مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آيت الله خامنائي جون آخري رسمون: ايران جي سوڳ کي طاقت ۾ بدلائڻ واري حڪمت عملي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

28 فيبروري 2026ع تي آمريڪا ايران مٿان حملو ڪري رهبرِ ايران آيت الله خامنائي کي پنهنجي خاندان جي ڪجهه ويجهن فردن سميت شهيد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا ايران تي مسلسل جاري رهيا، جنهن جو مقابلو ايران همت ۽ جرئت سان ڪيو، جنهن ۾ ايران جي ميزائل ٽيڪنالاجي ايران جي طاقت بڻجي سڄي دنيا جي اڳيان ظاهر ٿي. جنگ جي دوران ايران پاران انهن شهيدن جي تدفين کي روڪيو ويو ۽ هاڻي شهيد آيت الله خامنائي ۽ ٻين شهيد عزيزن کي 9 جولاءِ 2026 تي سندن آخري رسمون ادا ڪري تدفين ڪئي ويندي. خبرن موجب آيت الله خامنائي کي امام رضا جي روضي ۾ دفن ڪيو ويندو، جيڪو مشهد ۾ واقع آهي. هيءَ تقريب 3 جولاءِ 2026 کان شروع ٿي چڪي آهي، جيڪا تهران جي امام خميني مصليٰ ڪامپليڪس ۾ عالمي وفدن ۽ مختلف ملڪن جي سربراهن لاءِ تعزيتي تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ پاڪستان جي وفد به شرڪت ڪئي آهي. 4 ۽ 5 جولاءِ 2026 تي تهران جي گرائونڊ مصليٰ ۾ عوام لاءِ آخري ديدار جا انتظام ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ گرميءَ جي باوجود سوا ڪروڙ کان ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي آمد جو اندازو لڳايو ويو آهي ۽ هڪ خاص بندوبست سان انهن کي رهبر جو ديدار ڪرايو ويندو. سيڪيورٽي جا تمام سخت انتظام ڪيل آهن. تهران کان علاوه قم ۽ عراق جي مقدس شهرن ۾ به جنازي جا جلوس ۽ مذهبي رسمون ادا ڪيون پيون وڃن.
ايران جنهن جي مٿان ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا طرفان معاشي ۽ سفارتي پابنديون لڳل هيون ۽ ايران کي ٻنهي طريقن سان محدود ڪيو ويو هو ۽ پوءِ ان مٿان جنگ مڙهي ان کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، پر ايران جي قيادت بنا ڪنهن خوف جي پنهنجو دفاع ڪيو. رهبر ايران آيت الله خامنائي جي مٿان ٿيندڙ حملي ۽ سندس شهادت کانپوءِ ايران کي هڪ نئين طاقت ۽ نئون حوصلو مليو. هاڻي هن تقريب ۾ نه صرف ايران چاليهن کان وڌيڪ ملڪن کي دعوت ڏئي هن طقريب کي هڪ پاور شو ۾ تبديل ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي سوڳ کي پنهنجي طاقت ۾ مٽائي دنيا کي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته ايران، شام، يمن، لبنان ۽ فلسطين جي وفدن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سڄي دنيا کي ڏيکارڻ وڃي رهيو آهي. هيءَ تقريب ايران جو اعلان آهي ته آيت الله خانمائي جي وڃڻ سان به سندن علاقائي نيٽ ورڪ ٽڙي پکڙي ناهي ويو، بلڪه اهي هڪ مضبوط بلاڪ وانگر بيٺل آهن. هيءَ تدفين جي تقريب ايران لاءِ هڪ اهڙو موقعو آهي ۽ سڄي دنيا جون نظرون ايران مٿان کتل آهن. ايران سان اهي ملڪ به سوڳ ۾ گڏ بيٺل نظر اچن ٿا جيڪي شايد عام حالتن ۾ ايران کان ٿورا پرتي بيٺل هئا. ايئن چئي سگهجي ٿو ته ايران جي سفارتي اڪيلائي جو خاتمو ٿي رهيو آهي. سوڳ کي طاقت ۾ بدلائڻ جي حڪمت عملي هڪ انتهائي مضبوط، گهرو ۽ اثرائتو عمل آهي. هن پاور شو جي ذريعي ايران پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو ۽ هن تقريب کي پنهنجي قومي يڪجهتي ۽ طاقت ۾ بدلائڻ جو فن ايران جي قيادت جو سياسي ۽ پنهنجي مٿان لڳل پابندين مان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ انتهائي اهم ۽ اثرائتو ذريعو آهي. ايران جي تاريخ ۾ سوڳ کي سياسي طاقت ۾ بدلائڻ جا مثال موجود آهن. آيت الله روح الله خميني جو جنازو 1989ع ۾ هڪ وڏو پاور شو هو، جنهن ۾ اٽڪل 10 ملين ماڻهن شرڪت ڪئي. 2020ع ۾ جنرل قاسم سليماني جو جنازو جنهن کي آمريڪا بغداد ۾ فضائي حملي ۾ شهيد ڪيو. سندس مڙهه کي عراق جي مقدس شهرن ڪربلا، نجف کان وٺي ايران جي مختلف وڏن شهرن مان فضائي رستي گذاريو ويو. اهو سڄو هفتو ايران جو هڪ وڏو عالمي پاور شو هو. ايران هڪ دفعو ٻيهر آيت الله خامنائي جي آخري رسمن کي سوڳ ۽ ڪمزوري طور ڏيکارڻ بدران پنهنجي طاقت جي اظهار طور سندس آخري رسمون ملهائي سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته ايران جو عوام متحد آهي ۽ سندن نئون رهبر اعليٰ گڏيل اتفاق سان چونڊيو ويو آهي ۽ سڀئي سياسي ۽ مذهبي ڌڙا هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ آهن.
جڏهن به ڪنهن ملڪ جو ڪو اڳواڻ مارجي ويندو آهي ته ان مان ظاهر ٿيندو آهي ته انٽيليجنس جي ڪا ڪمزوري هئي، پر هن ايڏي وڏي جنازي جي تقريب کان اڳ ملڪي سيڪيورٽي ادارن پنهنجين اندرين صفن کي ٻيهر درست ڪيو آهي، سيڪيورٽي پروٽوڪول سخت ڪيا آهن ۽ ڪنهن به ممڪن اندروني بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. هيءَ تقريب ايراني عوام جي اندر خوف، انتشار ۽ مايوسيءَ کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ذريعو بڻبو. جڏهن ڪنهن به قوم ۽ ملڪ، کي ٻاهريون خطرو هوندو آهي ته انتظاميه عوام کي اهو احساس ڏياريندي آهي ته سندن گهرو اختلاف ختم ٿي چڪا آهن ۽ اهي سڀ هڪ ئي پيج تي گڏ آهن. ان ڪري هن سوڳ ۽ شهادت جي ڪلچر کي عوامي جذبن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ انتهائي ڪارگر طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي. جنازي جي مڙهه کي رڳو تهران تائين محدود رکڻ بجاءِ قم، عراق جي مقدس شهرن ۽ آخر ۾ 9 جولاءِ 2026 تي مشهد ۾ امام رضا جي روضي مبارڪ ڏانهن کڻي وڃڻ جي رٿا جو اهوئي مقصد آهي ته عوام جي مذهبي عقيدت کي جاڳائي کين صدمي مان ڪڍي کين هڪ نئون عزم فراهم ڪيو وڃي. جنهن لاءِ ميڊيا جو تمام بهترين استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ عوام کي نفسياتي طور اهو ڏڍ ڏنو پيو وڃي ته هن وقت سندن ملڪ جو انتظام مضبوط ۽ وفادار هٿن ۾ آهي. تنهنڪري انهن کي پنهنجي رهبر جي شهيد هجڻ جو ڏک ته ضرور آهي، پر اهي مايوس هرگز نه ٿين. ايراني انتظاميه هن ايڏي ڏکئي وقت ۾ آيت الله خامنائي جي تدفين جو هي سڄو انتظام ڪري هڪ ڀيرو اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي بحرانن جي وقت ۾ عوامي نفسيات کي ڪنٽرول ڪرڻ جا ماهر آهن، ڪمزوري جي گهڙي کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عوام جي اندر ڪنهن به قسم جي نفاق ۽ مايوسيءَ کي يڪجهتيءَ جي رنگ ۾ تبديل ڪرڻ کين اچي ٿو. پاڪستان کي فخر آهي ته ايران اسان جو پاڙيسري ۽ دوست ملڪ آهي. اميد آهي ته ايران جي هن نئين سفر ۾ پاڪستان ۽ ايران گڏجي ڀائيواري سان هڪ نئين سفر ڏانهن اڳتي وڌندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو