سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي گهرواريءَ کي پالتو ڪتي ڏاڙهيو ته سنڌ حڪومت عوام تي مهربان ٿي پئي
2 آڪٽوبر 2026 تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه انڊس اسپتال ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته جڏهن سندس گهرواريءَ کي گهر جي پالتو ڪتي ڏاڙهيو ته کين ڪراچيءَ جي هڪ وڏي خانگي اسپتال ۾ وڃڻو پيو، جتي تربيت يافته ڊاڪٽر هئا، پر اهي ان ڪيس کي صحيح طرح سان هينڊل نه ڪري سگهيا. ان بعد سجاڳي مهم هلائي ۽ سمورين اسپتالن ۾ اينٽي ريبيز ويڪسينيشن سينٽر ٺاهيا ويا آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسين جي دستيابيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ صوبي جي ضلعي، تعلقي ۽ ٽائون سطح تي اسپتالن ۾ 278 اي آر وي سينٽر ٺاهيا ويا آهن ۽ جيڪي ٺهيل آهن انهن کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي. 138 سرڪاري، 127 پي پي ايڇ آءِ، 12 ٽيچنگ اسپتالن ۽ 8 فائونڊيشن اسپتالن ۾ اي آر وي سينٽر ۽ 112 وڏين اسپتالن ۾ ريفرل سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. اهو انڪشاف چيف سيڪريٽري انڊس اسپتال ۾ ريبيز بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان سنجيده مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته کيس ان ڏينهن اندزو ٿيو ته اهي هڪ سٺي خانگي اسپتال ۾ موجود هئا، پر عملي کي ان ڪيس کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه هئي. ان کانپوءِ کين انڊس اسپتال وڃڻو پيو، جتي معلوم ٿيو ته وڏين خانگي اسپتالن ۾ به اهڙن ڪيسن لاءِ تربيت يافته ڊاڪٽر موجود ناهن، کيس ان ڏينهن معاملي جي سنگينيءَ جو احساس ٿيو.
جنهن کانپوءِ پاڻ ان مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ سجاڳي مهم شروع ڪئي. چيف سيڪريٽري هڪ نهايت ئي عمده قدم کڻي هڪ حادثي مان عوام لاءِ هڪ بهتر سهولت فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو، جيڪو عوام جو حق آهي ۽ سنڌ حڪومت جو قابل تحسين قدم آهي. ڇو ته ڪتي ڏاڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن اها ويڪسين نه ملي ته متاثر شخص پنهنجي زندگي وڃائي ويهي ٿو. چيف سيڪريٽري جي ان اعتراف کانپوءِ ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ادارن ۾ سهولتن جي ڪيتري کوٽ آهي ۽ عوام ڪيئن انهن سڀني ڪمين ۽ ڪوتاهين کي منهن ڏئي رهيو آهي. جڏهن اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جو ڪو پيارو ان سنگين صورتحال ۾ ڦاسي ٿو ته پوءِ کين عوام جي تڪليفن جو احساس ٿئي ٿو. دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جتي اقتداري ايوانن ۽ بيورو ڪريسي جي سستي ۽ طاقت جي نشي ۾ عوامي سهولتن کي نظر انداز ڪري عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي. جنهن جو سڀ کان خوبصورت مثال 1858 ۾ برطانيه ۾ “وڏو تعفن” پيدا ٿيڻ وارو آهي. لڳ ڀڳ سڄي لنڊن جو عوام سالن کان ٽيمز نديءَ جي بدبو، گندگي ۽ ڪالرا جي بيمارين کان متاثر ٿي رهيو هو، پر حڪومت سيوريج لائينن جي گندگيءَ تي ڌيان نه ڏنو. 1858ع ۾ جڏهن سخت گرميءَ جي موسم ۾ بدبو پارليامينٽ هائوس جي درين مان اندر اچڻ لڳي ته اتي ويٺل ميمبرن جو ويهڻ حرام ٿي ويو. جنهن کانپوءِ ترقياتي بجيٽ جيڪو سالن کان روڪيو ويو هو 18 ڏيهن اندر پارليامينٽ پاس ڪري مسئلي کي حل ڪيو. 1906ع ۾ آمريڪا اندر سينٽر پبلڪ هيلٿ اينڊ فوڊ سسٽم جي ڪارڪردگي ناڪاره هجڻ سبب آمريڪا جي گوشت وارين فيڪٽرين اندر خوراڪ ۾ زهر ۽ ناڪاره صفائين جون هزارين شڪايتون سالن کان دٻايل هيون. جڏهن هڪ آمريڪي ليکڪ ۽ صحافي آپٽون سنڪليئر پنهنجو ناول The Jungle Aupton Sinclair لکيو ۽ شايع ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ٿيوڊور روزويلٽ تائين پهتو ته ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. جنهن کانپوءِ “فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن” ادارو قائم ڪيو ويو. مطلب اهو آهي ته جڏهن حڪومتون عوام جي سهولتن لاءِ نظام نٿيون ٺاهين ۽ سندن خاندان سهولتون نه هجڻ جي ڪري ڀوڳي ٿو ته پوءِ کين مجبور ٿي عوام کي سهولتون ڏيڻيون پون ٿيون. جڏهن سرڪاري وزير، مشير ۽ بيورو ڪريٽس سرڪار جي خزاني مان پگهارون کڻن ٿا ته انهن کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ گهرجي. هاڻي اهو نظرياتي بحث ناهي رهيو، بلڪه دنيا جي ڪامياب ملڪن اهو ڪري ڏيکاريو آهي.
فنلينڊ ۾ تعليم جو نظام دنيا جو بهترين تعليمي نظام ڳڻيو وڃي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته اتي پرائيويٽ اسڪولن جو رواج ختم ڪري سڀني لاءِ يڪسان سرڪاري تعليمي نظام رائج ڪيو ويو آهي. جتي امير، غريب، وزير ۽ عام ماڻهو جا ٻار هڪ ئي بينچ تي ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا. جيئن ڪنهن دور ۾ پاڪستان ۾ هوندو هو. پوءِ اشرافيه جي ٻارن لاءِ تعليم جا ڪيترائي نظام رائج ڪيا ويا آهن، جنهن سان مختلف طبقاتي فرق سان ٻار تعليم حاصل ڪري نڪرن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ به هاڻي “ادارتي سڌارا” ٿيڻ گهرجن. ملڪ جي اشرافيه کي سرڪاري اسپتالن مان پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي ته جيئن کين اسپتالن ۾ موجود سهولتن صفائي سٿرائي، ڊاڪٽرن ۽ اتي موجود سڄي اسٽاف جي مهارتن جو اندازو ٿي سگهي. سرڪار جو هر آفيسر، وزير، مشير ۽ بيورو ڪريٽ لازمي طور پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن مان تعليم وٺرائي. جيڪڏهن اها پابندي قانون بڻجي وڃي ته سنڌ جو تعليمي نظام مهينن ۾ نه، پر ڏينهن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. اميد آهي ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو حڪومت کي پنهنجي لاءِ طاقت ۽ دٻاءُ جو ذريعو بنائڻ بجاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ وانگر مثبت قدم کڻندا ۽ عوام لاءِ رليف فراهم ڪندا. ڇو ته وقت جي تبديليءَ سان عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي. عوام کي اهو شعور حاصل ٿي چڪو آهي ته هيءَ ڌرتي، هي ملڪ، هي وسيلا سڀ سندن آهن. حڪومت ۽ ادارن ۾ ويٺل سڀ ماڻهو سندن ملازم آهن. سندن ڏنل ٽيڪسن مان انهن کي پگهار ملن ٿا، انهن جو ڪم اهو آهي ته اهي ادارن ۾ سندن سهولتڪاري ڪن، سندن آئيني ۽ قانوني طريقي سان مدد ڪن، انهن کي ڪنهن به آئيني ۽ قانوني مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوبه معاوضو رشوت جي صورت ۾ نه وٺن ۽ نه ئي مٿن ڪو دٻاءُ وڌو وجهن. جيڪڏهن حڪومت بهتر ڪم ڪندي ۽ احتساب جي نظام کي لاڳو ڪندي ته حڪومت لاءِ عوام جي دلين ۾ نرم گوشو پيدا ٿيندو، جيڪا حڪومت جي ڪاميابي هوندي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟