پنجين جون 2026ع تي ٿيندڙ وفاقي بجيٽ اجلاس ملتوي
تازين خبرن مطابق پنجين جون 2026 تي ٿيندڙ وفاقي بجيٽ اجلاس جي تاريخ اڳتي وڌائي وئي آهي. جنهن جا ڪجهه بنيادي سبب ٻڌايا پيا وڃن، جنهن ۾ وزيراعظم جو چين جو سرڪاري دورو جيڪو 4 جون کان 8 جون 2026 تائين آهي، ان سان گڏوگڏ آءِ ايم ايف کان نئين بيل آئوٽ پئڪيج لاءِ شرطن ۽ بجيٽ جي هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان مشاورت جاري آهي، جنهن کي بجيٽ دستاويزن ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. گڏوگڏ اها خبر به تيزي سان گردش ڪري رهي آهي ته پيپلزپارٽي جا وفاقي بجيٽ ۽ حڪومتي پاليسين تي ڪجهه بنيادي ۽ سخت اعتراض آهن جن تي مسلم ليگ (ن) سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. پ پ جو اعتراض آهي ته سنڌ کي نظر انداز ڪري پنجاب کي ترجيح ڏني وئي آهي. ان کان علاوه بجيٽ جا هدف ۽ ٽيڪس تجويزون تيار ڪرڻ وقت حڪومت کين اعتماد ۾ نه ورتو. جڏهن ته پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ پ پ آءِ ايم ايف جي شرطن تي پگهاردار طبقي ۽ عام ماڻهو تي نون ٽيڪسن ۾ واڌ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان تي به تحفظات ڏيکاريا آهن، ڇو ته ان سان عوام تي بار پوندو. شروع کان وٺي پنجاب ۾ پ پ اڳواڻن کي انتظامي عهدن ۽ پاور شيئرنگ جي حوالي سان به شڪايتون آهن، جن کي هو بجيٽ سان مشروط ڪري رهيا آهن، جنهن جي پٺيان مضبوط دليل به نظر اچن ٿا ته سياسي مصلحتون پڻ. پ پ جو اهو اعتراض ته سنڌ کي 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ اڃان تائين بحالي فنڊن جي ضرورت آهي، جيڪي وفاق نه ڏنا آهن. وفاق پنجاب جي وڏن منصوبن کي ترجيح ڏئي سنڌ کي نظر انداز ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته وفاقي حڪومت پ پ جي حمايت سان بيٺل آهي. ان سان صلاح مشورو نه ڪرڻ (ن) ليگ جي سياسي غلطي چئبي. سياست نالو ئي وقت سر مليل موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ آهي. پ پ لوهه گرم ڏسي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪجهه تجزيه نگار اهڙي وقت ۾ به پ پ مٿان تنقيد ڪري کيس دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
مسلم ليگ (ن) جو موقف آهي ته ملڪ اقتصادي بحران مان لنگهي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن نه مڃڻ سان هڪ ڀيرو ملڪ کي ڊيفالٽ جو خطرو درپيش ٿيندو. وفاقي حڪومت پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) تحت سنڌ جي ڪيترن ئي اهم منصوبن کي فنڊ ئي نه ڏنا آهن، جنهن ۾ خاص طور تي ڪراچي جي ڪي فور پاڻيءَ وارو منصوبو جيڪو وفاق جو اهم منصوبو آهي. ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جو بحران برقرار آهي ۽ ان جو ڏوهه سنڌ حڪومت کي ڏنو وڃي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو وفاق ان منصوبي کي پورو نٿو ڪرڻ چاهي ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ بدنام ٿيندي رهي. ان کان علاوه ڪراچي سرڪيولر ريلوي (KCR) جيڪو سي پيڪ ۾ شامل هو، ان تي اڃان تائين عمل نه ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ جي گندي پاڻيءَ جي نيڪاسي جو S-III منصوبو جنهن ۾ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪري سمنڊ ۾ ڇڏڻ جو منصوبو وفاق کي مڪمل ڪرڻو هو، ان لاءِ فنڊز فراهم نه ڪيا ويا آهن. 2022ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪا عالمي امداد ملي سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته وفاق سنڌ کي پنهنجو حصو نٿو ڏئي. سکر- حيدرآباد موٽروي ايم-6 جي پشاور کان ڪراچي موٽروي جو آخري ۽ سڀ کان اهم حصو آهي، جيڪو اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو. پ پ جو اعتراض آهي ته پنجاب ۾ موٽروي جو ڄار وڇايو ويو آهي، پر سنڌ جي هن اهم ترين موٽروي منصوبي کي ڪڏهن فنڊن جي گهٽتائي ته ڪڏهن ڪرپشن اسڪينڊل جو بهانو بڻائي رولڙي جو شڪار ڪيو ويو آهي.
ايم-9 سان گڏ انڊس هاءِ وي لنڪ روڊ ملير ايڪسپريس وي ۽ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي سان لاڳاپيل ڪجهه لنڪس تي به وفاق پنهنجا واعدا پورا ناهن ڪيا. سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبو هجڻ باوجود سوئي سدرن پاران سنڌ جي مقامي ڳوٺن ۽ صنعتي علائقن کي نوان ڪنيڪشن ۽ گئس فراهم نه پئي ڪئي وڃي. سنڌ جو عوام ان سڄي معاملي ۾ سنڌ حڪومت کي ڏوهاري قرار ڏئي ٿو جو سنڌ حڪومت وفاق کان حق وٺڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ان کان علاوه سنڌ حڪومت صوبائي بجيٽ جو به صحيح استعمال نه ڪري سگهي آهي ۽ عوام ان تي ڪيترائي سنجيده سوال اٿاري ٿو ته سنڌ جو ترقياتي بجيٽ مڪمل طور تي سنڌ ۾ نٿو لڳايو وڃي. نقاد ان ڳالهه جو به وڏي واڪي اظهار ڪن ٿا ته ڪراچي مان حاصل ڪيل ٽيڪس ڪراچي جي مٿان درست نموني سان نٿا لڳايا وڃن ۽ ٻين ضلعن کي به اها ترقي نصيب نٿي ٿئي جيڪو انهن جو حق آهي. هر سال تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو اعلان ڪيو ويندو آهي، پر نه ته سرڪاري اسڪولن جي حالتن ۾ بهتري نظر اچي ٿي، نه ٻارن جي اسڪول ۾ حاضري ۾ اضافو ٿئي ٿو، نه ئي اسڪول کان ٻاهر شاگردن کي اسڪولن تائين وٺي اچڻ جو ڪو بندوبست يا پلاننگ نظر اچي ٿي. سنڌ حڪومت صحت کاتي لاءِ وڏا دعويٰ ڪري ٿي، پر عوام جو چوڻ آهي ته کين بنيادي صحت مرڪزن تي جيڪي دوائون ملن ٿيون اهي ناقص هونديون آهن. نيب سنڌ جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽن ۾ ڪيترائي ڀيرا ترقياتي منصوبن ۾ وڏي پيماني تي مالي بي ترتيبن جي نشاندهي ڪئي آهي. سنڌ جي هر شهري جو اهو آواز آهي ته سنڌ جي بجيٽ کي ايمانداري سان سنڌ جي مٿان خرچ ڪري انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻايو وڃي، ادارن مان ڪرپشن جي سطح کي گهٽ ڪيو وڃي، تعليم ۽ صحت جي معاملي ۾ عوام کي ملندڙ غير معياري سهولتن کي معياري بڻايو وڃي، پر گڏوگڏ عوام جي اها به گهر آهي ته وفاق کي صوبن سان ٻي اکيائي نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ تمام وڏو حصو وفاق کي ٽيڪسن جي مد ۾ هر سال ادا ڪري ٿو. وفاق کي پنهنجن وڏن ۽ اهم منصوبن تي هڪدم فنڊز جاري ڪري مڪمل ڪرڻ جي ذميداري پوري ڪرڻ گهرجي. ڇو ته جڏهن وفاق پنهنجون ذميداريون پوريون نٿو ڪري ته ان سان عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ٿئي ٿو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟