مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بجلي ڪمپنين جي نجڪاريءَ جو فيصلو، ڇا عوام کي بهتر سروس ملندي يا صرف سرمائيدار تبديل ٿيندو؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي قومي ايئرلائين جي خانگائڻ کانپوءِ هاڻي پاڪستان جون بجلي ورهائڻ واريون ڪمپنيون (ڊسڪوز) خانگي شعبي جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسي سال گذرڻ کانپوءِ به وفاق ملڪ هلائي نه سگهيو. ڇو ته وفاق انهن ادارن ۾ نااهل ماڻهن کي ڀرتي ڪري ويهاريو آهي ۽ اختيار ڏنا آهن، جنهن جو نتيجو اڄ ادارن جي خانگائڻ جي صورت ۾ نظر اچي پيو، سڀ ادارا آهستي آهستي هٿن مان وڃي رهيا آهن. بجليءَ جي بحران سبب نه خاندان پرسڪون ۾ آهن، نه ملڪ جو ڪاروبار هلي سگهي ٿو. اهڙي حالت ۾ اهو فيصلو بهتر آهي ته جڏهن وفاق ادارا نٿي هلائي سگهي ته انهن کي خانگي شعبي جي حوالي ڪيو وڃي، پر ان فيصلي کي به آءِ ايم ايف جي شرطن ۽ معاشي سڌارن تحت ڪيو پيو وڃي. جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ ٽي وڏيون ڪمپنيون جيڪي سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ هلندڙ ۽ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ آهن انهن لاءِ باقائدي درخواستون طلب ڪيون ويون آهن، جن ۾ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ، گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني شامل آهن. خبرن موجب انهن ڪمپنين جي سيڙپڪارن کي 51 سيڪڙو کان 100 سيڪڙو شيئرز ۽ انتظامي ڪنٽرول ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، جيڪي ڪمپنيون خساري ۾ آهن جن ۾ حيسڪو، پيسڪو، سيپڪو انهن جي مڪمل نجڪاري پهرين مرحلي ۾ ڏکي هجڻ ڪري وفاق انهن کي ڪجهه وقت لاءِ ڊگهي مدي جون سهولتون ڏئي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مئنيجمينٽ معاهدا ڪندو. ملڪ جا سڀئي وفاقي ادارا سياسي ڀرتين ۽ ميرٽ جو قتل سبب عوام جي هٿن مان نڪري چڪا آهن. نتيجي ۾ اڄ اهي وفاق کي ٻين ملڪن جي حوالي ڪرڻا پيا پون. دنيا جديد ٽيڪنالاجي ۽ سڌارن سان پنهنجن ادارن کي بهتر طرز تي هلائي رهي آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ اڃان تائين سمارٽ ميٽرنگ ۽ جديد مئنيجمينٽ سسٽم متعارف نه ٿي سگهيا آهن. ادارن ۾ کلئي عام ڪرپشن ۽ بدعنواني ۽ احتساب جي عمل نه هجڻ سبب ادارن کي قومي ملڪيت مان ڪڍي خانگي شعبن جي حوالي ڪرڻو پئجي ويو آهي.
جنهن سان ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جو هڪ نئون طوفان کڙو ٿيندو ۽ عوام کي خدمتون مهانگيون ملنديون. حالت اتي پهتي جو وفاق جي بيل آئوٽ پيئڪيجز جي باوجود به ادارا هلي نه سگهيا. مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن انهن ادارن کي خانگائڻ کانپوءِ به عوام کي معياري خدمت نٿي ملي ته پوءِ عوام ڪيڏانهن ويندو؟ ڪي اليڪٽرڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ به ڪراچيءَ جي ماڻهن جا بجليءَ جا مسئلا اڃان تائين اتي جو اتي آهن ته پوءِ هي ٻيا جيڪي ڊسڪوز خانگي شعبي ۾ ويندا ته انهن لاءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته انهن جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ايندي. ڪي اليڪٽرڪ به ڪراچي جي ڪجهه علائقن مان اڃان تائين چوري بند نه ڪري سگهيو آهي. اڪثر ڪري ڪراچي جي صارفين کي اوور بلنگ ۽ فيول ايڊجسٽمينٽ جا جهٽڪا ڏنا ٿا وڃن. مطلب ته سرڪار هجي يا خانگي ادارو عوام ساڳئي ڏچي ۾ آهي. اسان وٽ صارفين جي حقن جي تحفظ جو ڪو بندوبست ٿيل ناهي. جڏهن ته دنيا ۾ صارف جا پنهنجا حق آهن. جيڪڏهن ڪنهن خانگي ڪمپني جي غلفت سان ڪنهن جو نقصان ٿئي ٿو ته عام شهري کي عدالتن جا چڪر ڪاٽڻ لاءِ سالن تائين مجبور ڪيو وڃي ٿو. نه رڳو پي آءِ اي، اسٽيل مل ۽ هاڻي بجليءَ جون ڪمپنيون، پر پي ٽي سي ايل جو حشر به اسان ڏسي چڪا آهيون. اڃان تائين پي ٽي سي ايل وٽ اها معياري سروس موجود ناهي، جيڪا ان کي خانگي شعبي ۾ وڃڻ کانپوءِ فراهم ڪرڻ گهرجي ها. پي ٽي سي ايل جي سروس تڏهن پنهنجو پاڻ کي ڪجهه بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ڪجهه خانگي نيون ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ پنهنجا نيٽ ورڪ وڇائڻ لڳيون. مسئلو اهو آهي ته نجڪارن جي ذهنيت به اسان جي سرڪار جهڙي آهي، اهي به پاڪستاني عوام کي ٽيڪس ڏيندڙ مشين سمجهن ٿا، جنهن مان صرف پئسو نڪرڻ گهرجي، پر مشين جي مرمت تي خرچ نٿا ڪن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خانگي شعبي ۾ وڃڻ کانپوءِ بجليءَ جا بل وڌيڪ ايندا، بجليءَ جي چوري جيڪڏهن نه روڪي وئي ته ان جي سزا ان صارف کي ڏني ويندي جيڪو اڳ ۾ ئي بل ڀري ٿو.
ضروري آهي ته خانگي شعبي ۾ ڪمپنيون ڏيڻ کان پهرين انهن ڪمپنين کي نظام جي سڄي خرابين کي دور ڪرڻ ۽ انهن جي اوور هالنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي انتظام سنڀالڻ کانپوءِ عوام کي معياري سروس ملي سگهي. عوام روز روز جي ٽرانسفارمن جي سڙي وڃڻ، تنڀن جون تارون ڪرڻ، حادثن سبب انساني جانيون وڃڻ ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا جيڪي پاڪستان جو عوام ڀوڳي رهيو آهي انهن مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. وفاق کي کپي ته اهي ڪمپنيون جيڪي ڊسڪوز کي خريدڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون انهن کي مقابلي جي ميدان ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن ٻاهرين ملڪن وانگر جيڪا بجلي ورهائڻ واري ڪمپني بهتر سروس مهيا ڪري ٿي عوام ان کان بجلي خريد ڪري. جڏهن نجڪاري ٿي رهي اهي ته ان کي اوپن مارڪيٽ يا “ملٽي بائير اينڊ سيلر” ماڊل جي تحت منظم ڪيو وڃي. جيئن موبائل نيٽ ورڪ جو مثال موجود آهي، جنهن جي سروس بهتر آهي ان جي سم خريد ڪري نيٽ ورڪ استعمال ڪيون ٿا. گراهڪ بادشاهه هوندو آهي، ان جي پئسي تي ڪمپنيون نفعو ڪمائين ٿيون، ان کي سستي ۽ معياري سروس ملڻ انتهائي ضروري آهي، جنهن ۾ رات جو بجليءَ جا اگهه گهٽ هجڻ، ڏينهن جو سولر پاور مان مليل بجليءَ جا گهٽ اگهه، فڪسڊ يا پوسٽ پيڊ ڪارڊ استعمال ڪرڻ ۽ زمين جي مٿان تارن جي ٿنڀن کي ختم ڪري انهن کي زمين هيٺ وڇائڻ جون شرطون شامل هجڻ گهرجن. جيسين عوام کي چونڊ جو حق نه ملندو تيسين نجڪاري رڳو هڪ هٽيءَ جو چهرو تبديل ڪرڻ هوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو