وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن کي چونڊن ۾ سڌارن لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي
پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جنهن وٽ پورو نظام هلائڻ جي لاءِ 1973 جو آئين موجود آهي. آئين ئي چونڊن جي سڄي نظام جي رهنمائي ڪري ٿو، پر ان تي شفافيت سان عمل ٿيندي نظر نه ٿو اچي. ملڪ جي ترقي ۽ سياسي عمل جي پختگي تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن چونڊن ۾ شفافيت پيدا ٿيندي، پر تاريخ اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته پاڪستان ۾ جڏهن هڪ ڀيرو شفاف چونڊون ٿيون، ته ان کانپوءِ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي سڌارن جي لاءِ ڳالهيون جي ضرورت پيش آئي آهي. ڇو ته هن وقت حڪومت ۾ ويٺل پارٽي جي مٿان فارم 47 جو ڌٻو لڳل آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي چونڊن جي مٿان هميشه هڪڙو سواليه نشان رهي ٿو ۽ اها ڳالهه چئي وڃي ٿي ته عوام جنهن پارٽي جي لاءِ ووٽ وجهي ٿو، حڪومت ڪنهن ٻي پارٽي کي ملي ٿي. اليڪشن کانپوءِ بيلٽ باڪس تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ نظام جي مٿان سوال اٿندا رهن ٿا. اصل ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني سياست ۾ چونڊن جو نظام ٽيڪنيڪل يا قانوني کان وڌيڪ “سياسي نيت” ۽ اعتماد جي کوٽ سبب ڪمزور ٿي چڪو آهي. حڪومت ۾ ويٺل پارٽي ان نظام مان فائدو وٺي ٿي ۽ اپوزيشن سڌارن ڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻ بدران نظام کي ئي رد ڪرڻ تائين محدود رهي ٿي، جنهن جو فائدو وري ڪا غير سياسي قوتون حاصل ڪن ٿيون. جڏهن سياستدان هڪ ئي ميز تي ويهي صبر ۽ برداشت سان سياست ڪندا ۽ پارليامينٽ جو مان رکندا. تڏهن ئي انهن قوتن کي پٺتي ڌڪي سگهجي ٿو. چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ هميشه انجنيئرڊ نتيجا ڏٺا ويا آهن. جنهن سبب عوام جو پنهنجي نظام تان چاهي اهو عدالتي، انتظامي يا چونڊن جو نظام هجي. هر جاءِ تان اعتبار کڄي ويو آهي ۽ عوام ان سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ کي غير ضروري سمجهي ٿو.
جيسيتائين عوام آڏو ڪنهن به نظام جو احترام قائم نه ٿيندو. تيستائين ان نظام کي ڪڏهن به ڪاميابيءَ سان هلائي نه سگهبو. عوام جي خواهش آهي ته اهو جنهن پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ ويهڻ جي سگهه ڏئي ٿو، ان کي ئي اقتدار ملڻ گهرجي ۽ ٻين پارٽين کي اپوزيشن ۾ ويهي پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪرڻ گهرجي. جيئن ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، جنهن جي سربراهه جي چونڊ وزيراعظم ۽ اپوزيشن جي گڏيل اعتماد سان ٿيڻ گهرجي. جنهن ۾ غير سياسي قوتن جو عمل دخل جيتري حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو گهٽايو وڃي ۽ ملڪ جي هر نئين چونڊن کان اڳ سياستدانن کي گڏجي مفاهمت پيدا ڪري چونڊن جي نظام کي وڌيڪ طاقتور ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. اليڪشن ڪميشن خودمختيار اداري جي باوجود اسان وٽ هڪ مالي ۽ ادارتي مجبورين تحت هلندڙ ادارو آهي. جڏهن ملڪ جو سياسي ڍانچو ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ادارو عملي طور مجبورين جو شڪار هجي ته ان مان سٺي ڪارڪردگي جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. ڪيترائي ملڪ هن وقت چونڊن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري وڌ کان وڌ EVM مشينن ذريعي ووٽنگ جو نظام رائج ڪري چڪا آهن، پر اسان اڃا انهن سڌارن کان پري آهيون. جڏهن سڌارن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته اميد آهي ته چئني صوبن ۾ مردمشماري به درست نموني سان ڪرائي ويندي، ڇو ته هن وقت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مردمشماري به هڪ متنازعه مسئلو بڻيل آهي. سٺي ڳالهه آهي ته وزيراعظم اپوزيشن کي گڏ ويهڻ لاءِ دعوت ڏني آهي، ڇو ته اپوزيشن پنهنجو آخري طاقتور مورچو خيبرپختونخواهه به وڃائي هٿ ڇنڊي پارليامينٽ ۾ ويٺي آهي. اها پارٽي جيڪا حڪومت کي فارم 47 جو طعنو هڻي رهي هئي، ان وٽ هينئر حڪومت سان گڏ ويهڻ کانسواءِ ۽ چونڊن ۾ اصلاحات ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به نه آهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اپوزيشن جي ليڊر محمود خان اچڪزئي پارليامينٽ کي حقيقي طاقت جو سرچشمو بنائڻ لاءِ سياستدانن کي گڏجي ويهڻ تي زور ڏنو آهي، جنهن مان اشارو ملي رهيو آهي ته اپوزيشن حڪومت سان گڏجي چونڊن ۾ سڌارن لاءِ حصو وٺندي. سياسي پارٽين کي پنهنجو بيانيو ٺاهڻ جي لاءِ فارم 47 جي حڪومت جهڙا پيغام پنهنجي عوام يا ڪارڪنن کي ڏيڻا پوندا آهن، پر حقيقت ۾ سياست ۾ گڏجي ويهڻ، اڳتي ڏسڻ ۽ سڌارا آڻڻ کانسواءِ نظام کي هلائڻ جي لاءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي. اڄ جا ڪيل سڌارا مستقبل جي ٻين سڌارن جي لاءِ بنياد پيدا ڪندا. ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ وچ ۾ تاريخي جهيڙو گهٽ ٿيو، پر پي ٽي آئي 2013 وارين چونڊن کي “35 پنڪچر” ۽ ڌانڌلي چئي سخت احتجاج ڪيو ته گڏوگڏ پي ٽي آئي اليڪٽورل ريفارمز ڪميٽيءَ ۾ به ويٺي هئي، جنهن جي تحت اليڪشن ايڪٽ 2017 پاس ٿيو هو. ڏسجي ته حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي چونڊن جي نظام ۾ ڪهڙي شفافيت پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا سڌارا آڻين ٿيون.
اصل ڳالهه اها آهي ته پارليامينٽ ۾ ويٺل ميمبرن جا سڌارا مسئلي جو حل نه آهن، پر اهي سڌارا شروعاتي بنياد جو پٿر ضرور فراهم ڪري سگهن ٿا. اسانجي سياسي قيادت کي جنهن بلوغت جي ضرورت آهي ان جي اڃا تائين کوٽ آهي. اسان سياستدانن جي هٿان جمهوريت ڪمزور ٿيندي ڏسندا آيا آهيون، پر ان هوندي به چونڊن جو نظام ميڪ اپ ذريعي سڌاريو وڃي تڏهن به ظاهري طور تي دنيا جي اڳيان يا دنيا جي عالمي مالياتي ادارن جي اڳيان ملڪ جي ڪجهه فيس سيونگ ضرور ٿيندي. اسرائيل جي چونڊن جي نتيجي کانپوءِ دنيا جا مبصر ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيا آهن ته اهي چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون آهن. اسان کي به انتظار آهي ته ملڪ ۾ ڪڏهن اهي سڌارا حقيقي روپ ڌاريندا ڪاغذن مان نڪري عملي سياست ۾ نظر ايندا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟