پاران ورتل ٽيسٽن ذريعي پاس ٿيندڙ ميرٽ تي استادن کي شفافيت سان اسڪولن ۾ ڀرتي ڪري رهي آهي. جنهن جا مثبت اثر نمايان ٿي رهيا آهن، جو اسڪولن ۾ وسيلن جي کوٽ هوندي به اتي پڙهيل لکيل قابل ۽ لياقت وارا استاد پهچي پنهنجي تدريسي ڏاهپ ۽ جديد طريقن سان ٻارن جي نفسيات کي سمجهندي پڙهائي رهيا آهن. سفارشي ڪلچر جي خاتمي ٿيڻ سان اسڪولن ۾ اهي ماڻهو اچي رهيا آهن، جيڪي اهل آهن ۽ نااهل ماڻهن جو رستو بند ٿيو آهي. جڏهن استاد تعليم يافته، باصلاحيت هجي ته شاگردن جو به مٿس اعتماد هوندو آهي ۽ اهي ٻار جيڪي اسڪول نه وڃڻ چاهيندا هئا هاڻي اهڙن استادن جي موجودگيءَ ۾ انهن جي حاضري بهتر ٿي رهي آهي.
اڃان به انهن استادن کي باقائدگيءَ سان ٻارن جي اخلاقيات کي بهتر ڪرڻ، انهن جي نفسيات کي سمجهڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ هڪ بهتر انسان بنائڻ لاءِ استادن جي وڌيڪ تربيت جي ضرورت آهي. افسوس ته سنڌ حڪومت کي هينئر استادن لاءِ هڪ اهڙي ايپ آڻڻي پئي آهي جنهن سان گوسڙو استادن جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ اها استادن جي چهرن جي نشاندهي ڪندي ته اهو واقعي اصلي استاد پنهنجي ڊيوٽي تي آيل آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيترائي باوقار، محنتي استاد روز پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڏين ٿا. انهن سڀني کي به هن ايپ جي ذريعي حاضري لڳائڻي پوي ٿي. جنهن جو سبب اهي گوسڙو استاد آهن جيڪي پگهار وٺن ٿا، پر پنهنجو فرض پورو نٿا ڪن. اسان سڄو دلو حڪومت جي برائين جي مٿان ٽوڙيون ٿا، پر پنهنجي ڪوتاهين تي نظر نٿا وجهون. هن وقت تعليم جي نظام ۾موجود سڀني استادن کي پنهنجي مائينڊ سيٽ کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ هن وقت تمام مشڪل حالتن مان گذري رهي آهي ۽ ان جو وڏو سبب سنڌ جي تعليم جي تباهي آهي جيڪا ضياءُالحق جي دور کان شروع ٿي. اهڙا استاد ڀرتي ڪيا ويا، جن کي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪنهن هڪ ننڍڙي چٺي يا سگريٽ جي پاڪيٽ مٿان نوڪري جو آرڊر ڏئي ڇڏيندا هئا. هاڻي اهو ٽولو رٽائر ٿي چڪو آهي ۽ نون استادن جي ٽيم جيڪي قابل ۽ اهل آهن پنهنجي عملي ميدان ۾ داخل ٿي چڪا آهن. انهن استادن کي ان ڳالهه کي سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي ته انهن کي اسڪولن تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن به ايپ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي.
ڇو ته جيڪڏهن اهي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت رکن ٿا ته انهن کي اسڪولن تائين اچڻو پوندو. اسڪول سنڌ جي قوم جو اهڙو مورچو آهي جتان اسان پنهنجي لاءِ اهڙو نسل پيدا ڪري سگهون ٿا جيڪي جهالت ۽ ناخواندگيءَ جي خلاف وڙهندا ۽ ان مائينڊ سيٽ سان ٽڪراءُ کائيندا جيڪو هن ڌرتيءَ تي بري نظر رکي ٿو. اهڙو شعور صرف هڪڙو اهڙو استاد ڏئي سگهي ٿو جيڪو پاڻ فڪري شعور سان مالا مال هجي. استادن کي صرف پگهار لاءِ نه، پر پنهنجي قوم جي دفاع ۽ پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ اسڪولن تائين انتهائي تياريءَ سان ۽ وڏي عزم سان روزانو وڃڻ گهرجي. اسڪول چاهي ڪچو هجي، ننڍڙي ڪنهن ڳوٺ جو هجي يا ڪنهن وڏي شهر جي پڪي عمارت ۾ هجي. اتي صرف وسيلا نه، پر هڪ پر تجسس ۽ پرعزم استاد اهڙا شاگرد پيدا ڪري سگهي ٿو، جن جا خواب پنهنجي ڌرتيءَ سان جڙيل هجن. سنڌ حڪومت کي تجويز آهي ته اهڙن اسڪولن جي ڊيٽا تيار ڪري هر مهيني جي بنياد تي سوشل ميڊيا ذريعي يا تعليم کاتي جي سرڪاري پورٽل ذريعي اڳيان آندي وڃي ۽ پوءِ انهن کي سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي رکيو وڃي، جتي شاگردن ۽ استادن جي حاضري سٺي هجي. اهڙن استادن جي همت افزائي به ضروري آهي، جيڪي بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي قومي فرض کي انتهائي ايمانداريءَ سان نڀائي رهيا آهن، جن وٽ سرڪار جا ڏنل جيڪي به وسيلا آهن انهن کي پنهنجي اسڪول تي لڳائي ٻارن لاءِ بهتر تعليمي ماحول مهيا ڪري رهيا آهن. حڪومت کي گهرجي ته اهڙن اسڪولن جي حوصلا افزائي لاءِ کين وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري. جنهن ۾ جديد عمارتون، سائنس ليبارٽريون، ڪمپيوٽر ليبس ۽ راندين جا ميدان شامل هجن ته جيئن اڃان وڌيڪ ٻار پنهنجن اسڪولن ڏانهن پهچي سگهن. اسڪول صرف سرڪاري عمارتون ناهن، بلڪه هي اهي سکيا گهر آهن، جتي اسان جو مستقبل تيار ٿيندو آهي ۽ اهو مستقبل جنهن کي وقت جي جديد ضرورتن مطابق جديد سهولتن جي ضرورت آهي. استادن جي شفقت، محبت ۽ ايمانداريءَ جي ضرورت آهي. گڏوگڏ والدين کي به پنهنجن ٻارن جي اسڪولن تي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي. هن وقت سنڌ کي جيڪي چئلينج اڳيان آهن صرف سنڌ جو استاد جيڪو مخلص هجي، ايماندار هجي اهوئي انهن خطرن کان بچائي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو