مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪرپشن فائيلن جو کُلڻ ۽ عوامي مفادن جو سودو هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ملڪ ۾ ڪرپشن، رشوت ۽ ادارتي تباهيءَ جو بنياد باقائدي هڪ نظام تحت جنرل ضياءُ جي دور ۾ 77-88ع وارن سالن ۾ پيو. سندس 11 سالن جي مارشلائي دور ۾ اهڙا ڪيترائي رستا کُليا جن ملڪ جو اخلاقي ۽ معاشي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. سياسي پارٽين جي رهيل سَهيل نظرياتي وابستگيءَ جو هن دور ۾ خاتمو ٿيو “لوٽا ڪلچر” آندو ويو. اتان کان ان ڳالهه جو تصور اڀريو ته عوام جو مفاد، ادارن جو عوام لاءِ ڪم ڪرڻ، ادارن جي بهتر ڪارڪردگي، بهتر تعليمي نظام ۽ فلاحي تصور سان سياست ۾ اچڻ اجايو آهي. اهوئي وقت هو جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن سان گڏ ڪلاشنڪوف، پرمٽ لائسنس ۽ ڪوٽا ذريعي ڪرپشن کي رائج ڪيو ويو. جڏهن ته ڀٽو جي دور ۾ مالي ڪرپشن يا ٽجوڙيون ڀرڻ جو اڃان رواج نه هو. اهوئي سبب آهي جو کيس ڪنهن اهڙي سنگين الزام تحت ڦاسائڻ ممڪن نه رهيو. اڄ ملڪ هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جتي سياست مان نظرين کي نپوڙي ختم ڪيو ويو آهي. سياسي پارٽين جا نالا ڌار ڌار آهن، پر هاڻي سڀني جو نظريو مالي فائدا حاصل ڪرڻ رهجي ويو آهي. انتها اها آهي ته اها ڦرلٽ انهن طاقتور ڌرين جي اکين اڳيان ٿي رهي آهي، جيڪي سندن فائيل تيار ڪن ٿيون. اها هڪ سچائي آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن جا فائيل ۽ عوامي مفادن جو سودو هاڻي ڪو اتفاقي واقعو نه، پر هڪ اهڙي سسٽم جا ٻه مضبوط ۽ ڳنڍيل پاسا آهن، جيڪي هڪٻئي کي طاقت فراهم ڪن ٿا. عوام نمائندن کي چونڊي اسيمبلين ۾ موڪلي ٿو، پر اهي اتي عوام لاءِ پاليسيون ٺاهڻ بدران اهڙيون پاليسيون ٺاهين ٿا، جيڪي موجوده نظام کي مضبوط ۽ عوامي حقن کي ڪمزور ڪن ٿيون.
جڏهن سياسي پاليسيون اهڙيون هجن ته ان سان عوامي تحفظ ۽ شفافيت جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو. طاقتور ڌريون جڏهن ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿين ٿيون يا ڪا گهر ڪن ٿيون ته سياستدانن جا فائيل ميز تي رکيا وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي هڪ ڏاهي ٻار وانگر ضد ختم ڪري چيو مڃڻ شروع ڪن ٿيون، فائيل ڪٻٽ ۾ هليا وڃن ٿا. 99ع ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ نيب وجود ۾ آيو. 14 مئي 2006ع تي پ پ ۽ (ن) ليگ وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون. 2013ع کان 2018ع تائين مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت رهي. آصف علي زرداري نيب کي ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، پر نواز شريف انڪار ڪيو. 2017ع کان 2018ع تائين پاناما ڪيس کانپوءِ سندس حڪومت ختم ٿي ۽ کيس جيل اماڻيو ويو. ڳالهه اها آهي ته ڪرپشن کي روڪڻ يا مستقل ختم ڪرڻ جو انتظام ڪرڻ ڪنهن به حلقي جو مقصد ناهي. ڪرپشن هن وقت ملڪ ۾ سياسي ڪنٽرول ۽ تعبيداري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ٿي رهي آهي. جڏهن ڪو سياستدان، بيوروڪريٽ يا بااثر فرد سسٽم ۾ داخل ٿئي ٿو ته سندس مالي بيقائدگين يا اختيارن جي غلط استعمال جا رڪارڊ بند لفافي ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا ۽ جڏهن طاقتور هٿن کي ان شخص جي وفاداري خريد ڪرڻي هوندي آهي، پر اهو چوڻ ناهي مڃندو ته سندس فائيل اڳيان رکيو ويندو آهي يا نيب جي حوالي ڪري کيس گرفتار ڪرايو ويندو آهي.
هن فائيلي نظام ملڪ کي گهڻو نقصان رسايو آهي. جنهن سان عوام شفاف چونڊن کان محروم ٿي چڪو آهي، اصل احتساب جو خاتمو ٿيڻ سان صرف فائيل ڏيکاري خوفزده ڪرڻ سان طاقتور ڌريون پنهنجو مطلب ڪڍي وٺن ٿيون. جنهن سان سياستدان مستقل بليڪ ميل ٿيندو رهي ٿو ۽ عوام مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهي ٿو. هاڻي عوام نظام کي ته سمجهي چڪو آهي، پر وٽس نڪرڻ لاءِ ڪو رستو ناهي. عوام چاهي ٿو ته هن سڄي پاور اسٽرڪچر کي تبديل ڪري پتلي تماشي کي ختم ڪيو وڃي. هن وقت جيڪو طاقتور هٿ سياستدانن کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاري ٿو، اهو حب الوطني جو تاثر پيدا ڪري مفاهمتي سياست جو ڪلچر مضبوط ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سياستدانن جون به برابر ڪوتاهيون آهن، اهي به هن راند مان پنهنجو ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اهي نظام سان ٽڪرائڻ بجاءِ ان سڄي سيٽ اپ ۾ پراڻي نظام تحت ڪم ڪرڻ لاءِ هر ڀيري تيار رهن ٿا. جنهن جو فائدو طاقتور ڌرين کي، نقصان عوام، ملڪ ۽ معيشت کي ڀوڳڻو پوي ٿو. هن شيطاني چڪر ٽوڙڻ لاءِ جيسين سياسي پارٽيون هڪٻئي کي ڪيرائڻ بند نه ڪنديون ۽ پارليامينٽ ۾ قانون سازي ڪري اهڙيون حدون مقرر نه ڪنديون جو احتسابي ادارا صرف پارليامينٽ يا غير جانبدار عدليه اڳيان جوابده هجن. نيب، ايف آءِ اي يا اينٽي ڪرپشن جي سربراهن جي تقرريءَ جو اهڙو طريقو ڳولهيو وڃي جو اهي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آرام سان بيهي سگهن. اليڪشن مان اربين رپيا خرچ ڪري کٽڻ جو ڪلچر ختم ٿيندو ته ڪرپشن جو به خاتمو ٿيندو. ان سڄي عمل ۾ شفافيت پيدا ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر آزاد ميڊيا ۽ متحرڪ سول سوسائٽيءَ جو هجڻ ضروري آهي. سياست پارليامينٽ جي اندر ٿيڻ جي لاءِ سياستدان پاڻ کي پابند بڻائين. حڪومت جي ڀڃ ڊاهه ۾ اهي ٻي ڪنهن به طاقت جي اڳيان استعمال ٿيڻ کان خود کي روڪين ۽ قانون سازي ذريعي ان ڳالهه جو بندوبست ڪيو وڃي ته احتسابي ادارن جا سربراهه صرف غير جانبدار عدليه اڳيان جوابده هجن. عدليه جو آزاد هجڻ ان سڄي نظام کي هلائڻ لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ وانگر ضروري آهي. شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو وڃي. اهو سڄو عمل هڪ ئي وقت مشڪل ضرور آهن، پر ان تي هڪ سوچ ۽ ويچار سان سياستدان اهو طئي ڪري ضرور عمل ڪري سگهن ٿا ته پاڪستان جو مستقبل ڇا هجڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو