ڪراچيءَ ۾ سنڌ جا ٻه اهم ميگا منصوبا
ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي، جيڪو پنهنجي تاريخ ۾ سٺا ڏينهن به ڏسي چڪو آهي ته بدترين دور به ڀوڳي چڪو آهي. هن وقت به هي شهر سياسي ڇڪتاڻ، انتظامي مسئلن ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ شهري آباديءَ جي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان جي باوجود عالمي منظرنامي تي ڪراچيءَ جي اهميت وڌندي نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ نه رڳو ملڪ اندر، پر عالمي طاقتون به هن شهر جي معاشي ۽ جاگرافيائي اهميت کي نظرانداز نٿيون ڪري سگهن. ڪراچيءَ جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ ۽ معاشي طاقت ان جي سياسي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا. ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم ملڪ جي سامونڊي واپار جا اهم مرڪز آهن، جن ذريعي پاڪستان جي درآمد ۽ برآمد جو وڏو حصو ٿيندو آهي. سي پيڪ، يعني چين-پاڪستان اقتصادي راهداري، لاءِ به ڪراچي هڪ اهم معاشي ۽ سامونڊي مرڪز آهي. هي شهر ملڪ جي معاشي سرگرمين ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ ڪيترين ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين جا هيڊڪوارٽر موجود آهن. جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پڻ ملڪ جي اهم هوائي آمدورفت وارن مرڪزن مان هڪ آهي. اهي سڀئي عنصر ڪراچيءَ کي رڳو سنڌ جي نه، پر پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ بڻائين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي مختلف علائقن ۽ صوبن مان ماڻهو روزگار، تعليم ۽ ڪاروبار لاءِ ڪراچيءَ جو رخ ڪن ٿا. هي شهر مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن ماڻهن کي پنهنجي اندر جاءِ ڏئي ٿو ۽ انهن جي معاشي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ٿو.
پيپلزپارٽي تي مختلف طريقن سان تنقيد ٿيندي رهي ٿي، جيڪا سندس خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي معاملي تي سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿي، پر ان جي مثبت ڪمن تي اردو ميڊيا تمام گهٽ ڳالهائي ٿو. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر عوامي ڀلائيءَ جا منصوبا ڪنهن به حڪومت جي مثبت ڪارڪردگيءَ طور ڏسڻ گهرجن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي ڪجهه اهڙن منصوبن تي ڪم ڪيو آهي، جيڪي خالص طور عوام جي فلاح ۽ بهبود ۽ ترقي جا ضامن آهن. جنهن ۾ راندين جي سهولتن جي واڌ ۽ پاڻي ۽ سيوريج جي نظام ۾ بهتري جا منصوبا خاص اهميت رکن ٿا. ڪنهن به قوم جي مستقبل جو دارومدار ان جي صحتمند نوجوان نسل تي هوندو آهي. جيڪڏهن نوجوانن کي تعليم سان گڏ راندين جا مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن ته انهن ۾ نظم، برداشت، مقابلي جو جذبو ۽ مثبت سوچ پيدا ٿئي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ڊگهي عرصي کان راندين جي مناسب ميدانن ۽ جديد سهولتن جي کوٽ هڪ اهم مسئلو رهي آهي. ان پسمنظر ۾ بلديه ٽائون اسپورٽس ڪامپليڪس جو منصوبو اهميت رکي ٿو. جون 2025ع ۾ هن منصوبي جو سنگِ بنياد رکيو ويو هو ۽ ان لاءِ جديد راندين جون مختلف سهولتون فراهم ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو. منصوبي ۾ فٽبال، ڪرڪيٽ، هاڪي، ٽينس ۽ باسڪيٽ بال سميت انڊور گيمز، جمنازيم، جاگنگ ۽ واڪنگ ٽريڪ، فيملي پارڪ ۽ ٻارن لاءِ راندين جون سهولتون شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. اهڙي قسم جا اسپورٽس ڪمپليڪس رڳو ڪراچيءَ جي مختلف ضلعن تائين محدود نه رهڻ گهرجن، پر سنڌ جي هر ضلعي ۾ تعمير ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن ڳوٺن، ننڍن شهرن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن تائين نوجوانن کي راندين جون مناسب سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته سنڌ مان پيدا ٿيندڙ ٽيلنٽ کي ملڪي ۽ عالمي سطح تائين موقعا حاصل ڪري سگهي ٿو. صحتمند نوجوان ئي صحتمند سماج ۽ مضبوط قوم جو بنياد بڻجي سگهن ٿا.
ڪراچيءَ لاءِ ٻيو انتهائي اهم مسئلو پاڻي ۽ سيوريج جو آهي. شهر ۾ روزانو وڏي مقدار ۾ گندو پاڻي پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته موجوده ٽريٽمينٽ نظام ان سموري پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن موجب شهر ۾ ٽي سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ، TP-I، TP-II ۽ TP-III، موجود آهن، جيڪي هن وقت مجموعي طور لڳ ڀڳ 54 ملين گيلن روزانو سيوريج ٽريٽ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شهر ۾ روزاني سيوريج جي پيداوار لڳ ڀڳ 472 ملين گيلن آهي. موجوده پلانٽس جي بحالي ۽ گنجائش وڌائڻ جو عمل پڻ جاري آهي. اهڙي صورتحال ۾ سيوريج جي پاڻيءَ کي صاف ڪري محفوظ طريقي سان نيڪال ڪرڻ ۽ ممڪن حد تائين ٻيهر استعمال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) ۾ پڻ پاڻي، سيوريج جي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ ان جي ٻيهر استعمال تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان نون ٽريٽمينٽ پلانٽن جي تعمير ۽ صنعتي استعمال لاءِ پاڻيءَ جو ري سائيڪل ڪرڻ مستقبل لاءِ اهم قدم آهن. جيڪڏهن صنعتن کي پيئڻ جي پاڻي بدران معياري طريقي سان صاف ڪيل ري سائيڪلڊ پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته ان سان تازي پاڻيءَ جي گهرج تي دٻاءُ گهٽجي سگهي ٿو ۽ ٻي پاسي صنعتن جي استعمال لاءِ هڪ پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو مهيا ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح سيوريج مان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ڀاڻ ٺاهڻ به هڪ ڪارآمد منصوبو نظر هيٺ آهي.
ڪراچيءَ جي ميئر طرفان شهر جي ترقياتي معاملن ۾ سرگرمي ۽ دلچسپي وٺڻ هڪ مثبت ڳالهه آهي. اهڙي ئي سنجيدگي سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جي ميئرن ۽ مڪاني ادارن جي سربراهن ۾ به هجڻ گهرجي. شهرن جا مسئلا صرف وڏن اعلانن سان نه پر، مسلسل نگراني، شفافيت ۽ نتيجا ڏيڻ واري انتظامي صلاحيت سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. هن وقت ڪراچيءَ ۾ ماحولياتي صورتحال ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي. جنهن جو سبب شهر ۾ اربن فاريسٽنگ ۽ گرين بيلٽ ٺاهڻ تي حڪومت جو سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ آهي. سنڌ جي ٻيلي کاتي کي به پنهنجي زميدارين جو احساس هجڻ گهرجي ۽ ٻيلن جي زمين تي زراعت جي عمل کي روڪي باقائدگي سان انهن کي ٻيلن ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ جهڙي وڏي ۽ گهڻي آباديءَ واري شهر ۾ وڻڪاري رڳو شهر جي خوبصورتي لاءِ نه، پر گرميءَ جي شدت، هوا جي گدلاڻ ۽ ماحولياتي دٻاءَ کي گهٽائڻ لاءِ به ضروري آهي. ترقياتي منصوبن سان گڏ سنڌ حڪومت کي حڪمرانيءَ جي بنيادي مسئلن تي سنجيدگي سان ڪم ڪرڻو پوندو. جنهن ۾ ڪرپشن، غير قانوني اڏاوتون، ڪمزور بلدياتي نظام ۽ ناقص منصوبابندي تحت وڌندڙ آباديءَ کي منظم ڪرڻ جهڙا مسئلا ڪنهن به ميگا منصوبي جي فائدن کي محدود ڪري سگهن ٿا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟