مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڇا سعودي عرب جو حوثين خلاف وڏو آپريشن کين ختم ڪري سگهندو؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سعودي عرب هن وقت حوثين (انصارالله) خلاف نوان سڌيءَ ريت عسڪري حملا ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ بجاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سان هو پنهنجو دفاعي نظام محفوظ رکي سگهي ۽ ڪنهن به بدلي واري صورتحال کان بچي سگهي. حوثي نه صرف سعودي عرب، بلڪه عرب امارات لاءِ به هڪ خطرو آهن. اهوئي سبب آهي جو تازو ئي گڏيل عرب امارات جو نائب صدر شيخ منصور بن زائد النهيان رياض جو دورو ڪري سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. جنهن جو مقصد بظاهر ته ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ، علاقائي امن ۽ حڪمت عملي جي گڏيل تعمير بابت گفتگو هئي، اقتصادي منصوبا جنهن ۾ امارات ۽ سعودي عرب وچ ۾ علاقائي اقتصادي معاملا ۽ ويجهي اقتصادي تعاون تي به ويچار ونڊيا ويا، پر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته يمن جيئن سعودي عرب لاءِ هڪ چئلينج آهي، تيئن عرب امارات لاءِ به ساڳيو مٿي جو سور آهي. ان ڪري امارات جي نائب صدر جو دورو شايد ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته انهن پنهنجي مدد سعودي عرب کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي هجي ته جيئن اهي گڏجي حوثين (انصارالله) جو گهيرو تنگ ڪري سگهن. سعودي عرب ۽ حوثين جي وچ ۾ تڪرار ۽ جنگ جي پٺيان مذهبي، سياسي ۽ جاگرافيائي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل گهرا سبب آهن، جن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اها ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. هن وقت حوثين جي رد عمل ۾ ڪافي سختي ۽ حملن ۾ تيزي اچي وئي آهي. اهوئي سبب آهي جو سعودي عرب جي طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته سعودي عرب پنهنجي فوج اتي موڪلڻ بجاءِ هڪ لک کان وڌيڪ يمني اهلڪارن کي متحرڪ ڪري حوثين خلاف آپريشن ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
دنيا جي مقبول خبر رسان ايجنسي رائيٽر مطابق منصوبي تحت حوثين تي سعودي فضائي حملا ڪيا ويندا ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ يمني فورس جي ذريعي زميني ڪارروائيون ڪري حوثي باغين کي محدود ڪرڻ جي لاءِ آپريشن چند هفتن ۾ شروع ڪيو ويندو. رپورٽ مطابق سعودي عرب ٻن آپشنن تي غور ڪري رهيو آهي، پهريون اهو آهي ته آبناءِ باب المندب جي چوڌاري محدود ڪارروائي ڪري يا يمن جي البيضا، مارب ۽ الجوف ۾ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن تي وسيع آپريشن ڪري. جيئن ته آمريڪا سعودي عرب جو ساٿي آهي، اهو سعودي عرب کي انٽيليجنس ۽ هدفن بابت معلومات فراهم ڪندو ته جيئن آمريڪي فوج سڌو سنئون حوثين خلاف جنگي ڪارروائي ۾ شامل نه ٿئي. پاڪستان جو سعودي عرب سان هڪ معاهدو ٿيل آهي جنهن ۾ سعودي عرب تي حملو پاڪستان تي حملو تصور ڪيو ويندو. ترڪيه به ان معاهدي جو حصو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه سعودي عرب کي دفاعي ۽ عسڪري ساز و سامان فراهم ڪري رهيا آهن. اهي ٻئي ملڪ به آمريڪا وانگر يمن سان سڌي جنگ بدران اڻ سڌي جنگ ۾ حصو وٺندا. ڇو ته پاڪستان ايران سان 900 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي سرحد ونڊي ٿو. حوثين سان سڌي جنگ يقينن پاڪستان لاءِ ايران سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جو وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي. ساڳئي طريقي سان ترڪيه جي پڻ ايران سان گڏيل سرحد ۽ تيل ۽ گيس جو تجارتي تعلق آهي.
اهوئي سبب آهي جو ترڪيه ايران سان سڌي جنگ يا تصادم ۾ اچڻ کان پاسو ڪري ٿو. 2015ع ۾ جڏهن سعودي عرب پاڪستان کان يمن جنگ ۾ فوج موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي ته پاڪستان جي پارليامينٽ هڪ گڏيل قرارداد منظور ڪري غير جانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڇو ته پاڪستان اندر هڪ وڏي آبادي شيعه فرقي سان تعلق رکي ٿي، جيڪا ملڪ ۾ رد عمل ڪري مسئلا کڙا ڪري سگهي ٿي. بلاشڪ پاڪستان ۽ ترڪيه ٻئي سعودي عرب جون حرمين شريفين ۽ سيڪيورٽي حدن لاءِ انتهائي سنجيده آهن ۽ ان حد کي پنهنجي لاءِ ريڊ لائين تصور ڪن ٿيون، پر ان هوندي به يمن جي گهرو جنگ ۾ سعودي عرب سان شامل ٿي سڌي جنگ جو حصو بنجڻ کان پاسو ڪري رهيون آهن. ڇو ته ملڪ مفادن ۽ سفارتي توازن کي نقصان رسائڻ کان بنا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن سڄي عسڪري مشق جو مقصد يقينن سعودي عرب جو حوثي باغين جي طاقت کي گهٽ ڪرڻ، انهن کي تيل وارن علائقن کان پري رکڻ ۽ کين امن امان جي ڳالهين تي پنهنجون شرطون مڃرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ آهي. ممڪن آهي ته سعودي عرب پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، پر سندن مڪمل وجود ختم ڪرڻ عسڪري، جاگرافيائي ۽ سياسي نقطهءِ نظر کان ناممڪن آهي. يمن جي تڪرار جو واحد پائيدار نتيجو مڪمل عسڪري فتح بدران سياسي ٺاهه ٿي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو