مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچيءَ جي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ڪوڙين ڊگرين جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (PAC) جي اجلاس دوران ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز (DUHS) جي انتظاميه پاران اها تصديق ڪئي وئي ته يونيورسٽي جي 27 ملازمن جون تعليمي ڊگريون ڪوڙيون نڪرڻ تي کين نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آهي. اهو معاملو تڏهن سامهون آيو جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ڪل 5350 ماڻهو جيڪي اتي ملازم آهن جن مان اعليٰ تعليم ڪميشن (HEC) ذريعي لڳ ڀڳ 1945 ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. جن مان 27 ملازمن جون ڊگريون ڪوڙيون ثابت ٿيون. اڃان تائين لڳ ڀڳ 3400 ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو معاملو هلندڙ آهي. يونيورسٽيءَ جي وي. سي جي چوڻ مطابق علمي شعبي سان وابسته 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊگرين جي تصديق مڪمل ٿي چڪي آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سامهون ايندڙ تفصيلن مان خبر پوي ٿي ته انهن 27 ماڻهن کي خاص طور تي گذريل 10 کان 15 سالن جي دوران يونيورسٽيءَ جي قيام کان وٺي هيستائين ٿيندڙ سياسي سفارشن يا بنا ڇنڊ ڇاڻ جي ڀرتي ڪيو ويو. جڏهن ته يونيورسٽيءَ جو پنهنجو نظام به انهن جي شروعاتي تصديق ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن جو فائدو وٺندي من پسند ماڻهن کي کاتي ۾ داخل ڪيو ويو. جنهن سان اڄ اداري کي بدناميءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڪوڙين ڊگرين رکندڙ ماڻهن جو تعلق مددگار شعبن جيئن آءِ. ٽي، اڪائونٽس، ايڊمنسٽريشن يا ٻئي ڪنهن لوئر ليول اسٽاف سان آهي. جڏهن ان قسم جا اعتراض سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ وٽ پيش ٿيا ته ان يونيورسٽيءَ انتظاميه کي سخت هدايتون جاري ڪري سڀني ملازمن جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
سٺي ڳالهه اها آهي ته اهو سلسلو صرف ڊائو يونيورسٽيءَ تائين محدود ناهي، بلڪه سنڌ حڪومت ۽ فيڊرل سطح تي مختلف کاتن ۽ يونيورسٽين ۾ اعليٰ سطح تي اسڪرپٽ ۽ جاچ جو عمل زور ۽ شور سان جاري آهي. سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي طرفان پنهنجي سموري عملي جنهن ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ڊگرين جي 100 سيڪڙو تصديقي رپورٽ (HEC) کان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سنڌ جي تعليم واري محڪمي، اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن ۾ گذريل ڪجهه سالن کان خاص طور تي آءِ. بي. اي سکر يا ٻين ٽيسٽن ذريعي ڀرتي ٿيل پراڻن استادن جي تعليمي ڊگرين جي ويريفڪيشن جو عمل به هلي رهيو آهي. ايف. آءِ. اي ۽ نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو تعليم کاتي ۾ مختلف وقتن تي ڪوڙين ڊگرين يا غير قانوني آرڊرن تي آيل استادن جي باري ۾ نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو ۽ صوبائي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پاران انڪوائريون جاري آهن. اها صورتحال اسان جي نظام جي کوکلي هجڻ جو ثبوت فراهم ڪري ٿي. جتي اهل ۽ باصلاحيت نوجوانن جي حق تلفي ٿئي ٿي، ذهين نوجوان کي ملڪ ڇڏڻو پوي ٿو. جڏهن ته ڪوڙين ڊگرين تي رشوت ڏئي نوڪريون حاصل ڪري نااهل ماڻهو ادارن ۾ ويهي انهن کي کوکلو ڪري رهيا آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (HEC) ۽ آڊٽ ادارن جي جاچ وارا قدم هڪ سٺو عمل آهن، پر جيڪڏهن اڄ به صرف ڳالهه برطرفين تائين رهجي وئي ته اهي ماڻهو جيڪي سليڪشن بورڊز ۾ ويٺل آهن ۽ فيصلا سازيءَ جو اختيار رکن ٿا اهي اڳتي به ادارن سان اهڙي جٺ ڪندا رهندا. جيستائين انهن ذميدار ماڻهن کي سزائون نه ڏنيون وينديون، تيستائين اهو عمل ڪنهن نه ڪنهن سطح تي برقرار رهندو. ڪوڙين ڊگرين تي ڀرتي ٿيڻ وارو معاملو صرف برطرفين يا روايتي انڪوائرين سان ختم ٿيڻ بجاءِ هڪ جامع ۽ بنيادي تبديليءَ جي ضرورت آهي.
سليڪشن بورڊ جي ميمبرن جن ڪوڙيون ڀرتيون ڪيون هجن چاهي اهي رٽائر به ٿي وڃن ان کانپوءِ به انهن تي فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن. ان کان علاوه جيڪي ماڻهو ڪوڙين ڊگرين تي نوڪريون حاصل ڪن ٿا انهن کي به عبرت جو نشان بنائڻ ضروري آهي. کين اها سزا ملڻ گهرجي ته اهي ماضيءَ ۾ حاصل ڪيل سموريون پگهارون، الائونس ۽ پينشن جون رقمون واپس ڪن. جي نه ڪري سگهن ته سندن اثاثا نيلام ڪري سرڪاري پئسو وصول ڪيو وڃي. ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انساني مداخلت کي گهٽ ڪري ايڇ. اِي. سي، نادرا ۽ انٽر بورڊس ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ. بي سي سي) جي ذريعي شاگردن جي ڊيٽا سينٽرلائيزڊ ڪئي وڃي. ان سان اهو فائدو ٿيندو ته جڏهن به ڪو پاڪستاني شهري سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ڪنهن به شعبي ۾ درخواست ڏيندو ته فارم جمع ٿيندي ئي سسٽم پاڻمرادو HEC مان سندس ڊگريءَ جي ويريفڪيشن ڪرائي بنا ڪنهن سفارش يا پئسي جي اداري کي فراهم ڪندو. نظام ۾ “نو ويريفڪيشن نو پي” جهڙو اصول شامل ڪيو وڃي، جيسين ڪنهن به اميدوار جي ڊگري HEC يا لاڳاپيل بورڊ مان ويريفاءِ نه ٿئي تيسين پگهار به جاري نه ڪئي وڃي. هر سال آڊٽ ٽيمن کي ادارن جا سرپرائيز وزٽ ڪري ڊگرين جي رينڊم جاچ ڪرڻ گهرجي. ڪوڙي ڊگري جي نشاندهي ڪندڙ ماڻهن کي قانوني تحفظ سان گڏوگڏ انعام پڻ ڏنو وڃي. سزا ۽ جزا جي عمل سان ئي ادارن ۾ شفافيت پيدا ٿي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو